تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… پي ٽي آءِ حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي زيرو قرار: هڪ واعدو به پورو ناهي ٿيو: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ حڪومت جا 2 سال مڪمل ٿي ويا، حڪومت جي ڪارڪردگي ڪيئن رهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن پي ٽي آءِ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت مهانگائي کانسواءِ عوام کي ڪجهه به ناهي ڏنو، اليڪشن کان اڳ جيڪي به واعدا ڪيا ويا انهن هڪ ته عمل ناهي ٿيو، مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهي، وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي زيرو رهي آهي. باقي احساس پروگرام ڏيڻ وارو هڪ ڪم سٺو ڪيو ويو آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر، ناج خان، سعيد احمد راڄپر، زين بلوچ، مهدي ابڙو، مجاهد علي ملاح، مقصود چانڊيو، سڪندر علي سومرو، ڀورو ساگر، محمد رحيم چوهاڻ، زيد بلوچ، فضل الرحمان بنگلاڻي، وقار حسين، علم الدين تمراڻي ۽ ٻين لکيو ته ٻن سالن جي حڪومتي ڪارڪردگي ٻڙي رهي، نياز سومرو لکيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جا 2سال ملڪ لاءِ تباهي جا سال رھيا، مهانگائي جا سڀ رڪارڊ ٽٽي ويا، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪيون ويون، اپوزيشن کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، رحمت الله ميراڻي لکيو ته ھن حڪومت جي ڪارڪردگي نھايت ئي مايوس ڪندڙ آھي، ھن حڪومت جي ٻن سالن ۾ روزگار ڏيڻ بجائي ھزارين ماڻھن کي بيروزگار ڪيو ويو آھي مھانگائي ايتري ٿي وئي آھي جو پيٽرول، اٽو، کنڊ، سبزي ۽ روزمره استعمال ٿيندڙ شيون عوام جي پھچ کان پري ٿي ويون آھن غريب طبقو پريشانين کان بيزار ٿي خود ڪشيون ڪري رھيو آھي، غلام فاروق گرگيز لکيو ته پ ٽي آءِ ٻن سالن ۾ عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ مھانگائي ۾ جڪڙي ڇڏيو آھي ۔ڪپتان جي ڪيل وعدن مان ڪو به وعدو پورو نه ٿيو، راشد مراد چانڊيو لکيو ته تبديلي سرڪار عوام کي ڪوڙا دلاسا ڏئي پنھنجا 2 سال پورا ڪري ورتا، ڪارڪردگي زيرو رهي، اعجاز گشڪوري لکيو ته تبديلي سرڪار غريب مسڪين کي پيٽ پالڻ لاءِ به پريشان ڪري ڇڏيو آهي هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي. خير محمد ڇٽو لکيو ته تبديلي جي نالي تي عوام کي لٽيو ويو آهي، آزاد پنهور لکيو ته هر شئي مهانگي آھي، سارنگ پنهور لکيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي، ايڊووڪيٽ سنيل شتروگهن لکيو ته حڪومت عوام لاءِ فائديمند رهي آهي، جمال الدين چنا لکيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي ته سٺي رهي پر غريب عوام سٽجي ويو مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهي. محمد هاشم شر لکيو ته بھترين ڪارڪردگي اها آهي جو اٽو گيهه، کنڊ، چانهه صابڻ بجلي گيس پيٽرول سڀني جا اگهه ٻيڻ تي وڌي ويا آهن، آزاد پنهور ۽ ظفر رند لکيو ته تبديلي سرڪار جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آھي ٻن سالن ۾ عوام لاءِ مهانگائي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو ويو، روشن داس ۽ بشير رضا مهر لکيو ته نااھل حڪمرانن جي نااھلي ظاهر ٿي وئي، عوام کي ڪو به رليف نه مليو، جي ايم چانڊيو لکيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت کي 2 سال پورا ٿي ويا پر ڪا ڪارڪردگي سامهون نه آئي سواءِ مهانگائي جي. غلام قادر۽ نيڪ محمد لکيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ٻن سالن ۾ عوام کي ڪو لاڀ ڏئي ناھي سگھي، اشفاق حسين لاکو لکيو ته هن حڪومت ۾ رڳو آسرا ۽ دلاسا مليا باقي غريب عوام کي ڪجھه نه مليو، مولائي اسد ماڇي لکيو ته عمران خان احساس پروگرام آڻي غريبن لاِ تمام سٺو ڪم ڪيو، سڪندر گرگيج ۽ غلام سرور، ساگر ايس جي لکيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي خراب رهي، اٽو 2400 رپيا مڻ ۽ کنڊ 100رپيا ڪلو ٿي وئي آهي عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، ڪرپشن ۽ مهانگائي وڌي وئي، مظفر بوزدار لکيو ته مهانگائي ۾ سڀني حڪومتن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، عمران خان جا سڀ واعدا رڳو واعدا ئي رهجي ويا احمد شير کوکر ۽ اقرار چانڊيو لکيو ته پي ٽي آءِ سرڪار جي 2 سالن جي دور دوران بک بيروزگاري، مھانگائي، مفلسي، کانسواءِ عوام کي ڪجهه به نه ڏنو آهي. اسدالله ٿهيم لکيو ته پي ٽي آءِ جي ٻن سالن جي حڪومت جي ڪارڪردگي سٺي ناهي رهي ، سردار غوث بخش ملڪ لکيو پي ٽي آءِ حڪومت عوام مٿان مهانگائي جا بم ڪيرايا آهن هر روز ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، محمد راشد حڪومتي ڪارڪردگي سٺي قرار ڏني، ايم بي قادري لکيو ته ڪارڪردگي ته ايتري بھتر نه رھي پر ھڪ احساس ڪفالت پروگرام آڻي غريبن لاءِ ڪجھه سٺو ڪم ڪيو ويو آهي، عطاءُالرحمان قادري لکيو ته هن حڪومت مهانگائي ۾ سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، سڪندر بلوچ، لکيو ته پي ٽي آءِ سرڪار جي ڪارڪردگي ٻن سالن دوران انتھائي بدترين رھي، تبديلي سرڪار عوام سان ڪيل واعدا پورا نه ڪيا، نوجوان نوڪرين لاءِ پريشان آهن، سڄڻ ڪرماڻي لکيو ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪردگي ڪنهن کان ڳجهي ناهي.هر حوالي سان حڪومت ناڪام ثابت ٿي آهي، محبتي مڪيش لکيو ته حڪومت عوام سان ڪيل هڪ به واعدو پورو ناهي ڪيو، اصغر حسين لکيو ته تبديلي جي نالي تي عوام کي دوکو ڏنو ويو آهي هن حڪومت ماڻهن کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي مهانگائي وڌي وئي آهي. خادم گهراڻو لکيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جا ٻه سال مهانگا پيا آهن. جرئت علي چانڊيو، علي رضا، محمد ملوڪ عباسي لکيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي تي ڪيترائي سوال پيدا ٿين ٿا تيل جي بار بار چاڙھ سبب ملڪ ۾ مهانگائي عروج تي آهي غريب طبقو سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ٻن سالن ۾ ترقياتي ڪم ڪٿي به نظر نه آيا آهن، تبديلي سرڪار جي پت وائکي ٿي وئي آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

One Response to سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… پي ٽي آءِ حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي زيرو قرار: هڪ واعدو به پورو ناهي ٿيو: عوام

  1. شوڪت بن ياسين says:

    موجوده حڪومت ۾ تمام گهڻي مهانگي ٿي آهي ۽ غريب طبقي جي جيئڻ مشڪل ٿي ويو آهي الله تعالي کان دعا آهي ته ملڪ پاڪستان جلدي غربت کي ختم ڪري

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *