تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… پي ٽي آءِ حڪومت مهانگائي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، غريبن لاءِ رليف پيڪيج ڏنو وڃي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته مهانگائي ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي ان جو ذميوار ڪير آهي جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته مهانگائي وڌڻ جي وفاقي حڪومت ذميوار آهي جنهن ٻن سالن ۾ مهانگائي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، ان کانسواءِ مقامي انتظاميا پڻ ذميوار آهي جيڪا سرڪاري اگهن تي عمل نٿي ڪرائي، پي ٽي آءِ حڪومت کي گهرجي غريب ماڻهن لاءِ رليف پيڪيج ڏئي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مظفر بلوچ لکيو ته وفاقي حڪومت سان گڏ مقامي انتظاميا، اسسٽنٽ ڪمشنر به مهانگائي جا ذميوار آهن، انهن جي بي ڌياني جي ڪري دڪاندار عام واهپي وارين شين جا اگهه وڌائي ڇڏن ٿا. ٿيڻ ائين گهرجي جو عام واهپي جي شين جا هٿرادو اگهه وڌائيندڙن کي جيل موڪليو وڃي ڇو ته مهانگائي جي ڪري عوام پريشان ٿئي ٿو، عطاءُالرحمان قادري لکيو ته وفاقي حڪومت مهانگائي جي ذميوار آهي جنهن ڪري عوام پريشان آهي، فدا حسين هوت لکيو ته ملڪ ۾ وڌنڌڙ مھانگائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي،مسلسل وڌنڌڙ مھانگائي جي ڪري ھاڻ غريب عوام پنھنجا ٻچا وڪڻڻ لاءِ مجبور آھي، غريب جو گذارو کنڊ، چانهه،اٽي ۽ لٽي تي آھي پر موجوده تبديلي سرڪار غريب لاءِ مھنگائي جو سونامي آڻي ڇڏيو آهي، رحمت الله ميراڻي لکيو ته مھانگائي جي ذميوار موجوده حڪومتون، مافيا ۽ عوام آھي حڪومت جي ناڪام پاليسين ۽ پنھنجا نوازڻ جي ڪري پيٽرول، اٽو، کنڊ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون مھانگيون ٿي چڪيون آھن، مارڪيٽ ڪاميٽي واپارين ۽ دڪاندارن جي ملي ڀڳت سان ريٽ مقرر ڪري لسٽ جاري ڪندي آھي، اظهار الحق لکيو ته مھانگائي جي ڪري ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهن حڪمرانن جي نا اهلي جي ڪري مهانگائي وڌي رهي آهي . عاشق حسين لکيو ته وفاقي حڪومت جو عوام دوست پاليسيون نه ھجڻ سبب معاشي حالتون بدتر ٿي ويون آھي ان جي ڪري مھانگائي ۾ اضافو ٿيو آھي ، کاڌي پيتي جي شين سميت ھر ضرورت استعمال ايندڙ شيون 500 سيڪڙو اضافي سان فروخت ٿي رھيون آھن. عباس علي چاوڙو لکيو ته کاڌي پيتي جون شيون ايتريون ته مھانگيون ٿي ويون آھن جو غريب ماڻھو ماني ڳڀي لاءِ به پريشان رهي ٿو حڪومت ٻيو ڪجهه نٿي ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ کاڌي پيتي جون شيون ته سستيون ڪري. احمد شير کوکر لکيو ته مھانگائي جي اصل ذميوار وفاقي سرڪار آھي.مهاوير واسو لکيو ته وفاقي حڪومت مهانگائي جي ذميوار آهي جنهن جي ناڪام پاليسين جي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، اٽو 600 رپيا 10 ڪلو ٿي ويو آهي مزدور ماڻهو ڪٿان گهر جو پورائو ڪري؟ نوشاد خاصخيلي لکيو ته ظاهري ڳالهه آھي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جي ذميوار حڪومت آھي. جيڪڏهن حڪومت مهانگائي جي سببن تي ڪنٽرول ڪري ۽ منافعي خور واپارين ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙ مافيا خلاف سخت ايڪشن کڻي ته مهانگائي جو خاتمو ممڪن آھي. وڪيل حسين لکيو ته ڪو به حڪمران عوام سان سچو ناهي، اهي ئي ذميوار آهن، خادم گهراڻو لکيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جي ذميوار حڪومت آهي کنڊ سٺ مان هڪ سو ڏھ تي چند مهينن ۾ پهتي آهي حڪومت سان گڏ پرائيس ڪنٽرول ڪرڻ وارا به ذميوار آهن جيڪڏهن هن تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته ماڻهو خودڪشيون ڪندا. رفيق احمد لکيو ته ذميوار وفاقي حڪومت آھي جيڪا روز نوان ٽيڪس لڳائي رهي آهي. محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته مهانگائي جي ذميوار حڪومت ۽ اهي منافعي خور آهن هر روز کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌي رهيا آهن، محمد آچر درس لکيو ته اسان پاڻ ذميوار آھيون ڇو ته اسان جيستائين پنهنجي پاڻ جو احتساب نه ڪنداسين ٻي ڪنهن کي ڇا چونداسين. جرئت علي چانڊيو لکيو ته اسان پنهجي سنڌ حڪومت کي ذميوار سمجهون ٿا جيڪا کاڌي پيتي جي شين جي اگهن تي ڪنٽرول نٿي ڪرائي، مظفر بلوچ لکيو ته وزير اعظم کي پراڻيون تقريرون ٻڌايون وڃن وزيراعظم صدر ذميوار آهن سڀ وزير اعليٰ ذميوار آهن، خير محمد ڇٽو لکيو ته اسان پاڻ ذميوار آھيون ڇو ته اسان پاڻ انھن کي ووٽ ڏئي ايوانن تائين پھچايو آهي، مقصود چانڊيو لکيو ته حڪومت ذميوار آهي جيڪا اگهه مقرر ڪرڻ بعد ان تي عمل نه ٿي ڪرائي. ظفر رند لکيو ته مهانگائي جي ذميوار اسان جي حڪومت آھي جيڪا اگھه مقرر ڪرائي عمل نٿي ڪرائي سگهي. گل حسن شر ۽ رياض ڪولاچي حڪمرانن کي زميوار قرار ڏنو، ايم بي قادري لکيو ته وفاقي سرڪار ذميوار آھي تقريبن سڀن شين جو اگھن ۾ واڌ ڪئي وئي آھي اٽو کنڊ سميت ڪيتريون ئي شيون غريب عوام جي خريد ڪرڻ کان به پري آھن وفاقي سرڪار کي گھرجي ته عوام لاءِ جلد کان جلد ڪو رليف پيڪيج آڻي. سڪندر بلوچ شهزاد رضا ملاح۽ راشد مرا چانڊيو لکيو ته مھانگائي جي ذميوار موجوده حڪومت آھي جيڪا ھن وقت تائين عوام کي ڪو به رليف ناھي ڏئي سگھي پورھيت طبقو سخت مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيو آھي، نياز سومرو لکيو ته حڪومت مهانگائي جي ذميوار آهي ھن حڪومت مان چڱائي جي اميد ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آهي، صفدر چانڊيو لکيو ته مهانگائي جو ذميوار عوام ڇو؟ موجوده حڪومت ذميوار آھي پي ٽي آءِ حڪومت ملڪ ۾ سواءِ مهانگائي، بک بدحالي جي ٻيو ڇا ڏنو آھي؟ عبدالحئي ساوند لکيو ته حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ کنڊ، اٽو، توڙي پيٽرول مافيا ذميوار آھن، عابد حسين شر لکيو ته اسانجا حڪمران ذميوار آھن جيڪي سرڪاري اگهه تي ڪنٽرول نه پيا ڪرائن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *