تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… ڪراچي جي معاملي تي سنڌ حڪومت کي پوئتي نه هٽڻ گهرجي، ڪاميٽي نه ٺاهڻ واري ڳالهه کي بهتر سمجهون ٿا: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته “ڪراچي بابت اڃا تائين ڪا به ڪاميٽي نه جڙي آهي” وزيراعليٰ مراد علي شاهه جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وزيراعليٰ مراد شاهه جي ان بيان جي آجيان ڪجي ٿي ته ڪراچي جي حوالي سان ڪا به ڪاميٽي نه جڙي آھي، ڪراچي سنڌ جي گادي جو ھند آھي، ڪاميٽي ٺاھي ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ وارين ڪوششن کي ڪڏهن به قبول نه ڪرڻ گهرجي. ڪراچي جي معاملي تي سنڌ حڪومت کي ڪڏهن به پوئتي نه هٽڻ گهرجي. جڏهن ته پريس ڪانفرنس سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ نه ڏينداسين، سنڌ جو ورهاڱو پاڪستان جي ورهاست آهي، ڪڏهن به ڪراچي کي وفاق حوالي نه ڪنداسين، ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙن آڏو ڄمي مقابلو ڪنداسين، ٻي ڪنهن به سياسي جماعت کي نمائندگي نه ڏني ويندي، هن وفاق ۽ سنڌ حڪومت ۾ ڪراچي لاءِ گڏيل ڪميٽي جوڙڻ تي ڳالهيون جاري رهڻ جي تصديق پڻ ڪئي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاق سان ڪوبه معاهدو ناهي ٿيو ۽ نه ئي ڪاميٽي جوڙي وئي آهي،ڪراچي لاءِ وفاق ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ سهولتڪاري لاءِ ڪاميٽي ٺهي سگهي ٿي،سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عطاءُالرحمان لکيو ته ڪراچي سنڌ جو حصو آهي ۽ رهندي، اميد آهي ته وزيراعليٰ سنڌ پنهنجي ان بيان تي عمل ڪند، زبير احمد لکيو ته وزيراعليٰ مراد شاهه هڪ زميوار شخصيت آهي سندس جي بيان جي پٺيان ضرور ڪا سچائي هوندي ڪراچي بابت اڃا تائين ڪا به ڪاميٽي نه جڙي آهي ان ڳالهه ۾ صداقت آهي پر جيڪڏهن ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪيو ويو ۽ پيپلز پارٽي ڪنهن به قسم جي ڊيل ڪري اهڙو ڪو ڪردار ادا ڪيو ته سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي کان ناراض ٿي ويندو، شنڪر باغي لکيو ته پيپلزپارٽي جا اڳواڻ هن اشو تي سنڌ ۾ اعتماد وڃائي چڪا آھن، هي ڪرسي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، گذريل پ پ دور ۾ انهن پاڻ ٻٽو نظام لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جيڪو سنڌي عوام جي مزاحمت کانپوءِ واپس وٺڻو پيو , هينئر به سنڌ جي ماڻهن جو ردعمل ڏسي ڪري يوٽرن ورتو ويو آهي، الهڏنو راهمون لکيو ته ڪاميٽي نه جڙي آھي وڏو وزير مراد شاھ صحيح ٿو چوي، سنڌ جي وجود کي نقصان پيپلز پارٽي ڪڏهن به نه چاهيندي، ڪراچي سنڌ جي دل آھي. وفاقي حڪومت فروغ نسيم جي ٺاھيل پاليسي تي ھلي ملڪ کي نقصان رسائيندي. جرئت علي چانڊيو لکيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آھي، ڪراچي سنڌ آهي، هڪ سازش تحت سنڌ جي دل ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جون ڳالهيون ھلي رھيون آهن، ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ٿيڻ ڪڏھن به نه ڏينداسين. رفيق احمد لکيو ته ڪراچي ڪنهن جي جاگير ناھي جو ونڊي ورهائي کائن، ڪراچي سنڌ جي سونھن آھي، سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ڪراچي جي معاملي تي پوئتي نه هٽي، محبتي مڪيش لکيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي، سنڌ جي ليڊرن کي گهرجي ته ھو سنڌ کي پنهنجا حق وٺي ڏين، باقي ڪراچي سنڌ آهي سنڌ ٿي رھندي ڀلي ڪھڙو به حڪمران بيان ڏين. حاڪم علي لکيو ته پ پ مفاد پرست جماعت بنجي چڪي آھي پ پ مان عوامي ڀلائي جي اميد ڪرڻ معنيٰ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آھي. عبدالوهاب ڪنڀر لکيو ته هميشه ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن پر سنڌي ماڻهو ڪڏهن به اهڙو عمل قبول نه ڪندا. خادم گهراڻو لکيو ته ڪراچي سنڌ جو حصو آهي گادي جو هنڌ به آهي اڄوڪو بيان ڪراچي وفاق کي نه ڏينداسين اهو عملي طور پورو ڪيو، ڪاميٽي اڃا نه ٺهي اها ڪاميٽي ٺاهي وڃي سنڌ جي گادي جي هنڌ کي خودمختيار ڪيو وڃي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته ڪراچي سنڌ جي دل ۽ سونهن آهي، علي گل دايو لکيو ته ڪراچي سنڌ جي سونھن آھي سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ڪراچي جي معاملي تي پوئتي نه هٽي، عاقب نظاماڻي لکيو ته مراد علي شاهه بلڪل صحيح ٿو چئي، گل حسن شر لکيو ته ايتري سستي ڇو ٿي ڪئي وڃي، مسئلن کي حل ڪيو وڃي، ظفر حسين رند لکيو ته وزيراعلي جو بيان درست آھي ۽ هئڻ گهرجي، ڪاميٽي ٺاهي ڪراچي وفاق حوالي نه ڪنداسين، ڪراچي سنڌ جي دل آھي ۽ اسان سنڌي سنڌ تي وار ڪڏهن به برداشت نه ڪنداسين . مزمل قادري لکيو ته وزيراعلي جو بيان ته بھتر آھي پر ان بيان کي عملي طريقي سان پورو ڪري، سنڌ جي دل ڪراچي کي ورھائڻ واري سنڌ دشمن قدم کي مسترد ڪري. راشد مراد چانڊيو لکيو ته ڪاميٽي نه جڙي آھي وڏي وزير جو اهڙو بيان بلڪل درست آهي، ڪراچي سنڌ جي گادي جو ھند آھي، ڪاميٽي ٺاھي ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ وارين ڪوششن کي ڪڏهن به قبول نه ڪرڻ گهرجي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *