تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، وفاق پاران سيڙپڪارن ذريعي نوان شهر اڏڻ وارو عمل قبول ناهي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاق پاران سنڌ جي ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن تي سيڙپڪارن کي نوان شهر اڏڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن اهي سنڌ کي ئي ملڻ گهرجن نه ڪي ڪنهن سيڙپڪار کي، وفاق پاران ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ کي ڌارين کي آباد ڪرڻ جي سازشون سمجهون ٿا، سنڌ حڪومت کي ان معاملي تي اثرائتو موقف رکڻ گهرجي، سنڌ جي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ وارو قدم ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته سنڌ جي وحدت تي وار سنڌ ۾ ڌاريا آباد ڪرڻ ۽ سنڌ مٿان قبصي جي سازش آھي، جنهن سازش کي سنڌ جو عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو، عبدالله جروار لکيو ته اها وفاق جي سڌي مداخلت آهي. اهڙي ڪوشش مشرف حڪومت ۾ به ٿي هئي. هن دفعي به سنڌ حڪومت توِڙي سنڌ جي عوام کي ان معاملي ۾ سخت موقف اختيار ڪرڻ گهرجي. هر حال ۾ هن سازش کي ناڪام بڻائڻ گهرجي. خيرمحمد ڇٽو به راءِ جو اظهار ڪيو، ناج خان لکيو ته ھي وفاق جي سنڌ سان ٻه اکيائي وارو معاملو لڳي ٿو، بحريا ٽائون واري زمين جا جيڪي پيسا ملڪ رياض طرفان ڏنا ويا اھي به وفاق جي خزاني ۾ رکيا ويا، ھاڻي سنڌ جي ٻيٽن تي نوان شھر اڏڻ جو مقصد اڃا وڌيڪ غير سنڌي آباد ڪري سنڌين کي اقليتن ۾ تبديل ڪرڻ جو پلان ھوندو، عطاءُالرحمان قادري لکيو ته سنڌ جي وسيلن تي قبضا برداشت نه ڪيا ويندا، ٻيٽن تي شهر اڏڻ کان اڳ وفاق کي پهريان موجود شهرن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ذوالقرنين لنڊ لکيو ته حڪمران پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ سنڌ کي وڪڻڻ جي حد تائين پهچي ويا آهن، انهن لاءِ ڀنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽ کپائڻ، ٿر جي ڪوئلي کي ڌارين کي ڏيڻ يا ڪوهستان جي قيمتي زمين کي ڀڳڙن مٺ عيوض بحريه ٽائون حوالي ڪرڻ ڪو مسئلو ناهي، عوام کي هاڻي سوچڻ کپي، سُجاڳ ٿيڻ کپي، روشن داس لکيو ته نوان شھر اڏي ڌاريا آباد ڪندا جيڪي اسان سنڌين جي حقن تي ڏاڙو ھڻندا اھا سازش نامنظور آهي، سنڌ جي ٻيٽن تي حق صرف اسان سنڌين جو ئي آهي، عبدالودود سنڌي لکيو ته آخرڪار وفاق کي فقط سنڌ جي شھرن، ٻيٽن جو فڪر ڇو اچي ٿو؟ ٻيٽن تي سيڙپڪاري جي آڇ ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن۾ مذمت ڪريون ٿا، سنڌ جاٻيٽ، سنڌ جي ملڪيت آهن، رحمت الله ميراڻي لکيو ته سنڌ ۾ وفاق طرفان تفريح ماڳن ۽ ٻيٽن تي شھر اڏي سنڌ کي ٽوڙڻ جو منصوبو ٺاھيو پيو وڃي نوان شھر ٺاھي ڪراچي وانگر انھن ۾ ڌارين جي آبادڪاري ڪري سنڌ جي وسيلن کي پنھنجو بنائڻ ۽ سنڌين کي اقليت ۾ ڌڪڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ٻيٽن جي قدرتي شڪل برقرار نه رکي وئي ته ان سان مڇي جو ڪاروبار ختم ٿي ويندو، هزارين مھاڻا بيروزگار ٿيندا، سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن جي مالڪي ڪري، يارمحمد منڱريو لکيو ته جيڪڏهن وفاقي گورنمينٽ ٻيٽن تي شهر اڏي ٿي ته هن ۾ پاڪستاني خزاني کي فائيندو ٿيندو ۽ انهي ۾ پاڪستان جي ڀلائي آهي اسان کي پاڪستان جي بهتري لاءِ متحد ٿيڻو پوندو، يارمحمد هوت پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، علي افتخار لکيو ته اهو بهترين فيصلو آهي ان سان سنڌ ۾ خوشحالي ايندي، مظفر بوزدار لکيو ته سنڌ حڪومت کي سجاڳ ٿيڻو پوندو، ٻيٽن تي شهر اڏيا ويا ته اتي ڌاريا آباد ڪيا ويندا، شبير سهتو لکيو ته وفاق سدائين سنڌ سان ناجائزيون ڪيون آهن، هن چال ۾ اهي ناڪام ٿيندا، الطاف بلوچ لکيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن اهي سنڌ کي ئي ملڻ گهرجن نه ڪي ڪنهن سيڙپڪار کي، زاهد بلوچ لکيو ته سنڌ ۾ ڌاريا آباد ڪرڻ ۽سنڌ مٿان قبضي ڪرڻ جي سازش آهي جنهن کي سنڌ جي عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو، مسرور شر لکيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ ۽ سنڌن سان ناانصافي قبول ناهي، شهزاد علي ٿميم لکيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن انھي تي سنڌين کي اڳتي اچڻ گھرجي، وحيد علي ڄامڙو لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي شھر اڏي ڌارين کي آباد ڪيو ويندو اھا ھڪ سوچيل سمجھيل سازش آھي، ڀنڊاڙ ٻيٽ ۽ ڏنگي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن ٻيٽن مٿان شھر اڏڻ سنڌ جي ملڪيت تي قبضي ڪرڻ جي برابر سمجھون ٿا، راسومل لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي شھر اڏي سنڌ ۾ جيڪي ٻوڏ متاثر آهن انهن کي آباد ڪيو وڃي اهو به قانوني طريقي سان، غلام مرتضيٰ ملاح لکيو ته جيڪي غريب ماڻهو سنڌ ۾ رهن ٿا پهريان انهن کي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ گهر ٺاهي ڏنا وڃن انهن کي روزگار ڏنو وڃي باقي نوان شهر ته ڌارين لاءِ اڏيا پيا وڃن جيڪو عمل قبول ناهي. خادم گهراڻو لکيو ته ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن تي سيڙپڪارن کي آڇ ڏيڻ غلط عملآهي اهي ٻيٽ وفاق جا نه پر سنڌ جا آهن انهن تي زوري شهر اڏڻ غلط فيصلو آهي جنهن سان نفرت پيدا ٿيندي، مزمل جان لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ ھڪ سازش ٺاھي پئي وڃي، سنڌ جي وحدت تي وار ھرگز برداشت نه ڪنداسين. عاشق حسين لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي سنڌ جو حق آھي وفاق جي مداخلت سنڌ جي حقن تي ڌاڙو سمجھون ٿا. فياض علي سمون لکيو ته اهو اسان سنڌ جي تهذيبن تي حملو سمجهون ٿا، ڪريم بخش منگي لکيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت اجازت ڏئي ته صحيح آهي، دائم علي لولائي لکيو ته وفاق سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري رهيو آهي، حبيب الله جمالي لکيو ته وفاق سنڌ سان نا انصافيون ۽ وسيلن تي ڌاڙا هڻڻ جو سلسلو بند ڪري، حنيف رضابلوچ لکيو ته اهڙي قدم جي آجيان ڪريون ٿا، عبدالستار سهرياڻي لکيو ته شهر آباد ڪيا وڃن پر قانونسازي ٿيڻ گهرجي، دليپ چوهاڻ پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، سڪندر بلوچ لکيو ته وفاق ھڪ سازش تحت سنڌ جا شھر ڌارين حوالي ڪري ڇڏيا آھن وري ٻيھر ٻيٽن ۾ نوان شھر اڏي ڌارين کي آباد ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آھي، ارسلان مهر لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي ڌارين کي آباد ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته اسان وفاق جي ان عمل کي رد ڪريون ٿا.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *