تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… پگهارن ۾ سالياني واڌ ختم ڪرڻ ۽ رٽائرمينٽ جي عمر گهٽائڻ ملازم دشمن پاليسي قرار

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ختم ڪرڻ ۽ رٽائرمينٽ ي عمر 55 سال مقرر ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، اهڙي عمل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته بجيٽ ۾ اڳ ئي ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هاڻ وري ملازمن جي سالياني پگهار ۾ واڌ به ختم ڪئي پئي وڃي ۽ رٽائرمينٽ جي عمر به گهٽ ڪئي پئي وڃي حڪومت جو اهڙو عمل ملازم دشمن پاليسي آهي جنهن کي رد ڪجي ٿو، حڪومت نيون نوڪريون ته نه ڏئي رهي آهي پر پراڻيون نوڪريون به ختم ڪري رهي آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي شفيع ملاح لکيو ته پگهارن ۾ سالياني واڌ نه ڪرڻ سرڪاري ملازمن سان ظلم آهي، مهانگائي وڌي وئي آهي، ماضي جي حڪومتن به ايڏو سرڪاري ملازمن سان ظلم نه ڪيو هو جيڪو هيءَ حڪومت ڪري رهي آهي، اهڙو ڪو فيصلو نه ڪيو وڃي جنهن سان ملازمن کي نقصان پهچي. سرمد عباسي لکيو ته اھو ايئن ئي آھي جيئن خرچ گھٽائڻ لاءِ سرڪاري مَينھُون کپايون ويون پر جڏھن سعودي ولي عھد پاڪستان جي دوري تي آيو ھو ته سندس ميزبانيءَ ۾ خزاني جا مُنھن کوليا ويا ھئا. جن سرڪاري ملازمن کي ھي معيشت تي بار ٿا سمجھن انھن جي ھڪ سال جي پگھار ۽ سرڪاري وزيرن مشيرن جي ھڪ مھيني جي پگھار،ٽي اي،ڊي اي ۽ ٻيا خرچ ڏسندا ته سرڪاري ملازم بدران اھا سرڪار پاڻ قومي خزاني تي بار نظر ايندي. فدا حسين لکيو ته اھڙو عمل ڪرڻ سرڪاري ملازم لاءِ موت برابر ھوندو، اسان وٽ ھڪ الميو اھو به آھي ته ھتي روزانو نوان قانون ۽ نيون پاليسيون جڙن ٿيون، سرڪاري ملازم جي ريٽائر جي حد 55سال ۽ پينشن نه ڏيڻ سان سرڪار لاءِ ھڪ طوفان جنم وٺندو، عبدالله جروار لکيو ته اها ملازمن سان زيادتي آهي. مهانگائي وڌيڪ ۽ پگهار گهٽ آهي، ويتري سالياني انڪريمينٽ ختم ڪرڻ سان ملازمن ۾ بيچيني پکڙجندي. سميع الرحمان لکيو ته حڪومت پنهنجون ناڪامي لڪائڻ لاءِ ملازمن مٿان بار وجهي رهي آهي. عرض محمد پيروزادو لکيو ته ڀلي سالياني پگھار اوھين نه وڌايو باقي رٽائرمينٽ واري عمر جي حد نه گهٽايو، پارليامينٽ ۾ ھڪ رٿ جمع ڪرائي وڃي ته ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي عمر 25 سالن کان 43 سال ھجڻ گھرجي. شنڪر باغي لکيو ته ملازمن سان ظلم نه ڪيو وڃي، بابر چنا لکيو ته وفاق حڪومت جي نااھلي آهي 2 سالن اندر ڪيترائي ملازم گهر ڀيڙا ٿي چڪا آهن، جيڪي موجود آهن انهن کي ڪڍڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، حڪومتي قدم غلط آهن، عبدالرحمان ميمڻ لکيو ته بجيٽ ۾ پگھار ۽ پينشنون نه وڌائڻ کانپوءِ سالياني واڌ ختم ڪرڻ جو اعلان ٿيو ته پاڪستان ۾ احتجاجي مظاهرا ٿيندا بعد ۾ وري به سالياني واڌ ڪئي ويندي، 55 سالن جي عمر ۾ رٽائرمينٽ جون صرف ڳالھيون به غلط آهن، خادم گهراڻو لکيو ته ملڪ ۾ آئي ايم ايف جو حڪم هلي ٿو جيڪو اهو چون ٿا عوام مٿان مڙهيو وڃي ٿو سرڪاري ملازم جي انڪريمينٽ سان پگهار جو اسٽيج وڌي ٿو ان تي پينشن ۽ ٻيون مراعتون ملن ٿيون تنهن ڪري اهو فيصلو غلط آهي دنيا ۾ ڪٿي به ائين نه آهي جيئن هتي ڪيو وڃي پيو، عبدالودود لنڊ لکيو ته اهو بلڪل غلط عمل آھي ڪنهن به ملڪ ۾ ائين ڪونهي ته وقت کان اڳ ملازم کي رٽائر ڪيو وڃي سڀ کان پهرين سياستدانن جي عمر 55 سال مقرر ڪئي وڃي، سليم اختر لکيو ته عوامي ڀلائي جي اميد رکڻ ھن حڪومت ۾ ايئن آهي جيئن ٻٻرن کان ٻير گهرڻ، نيون نوڪريون ته نه ڏئي رهيا آهن پر پراڻيون به ختم ڪري رهيا آهن، نديم بهراڻي لکيو ته حڪومت جيڪڏهن سرڪاري ملازمن جون پگھارون نٿي وڌائي ته مھنگائي تي ته ضابطو آڻي، عارف حسين لکيو ته ملازمن دشمن پاليسي منظور ناهي، ايم معروف لکيو ته اهي سڀ حربا آئي ايم ايف جا آهن جيڪي حڪومت کي استعمال ڪرڻا آهن، جنهن سان عوام سان زيادتيون ٿي رهيون آهن، خواجه صدام لکيو ته سالياني پگھار ڪٽڻ سرڪاري ملازمن سان سراسر ناجائزي آھي، شربت جعفري لکيو ته هي وفاقي حڪومت پنهنجي نااهلي کي لڪائڻ چاهي ٿي ۽ ملڪ ۾ لڳي ٿو ته آءِ ايم ايف جو حڪم هلي رهيو آهي، علي اصغر ميمڻ لکيو ته اهڙو عمل ڪرڻ سرڪاري ملازمن سان زيادتي ٿيندي. منور داس لوهاڻا لکيو ته سرڪاري ملازمن کي ھٿ ٻڌي چوان ٿو قرباني جو کلون پنھنجي وزيراعظم کي ڏجو، روشن دين کوسو لکيو ته هي بلڪل درست عمل آهي هڪ ته قومي خزاني جي مٿان وزن هلڪو ٿيندو ٻيو جلدي ۾ رٽائر ٿيڻ سان ٻين کي موقعو ملندو، راجا رميش لکيو ته حڪومت کي اهڙو ڪو فيصلو نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان ملازمن جو نقصان ٿئي، بجار خان جعفري لکيو ته پگھار ڪٽڻ نا انصافي آهي، خالد ڀيو لکيو ته اھڙو اعلان ڪندڙ حڪومت ۾ سڀ جو سڀ 70- 75 ۽ 80 سال جا آھن، اصغر حسين ۽ امير علي چنا لکيو ته اهڙو عمل ڪرڻ سرڪاري ملازمن سان زيادتي ٿيندي. گلشير سومرو لکيو ته پگھارون نه وڌائڻ زيادتي آهي، ان کانسواءِ مهاوير واسو، مصور گاڏهي، غلام محمد، عبدالوحيد، نورمحمد چن، مڪيش جيپال، غلام فريد، عاقب نظاماڻي، نظير اوڳاهي، عزيز ملاح، احسان راجا اعوان، مولابخش لغاري، عزيزالله شر، دائم خان جمالي، علي احمد بلوچ، ذوالقرنين لنڊ، الطاف بلوچ، امير علي چنا، علي ابڙو، آصف لاشاري ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *