تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… ڪا به معدنيات پيدوا ڪندڙ صوبي جو ان تي پهريون حق تسليم نه ڪرڻ غيرآئيني عمل آهي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪا به معدنيات پيداوار ڏيندڙ صوبي جو ان تي پهريون حق نه مڃڻ واري وفاق جي عمل کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاق جو اهو عمل انتهائي غلط آهي، جيڪو به صوبو تيل ۽ گيس پيدا ڪري ٿو ان تي پهريون حق ان صوبي جو تسليم ڪرڻ گهرجي، آئين به اهو ئي چوي ٿو. واضح رهي ته وفاقي حڪومت گيس پيداوار ڏيندڙ صوبن جو گيس تي پهريون حق تسليم ڪرڻ بدران ان مامري کي سي سي آءِ ۾ کڻي وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تي سنڌ ۽ بلوچستان جي ميمبرن احتجاج ڪيو آهي، سسئي پليجو جو چوڻ هو ته آئين ۾ واضح طور لکيل آھي ته گيس پيداوار ڏيندڙ صوبي جو ان جي استعمال تي پهريون حق آھي، بلوچستان جي مير ڪبير چيو ته آئين جي آرٽيڪل 158 ۽ 172 تي عملدرآمد ڪيو وڃي سنڌ ۽ بلوچستان مان گيس نڪري ٿي اتان جي عوام کي نه ملندي ته احساس محرومي وڌندي. توانائي جي وفاقي وزير عمر ايوب دعويٰ ڪندي چيو ته سنڌ مان نڪرندڙ گيس مان هڪ ارب 56 ڪروڙ معڪب فٽ گيس روزانو سنڌ ۾ ئي استعمال ٿي رهي آھي ايندڙ سال تائين سنڌ صوبي وٽ به ڪنهن کي گيس ڏيڻ لاءِ نه هوندي سنڌ جي گيس پنهنجي ضرورت لاءِ به ڪافي نه هوندي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي نوشاد خاصخيلي لکيو ته معدنيات هجي يا ڪا به ٻي پيداوار ان تي پهريون آئيني اصولي ۽ فطري طور حق مقامي آبادي جو هوندو آھي، وفاق ان اصول کي نظرانداز ڪري صوبن سان ناجائزي ڪري رهيو آهي، وفاق جو اهو عمل بلڪل غلط آهي. رفيق احمد لکيو ته دنيا جي ڪنھن به علائقي مان معدنيات نڪرندي آھي اھا اتان جي عوام جي ملڪيت ھوندي آھي پر اسان وٽ ڪم ئي ابتو آهي، ھتي اتان جي عوام کي ان جي گھرج جيترو به حصو نه ٿو ملي، وفاقي حڪومت جو اھڙو فيصلو آئين جي خلاف آهي. سڪندر باغي لکيو ته اهو عمل ڏاڍائي ۾ شامل ٿئي ٿو، هتي آئين آھي قانون آھي، وفاق کي قانون ۽ آئين جيڪو چوي ٿو ان تي عمل ڪرڻ گهرجي. احمد شير کوکر لکيو ته معدنياتي پيداوار ڏيندڙ صوبن جو اولين حق آھي.اھيو حق نه ڏيندڙ وفاق سراسر غلط ڪري رهيو آھي. ديدار بلوچ لکيو ته معدنيات پيدا ڪندڙ صوبن جو پهريون حق هوندو آهي جيڪو نه ڏيڻ ڌاڙو آهي، 18ترميم جي خلاف ورزي ڪئي وڃي پئي، الهڏنو راهمون لکيو ته احساس محرومي صوبن جي حق تلافين سبب وجود ۾ اچن ٿيون. امداد علي لکيو ته حڪومت عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ اهو سڀ ڊرامو ڪري رهي آهي، جڏهن ملڪ ۾ پ پ جي حڪومت هئي ته ان هن معاملي ۾ ڪجهه ڇو نه ڪيو؟ عبدالعزيز لکيو ته اسان جا حق وڏيرا ڀوتار ء سردار کايو ٿا وڃن صوبن ۽ وفاق ۾ اهي ساڳيا سردار، وڏيرا ڀوتار ويٺا آهن جيڪي حق کائي رهيا آهن. عاقب نظاماڻي لکيو ته پهريون حق ان صوبي جو آهي وفاق کي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي، عاشق دايو لکيو ته پهريون حق تسليم نه ڪرڻ اھا سراسر ناانصافي آھي، جتان معدنيات نڪري ان تي ان صوبي جو پھريون بنيادي حق آھي، گل حسن شر لکيو ته صوبن جو پهريون حق تسليم نه ڪرڻ غلط عمل آهي، مقصود چانڊيو لکيو ته صوبن جو پهريون حق تسليم ڪرڻ گهرجي، سڪندر بلوچ لکيو ته وفاق ھميشه صوبن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رکيو آھي جڏھن ته معدنيات گئس جنھن صوبي مان نڪري پھريان ان جو حق آھي، وفاق ان آئيني حق جي لتاڙ نه ڪري، مزمل قادري لکيو ته نھايت ئي غلط عمل آھي اسان جي سنڌ مان پوري ملڪ کان وڌ معدنيات نڪري ٿي پوءِ اسان کي پنھنجي ضرورت جيترو به حق نٿو ڏنو وڃي. راشد مراد چانڊيو لکيو ته پيداوار تي پهريون حق تسليم نه ڪرڻ سراسر ناانصافي آھي، سنڌ پوري ملڪ کان وڌيڪ معدنيات پيدا ڪندڙ صوبو آهي ان کي ضرورت جيترو حصو ضرور ڏنو وڃي، عادل الاهي بخش لکيو ته صوبن کي حق نه ڏيڻ نا انصافي آهي وفاق هميشه سنڌ کي نظر انداز ڪندو رهيو آھي، محبتي مڪيش جيپال لکيو ته اھا سراسر ناانصافي آھي ته جتان معدنيات نڪري ٿي ان علائقي کي پهريان حق نه ڏنو وڃي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *