تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… ڪراچي جو نظام ڪاميٽي حوالي ڪرڻ سنڌ جي مينڊيٽ جي توهين آهي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪراچي جي ترقياتي منصوبن بابت پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي عوام جي راءِ ورهايل رهي ڪجهه ماڻهن گڏجي ڪم ڪرڻ واري عمل جي آجيان ڪئي ته ڪجهه ماڻهن وري گڏجڻ جي مخالفت پڻ ڪئي. ٽنهي پارٽين جي گڏجي ڪم ڪرڻ بابت جوڙيل ڪاميٽي بابت چيو ويو ته ڪراچي جو نظام ڪاميٽي حوالي ڪرڻ سنڌ جي عوام پاران ڏنل مينڊيٽ جي توهين آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عطاءُالرحمان قادري لکيو ته انهن پارٽين جو گڏ ٿيڻ سٺو عمل آهي پر هر پارٽي پنهنجي فائدي لاءِ اتفاق ڪيو آهي، جيئن گڏجي ڪري ڪجهه کائي سگهن ڪراچي جي حوالي سان اهي سچا ناهن. عاشق حسين لکيو ته ڪراچي جي عوام لاءِ بھترين فيصلو آھي ان سان عوام کي فائدو ملندو، لطف سنڌي لکيو ته هڪ سڪي جا 2 پاسا آهن، بلاول پاران وفاق خلاف هر ضلعي ۾ احتجاج جا سڏ ڏنو ويو، صوبائي حڪومت جي ڳٺ جوڙ ڪري رهي آهي اهو سڄو ڊرامو آهي، سنڌ ۾ ٻٽي نظام کان وٺي هن محل تائين پيپلزپارٽي سنڌ سان زيادتي ڪئي آهي هنن هميشه سنڌ جي عوام کي بيوقوف بڻايو آهي، نياز سومرو لکيو ته ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ واري عارضي شوشي جي پڄاڻي ٿي. انهن ٽنھي پارٽين ۾ بجيٽ ھڙپ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن جنهن تي اهي وڙهي رهيا آهن هاڻي حصو پتي مقرر ڪندا، عبدالله جروار لکيو ته سڀني ونڊي ورڇي کائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شنڪر باغي لکيو ته هن کان اڳ ۾ سڀني هڪٻئي تي الزام پئي هنيا هاڻي شايد پنجاهه سيڪڙو ڪم ڪندا ۽ پنجاهه سيڪڙو حصو کڻندا ، محبتي مڪيش لکيو ته سڀ مال کائڻ جي چڪر ۾ آهن، رحمت الله ميراڻي لکيو ته ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ پارٽين جو گڏجي ڪم ڪرڻ بھترين عمل آھي، ڪراچي جي عوام کي سھولتون ڏيڻ انھن پارٽين جو فرض آھي، اظهار الحق لکيو ته لڳي نٿو ته ڪو عوام جي ڀلائي ۾ ڪو ڪم ٿيندو، نوشاد خاصخيلي لکيو ته خدا ڪري ٽنهي پارٽيز جي نيت ۾ خلل نه هجي ۽ سچائي سان ڪراچي جي حقيقي ترقي جي نيت هجي ته اهو هڪ معجزو هوندو باقي ته اها ڪراچي شھر ۽ عوام سان ”سياست“ ئي آھي، منير پنهور لکيو ته وري انهن ۾ اختلاف ٿيندا، امير حسين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، راسومل لکيو ته ڪراچي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا اهو سٺو عمل آهي، خادم گهراڻو لکيو ته اهو هڪ بهترين عمل آهي جنهن سان ڪراچي صاف سٿري ٿيندي پر اڳتي ائين نه ٿئي جو بجيٽ به خرچ ڏيکاري وڃي ۽ ڪم به نه ٿين، گل حسن شر لکيو ته گڏجي ڪم ڪندا ته پوءِ گوڙ ڪرڻ وارو ڪير نه هوندو ان ڪري گڏ ٿيا آهن، ظفر حسين رند لکيو ته تمام بهترين فيصلو آھي ڪراچي عوام کي فائدو ٿيندو.سڪندر بلوچ لکيو ته ٽنھي پارٽين پاران گڏجي ڪم ڪرڻ وارو فيصلو ساراھه جوڳو آھي ۽ اميد ڪريون ٿا ته ڪراچي جي عوام کي ڪو سٺو رليف ملندو.علي گل دايو لکيو ته ان سان ڪراچي ۾ بهتري ايندي. ان کانسواءِ سوشل ميڊيا تي پڻ ان معاملي تي بحث هلندو رهيو، ماجد سنديلو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي معاملي تي وفاق آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن هر فيصلو اکيون ٻوٽي قبول ڪندي، گلشن لغاري لکيو ته پ پ کي ايم ڪيو ايم وانگر هر صورت ۾ اقتدار کپي، آخر ڀوتارن جو پيٽ ڪيئن ڀرجندو؟، دستگير ڀٽي هڪ پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي لکيو ته بلاول ۽ مراد علي شاهه رڳو ماڻهن کي بيوقوف ٺاهڻ لاءِ ٺلها بيان ڏنا ته “ڪراچيء تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين. پنهنجي حياتي گھوري شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اصولن تي ھلنداسين پر سنڌ جي گاديءَ جو سودو نه ڪنداسين. انيلا رفيق لکيو ته ڪراچي معاملي تي پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ٺاهه کي رد ڪريون ٿا، ڪراچي جي انتظامي اختيارن بابت جوڙيل ڪاميٽي ۽ ٿيل ٺاهه جا مڪمل تفصيل ظاهر ڪيا وڃن. دلشاد ڀٽو لکيو ته ڪاميٽي ٺهي وئي ته پوءِ 18هين ترميم ڪيڏانهن وئي؟ ذوالفقار واهوچو لکيو ته پ پ پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ عملي طور معاهدي تحت ڪراچي وفاق حوالي ڪري ڇڏي آهي، مجاهد شاهه لکيو ته پيپلزپارٽي حڪمراني جو اخلاقي جواز وڃائي چڪي آهي، ڪراچي جو نظام ڪاميٽي حوالي ڪرڻ سنڌ جي عوام پاران ڏنل مينڊيٽ جي توهين آهي. سعيد گوپانگ لکيو ته پي پي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جو ٺاهه ٿيو آهي اهي سدائين هڪٻئي جو ساٿ ڏيندا رهيا آهن، سنڌي عوام سدائين سازشون مٽي ۾ ملايون آهنم فخر ابڙو لکيو ته اوهان درست چئي رهيا آهيو. مير ڪولاچي لکيو ته اڳ ۾ ڀلا ڪڏهن انهن انڪار ڪيو آهي قانونسازي هجي يا سينيٽ جون چونڊون هجن هر هنڌ گڏ رهيا آهن. دليپ ڪمار لکيو ته پ پ کي هاڻي وفاق فنڊ به جاري ڪندو، مهر صفي الله لکيو ته اهڙو ٺاهه منظور ناهي. حبيب الله وساڻ لکيو ته هتي سڀ اقتدار جا بکيا آهن، سنڌ سان ڪنهن به پارٽي کي پيار ناهي سڀ پنهنجي مفادن خاطر سياست ڪري رهيا آهن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *