تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… ”ڪالاباغ ڊيم نامنظور“ سنڌ جي عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت پاران ڪالاباغ ڊيم ۽ اکوڙي ڊيم ٺاهڻ جون ڪوششون جاري آهن ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاقي حڪومت مئل گهوڙي ڪالاباغ ڊيم ۽ اکوڙي ڊيم کي جياري رهي آهي، جنهن ڪري ئي ٻنهي تڪراري ڊيمن کي اڏاوتي منصوبن ۾ شامل ڪيو آهي جڏهن ته ڪالاباغ ڊيم کي ٽن صوبن جون اسيمبليون رد ڪري چڪيون آهن. ڪالاباغ ڊيم منظور ناهي، سنڌ جي عوام اڳ به ڀرپور ردعمل ڏيکاريو هو هاڻ به جيڪڏهن وفاقي حڪومت پنهنجي فيصلي تي نظرثاني نه ڪئي ته سنڌ جو عوام ڪالاباغ ڊيم خلاف ڀرپور تحريڪ هلائيندو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي صفدر چانڊيو لکيو ته ڪالا باغ ڊيم کي اسان سنڌي ڪارو نانگ سڏيندا آھيون جيڪو اسان جي معصوم ٻچڙن جو گرهه به ڳڙڪائي ويندوپر اها به حقيقت آھي ٻين اشوز تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ ڪالا باغ ڊيم اشو اٿاريو ويندوآھي، عبدالحڪيم لغاري لکيو ته اسان ڪالاباغ کي ٺاھڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، سڪندر بلوچ لکيو ته سنڌ ھميشه جيان ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪيو آھي ۽ ان کي سنڌ اسيمبلي به رد ڪري چڪي آھي سنڌين ھميشه ڪالاباغ ڊئم جي مخالفت ڪئي آھي اھو سنڌ دشمن منصوبو آھي ان کي ڪڏھن به قبول نه ڪيو ويندو. احسان اسد شر لکيو ته افسوس آهي جيڪو ٽن صوبن فيصلو رد ڪيو آهي صرف پنجاب کي راضي ڪرڻ لاءِ اهو ڪالاباغ ڊيم منصوبو اڏيو پيو وڃي، خيرمحمد ڇٽولکيو ته انهن جون ڪوششون ھميشھ ناڪام ٿي چڪيون آهن ۽ ھيئر به ناڪام ويندا، عتيق الرحمان لاکو لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو. اهي سڀ سياسي چالون آهن، راسومل لکيو ته هي ڪالاباغ هر گز نه ٺهندو ٽن صوبن جو عوام رد ڪري چڪو آهي، ڪالاباغ نامنظور، مظفر بوزدار لکيو ته ڪالاباغ ڊيم اسان سنڌين جي لاءِ گار برابر آهي وفاق کي سنڌ جي حقن تي ڌاڙا نه هڻڻ گهرجن، عادل الاهي بخش لکيو ته هميشه جيان سنڌ جي عوام ان فيصلي کي رد ڪيو آھي، مهاوير واسو لکيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي ڀرپور مخالفت ڪريون ٿا، مزمل جان لکيو ته اسان ھميشه جيان ھن وقت به ڪالاباغ ڊيم جي ڀرپور مخالفت ڪريون ٿا. حبيب الله جمالي لکيو ته سنڌي قوم اهڙي ڪنهن به ڊيم کي قبول نه ڪندي جيڪو سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ لاءِ ٺاهيو وڃي، شبير سهتو لکيو ته هي هڪ مئل گهوڙو آھي هن کي هروڀرو زنده ڪيو پيو وڃي، ڊيم صرف سنڌين جي لاش تي ٺهي سگهي ٿو، محبوب نبي ڀٽي لکيو ته ڪالاباغ ڊيم ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو، وفاق پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪري اهڙن فيصلن سان ملڪ کي نقصان پهچندو، عبدالودود سنڌي لکيو ته وفاقي سرڪار سنڌ دشمن پاليسين تي لھي آئي آهي ھن وقت ڪالاباغ ڊيم لاءِ ٿيندڙ ڪوششون به سنڌ دشمن پاليسين جو حصو آهن، علي گل دايو لکيو ته اسان ڪالا باغ ٺاهڻ نه ڏينداسين، هزار خان لکيو ته ڪالا باغ ڊيم ڪڏهن به ٺھي نٿو سگھي، جيڪڏهن زوري ٺاھيو به ويو ته تمام خطرناڪ نتيجا نڪرندا، نوشاد خاصخيلي لکيو ته موجوده وفاقي حڪومت سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ساڙ حسد وارو سلوڪ ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳري ثابت ٿي آھي، سنڌ دشمن منصوبن سنڌ جي ٻيٽن ۽ ٻين معاملن ۾ حد کان وڌيڪ ھٿ چراند ڪرڻ مان ظاهر آھي ته وفاقي حڪومت خطرناڪ راند کيڏڻ ٿي چاهي، ظفر رند لکيو ته اصل ۾ ڊيم اشو تڏهن اٿاريو ويندو آھي جڏهن سنڌ جي مٿان ڪو غلط فيصلو مڙھڻو هوندو اٿن، عبدالله جروار لکيو ته هر دور ۾ ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻيا ڊيم ٺاهي سنڌو دريا جو پاڻي بند ڪرڻ جون سازشون ٿينديون رهيون آهن. هر دفعي سنڌ جي عوام ٻڌي، اتفاق دليلن سان انهن سازشن کي ناڪام ڪيو آهي. عزير احمد لکيو ته ڪالاباغ منظور ناهي، ساگر ايس جي لکيو ته بلڪل سنڌين هميشه ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪئي آهي ۽ هميشه ڪندا رهندا، خادم گهراڻو لکيو ته ڪالا باغ ڊيم کي اڳ ئي ٽي صوبا رد ڪري چڪا آهن اڳ ئي سنڌو ۾ پاڻي گھٽ آهي عوام احتجاج ڪري رهيو آهي، سنڌي عوام ان کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو، يار محمد هوت لکيو ته وفاقي حڪومت پاران اهو ڪالاباغ ڊيم وارو رينگٽ وقتن به وقتن هلندو رهي ٿو ڪالاباغ ڊيم ڪنهن به صورت ۾ منظور ناهي، جاويد مريداڻي لکيو ته ڪالاباغ ڊيم مئل گھوڙي مثل آھي تنھن ۾ روح ڦوڪڻ جي ڪوشش ڪندڙ عقل جي خلاف سوچي رھيا آھن، حنيف رضا لکيو ته ڪالاباغ ڊيم کي مشرف دور ۾ سنڌي قوم رد ڪري چڪي آهي، نياز سومرو لکيو ته صرف پي ٽي آءِ حڪومت نه پر تقريبن پوين سڀني حڪومتن پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم جو شوشو ڇڏيو آهي، رشيد مگسي لکيو ته ڪالاباغ ڊيم نه فقط سنڌ دشمن منصوبو آهي پر ملڪ دشمن منصوبو پڻ آھي، سنڌ جو عوام ڪالاباغ ڊيم کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو، سنڌو درياهه سنڌ جو جياپو آھي ان تي ڊيم ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو سنڌ جي عوام ماضي م به ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد ڪئي آھي ۽ ھاڻي به جيڪڏھن ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي ته اسان انهن قوتن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته جيسيتائين هڪ به سنڌي زندهه آھي ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ جاري رهندي، گل حسن شر لکيو ته ڪالاباغ کي ٽي صوبائي اسمبليون رد ڪري چڪيون آھن شوشو ڇڏيو ويو آھي حڪومت وٽ ايترو پيسو به ناھي، عطاءُالرحمان لکيو ته وفاق کي اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، اسان ڪالاباغ ڊيم ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين، قربان عمراڻي لکيو ته ڪالاباغ ڊيم سنڌ لاءِ نقصانڪار آهي، غلام مصطفيٰ قاضي، ماجد علي، مڪيش محبي، شهزاد علي ٿهيم، حافظ خدابخش انڍڙ، وقار، ۽ ٻين چيو ته ڪالابابغ ڊيم منظور ناهي ان کي اسان رد ڪريون ٿا.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *