تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… ڪاڇي ۾ ٻوڏ متاثرن کي کاڌو ڏيڻ بدران اڇلائيندڙ عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪاڇي ۾ ٻوڏ متاثر بک ۾ بيحال ٿي رهيا آهن ۽ انتظاميا کاڌو رستن تي اڇلائي ڇڏيو. ان عمل کي اوهان ڪئين ٿا ڏسو جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته دادو انتظاميا ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن لاءِ آندل ماني ۽ برياني جا پيڪٽ متاثرن کي ڏيڻ بدران اڇلائي ڇڏيا، انتظاميا تيار ڪرايل کاڌي جا سوين پيڪٽ جوهي-واهي پانڌي باءِ پاس تي اڇلايا آهن، جڏهن ته ڪاڇي جي ڳوٺن ۾ڦاٿل ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن، انتظاميا کاڌو زيان ڪري ڇڏيو، متاثر دانهون ڪن پيا ته اسان وٽ کاڌو پهچايو وڃي، بک تي ويٺل آهيون. کاڌو اڇلائيندڙ عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، متاثرن تائين کاڌو پهچايو وڃي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي وفا مختيار جمالي لکيو ته کاڌو اڇلائڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي انتظاميه خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪريون ٿا، ھونئن به ھميشه آفت سٽيل سنڌ جي غريب عوام جو راشن يا ته کاڌو ويندو آھي يا وري اڇلايو ويندو آھي،ھن ڀيري پاڻ نه کاڌائون ته متاثرن کي به کائڻ نه ڏنئون.رفيق احمد لکيو ته مٿان کان ھيٺان تائين سڀ ڪم چور آھن،ـ انھن کي غريبن جو ڪو به خيال نه ھوندو آھي، هن وقت متاثر مدد لاءِ واجهائي رهيا آهن. رحمت الله ميراڻي لکيو ته برسات متاثرين جي ھر ممڪن مدد ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آھي۔ کاڌو اڇلائڻ سٺو عمل نه آھي، متاثر ماڻھن جي عزت و نفس جو خيال ڪندي کائڻ پيئڻ جون شيون مستحق ماڻھن کي ھٿن ۾ ڏيڻ بھترين عمل آھي، کاڌ خوراڪ کانسواءِ ٻيو ھر گھربل سامان متاثر ماڻھن ۽ ڳوٺن تائين پھچائڻ گھرجي، متاثر ڳوٺاڻن کي پاڻي کان ٻاھر ڪنھن محفوظ ھنڌ تي منتقل ڪيو وڃي، ڳوٺن مان پاڻي جي نيڪال جو پڻ بندوبست ڪرڻ گھرجي، صحت جو خيال رکندي، علائقن ۾ ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون وڃن، عادل الاهي بخش لکيو ته کاڌو يا من پسندن کي ملندو يا ائين ئي زيان ڪيو ويندو آھي مستحق کي ڪڏهن به نه ملي سگهندو آهي ۽ اهي ائين بکون ڪاٽيندا آهن، رضا شاهه لکيو ته اھيو انتهائي غلط عمل آهي بک ۽ بدحالي ۾ ويٺل انسانن جو احترام رياست ۽ انهن جي انتظاميا تي آهي ته انهن سان عزت سان پيش اچن ۽ عزت سان انهن کي راشن پهچايو وڃي، علي مراد لاشاري لکيو ته کاڌ خوراڪ جو سامان متاثرين کي هٿو هٿ ڏيڻ بدران روڊن رستن تي اڇلائڻ وارو عمل نهايت غلط عمل آھي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته جڏهن ماڻھون ٻوڏ جي مصيبت ۾ گهيريل مشڪلات ۽ پريشانين جي عالم ۾ مدد لاءِ ٻاڏائي رهيا هجن ۽ انهن جي بک اجهائڻ لاءِ ڪٿان راشن اچي ته انتظاميا کين ورهائي ڏيڻ بجاءِ رستن تي اڇلائي ڇڏي ته ان کان وڌيڪ دل ڏکائيندڙ الميو ڪهڙو هوندو، ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي.راسو مل لکيو ته هي راشن خدارا متاثرن کي ته عزت سان پهچايو وڃي. محبتي مڪيش جيپال لکيو ته روڊن رستن تي راشن اڇلائڻ غلط عمل آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي راشن ڏيو نه ٿا اڇلائي ضايع به نه ڪريو، عبدالوهاب ڪنڀر لکيو ته حڪومت هميشه اهڙا ئي ڪم ڪيا آهن صرف غريبن کي آسري ۾ رکيو ويو آهي، مسرور شر لکيو ته انتھائي غلط عمل ڪيو ويو آهي متاثرن کي فوري طور کاڌي پيتي جو سامان ڏنو وڃي. زوهيب جيهو لکيو ته انتظاميا جي اهڙي عمل تي افسوس ٿيو، اسانجا حڪمران ڪڏھن وطن ڪارڊ ته ڪڏھن انڪم سپورٽ ته ڪڏھن ٻئي طريقي سان مظلوم عوام جي تذليل ڪرڻ ۾ پورا آھن ھڪ پاسي ڪاڇي جي برسات متاثرين سان ڪلور ٿي رھيا آھن ۽ ٻئي پاسي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت رڳو ڪراچي ڪراچي جا راڳ آلاپي رھيون آھن.مظفر بوزدار لکيو ته روڊن رستن تي راشن اڇلائڻ غلط عمل آهي اعلي اختيارين کي پاڻ سامان ورهائڻ گهرجي، امير حسين لکيو ته متاثرن کي کاڌو ڏيڻ گهرجي، ايم بي قادري لکيو ته کاڌو اڇلائڻ غلط عمل آهي ڪاروائي ڪري ذميوارن کي سزا ڏني وڃي اھڙن ماڻھن کي شرم اچڻ گھرجي، اھڙي صورتحال ۾ جڏھن ڪاڇي جو عوام حڪومت جي مدد جو منتظر آھي. پوءِ به کاڌو اڇلڻ شرمناڪ عمل آھي عرفان علي لکيو ته ماڻهن کي کاڌو ڏيڻ بدران اڇلائڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. راشد مراد چانڊيو لکيو ته ،تاثر ماڻھن تائين کاڌو پاڻ وڃي ڪري پهچائڻ گهرجي ھا، نااھل قسم جي انتظاميا پيٽرول بچائڻ خاطر کاڌو رستي ۾ اڇلايو ھوندو!. صفدر چانڊيو لکيو ته سنڌ جا سور هاڻ ناسور بڻجي ويا آھن کاڌو اڇلائڻ مذمت جوڳو عمل آھي، سون جي تعداد ۾ اسان وٽ اين جي اوز ڪم پيون ڪن اهي هن وقت ڪٿي گم آھن؟ جڏھن کين انگ اکر گڏ ڪرڻا هوندا اٿن ته ٻھراڙين جو رخ ڪندا آھن، متاثرن تائين کاڌي پيتي جو سامان پهچايو وڃي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *