تازا ترين
  • *ميرپورخاص: محمود آباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 27 ورھين جو فوت *ڄام ڏاتار واسي سرور شاھ ساهرن جي جي گھر گهمڻ آيو هو، موبائيل فون چارج ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳو *
  • *پني عاقل ۾ پ پ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهر جو گشت *فتاح سميجو پاران ڄام اڪرام ۽ سيف الله ڌاريجو خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪريون ٿا: جيالا*
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… پيٽرول بحران جي حڪومت ذميوار قرار: ٻيهر اگهه وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پيٽرول جي وري کوٽ ٿي وئي آهي اوهان ان صورتحال کي ڪيئن ٿا ڏسو؟جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته حڪومتي لاپرواهي جي ڪري پيٽرول مافيا عوام کي ڦرڻ چاهي ٿي، پيٽرول جو هٿرادو بحران ڪري ٻيهر اگهه وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مختلف شهرن ۾ پيٽرول بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي پر حڪومت ڪا ڪارروائي نٿي ڪري. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي اختيار ٻٻر لکيو ته پيٽرول جو مسلسل بحران ۽ سرڪار جي ڪارڪردگي مان اھو واضح اشارو ٿو نظر اچي ته پيٽرول مافيه عوام کي ڦرڻ چاهي ٿي، ٻيهر پيٽرول مهانگو ڪرڻ چاهين ٿا. شفيع ملاح لکيو ته وري پيٽرول جو بحران پيدا ڪري عوام کي پريشان ڪيو پيو وڃي، ڳاٽي ٽوڙ قيمتون وڌائيندا. سارنگ منير سومرو لکيو ته حڪومتي نا اھلي کانسواءِ ڪجهه به نه آھي، وحيد مستوئي لکيو ته پيٽرول جي کوٽ جي ذميوار حڪومت آھي جيڪا عوام کي خوار ڪرڻ چاھي ٿي. اھا سڌي ريت سازش آھي، عبداالله جروار لکيو ته کوڙ ساريون ڪمپنيون ۽ ادارا مافيا جي شڪل اختيار ڪري ويون آهن. جن ۾ پيٽرول مافيا به هڪ آهي. جن تي حڪومت جو ڪو ضابطو نظر نه پيو اچي. هر هنڌ عوام جو استحصال پيو ٿئي. فدا حسين جروار لکيو ته سائين اسان جي شھر جھڏو ۾ پيٽرول پمپ تي پيٽرول 103 رپيا في ليٽر وڪرو ٿئي پيو جڏھن تي شھر کان ٻاھر ننڍن ننڍن اسٽاپن تي پيٽرول 120کان 130رپيا ليٽر ملي پيو، محمد نائڪ لکيو ته پاڪستان ۾ پيٽرول جي کوٽ ناھي پر سٺي حڪمراني جي کوٽ آهي، مهاوير واسو لکيو ته پيٽرول سستو ٿيندو آهي ملندو ئي ناهي، عامر علي تيوڻو لکيو ته پيٽرول جي کوٽ حڪومتي نااهلي چئبي، غلام مرتضيٰ چنا لکيو ته عوام سان وڏو ظلم آهي، ڪڏهن پيٽرول نٿو ملي ته ڪڏهن وري اٽو نٿو ملي، حڪومت جي ڪا رٽ نظر نه اچي رهي آهي، رحمت الله ميراڻي لکيو ته حڪومت عوام کي سھولتون ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آھي پيٽرول ٻيھر بحران پيدا ڪندڙ حڪومت ۾ ويٺل مافيا آھي، پمپ اسٽيشنز تي پيٽرول جي قلت پيدا ٿي ويندي، جنھن سان عوام کي ڏکائين کي منھن ڏيڻو پوندو. عاشق دايو لکيو ته حڪومت ۽ تيل ڪمپنين جي وچ ۾ ڊيل ٿيل آھي، ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري عوام کي مھانگو پيٽرول وٺڻ تي مجبور ڪن ٿا ، نديم مهر لکيو ته جڏهن ناڪام پاليسيون جوڙيون وينديون آهي ته ھر ھر اھڙي قسم جي صورتحال پيدا ٿي ويندي آهي، حڪومت کي گھرجي ته فوري ته پيٽرول واري مامري جو بھتر حل ڪڍي. عبدالرحمان ميمڻ لکيو ته ٽينڪرن جي ھڙتال سبب پيٽرول جو بحران ٿيو آهي تنھنڪري حڪومت کي کپي ته ٽينڪرز مالڪن جا مطالبا مڃيا وڃن، شنڪر باغي لکيو ته تڏهن ته سنڌ حڪومت 24 ڪلاڪ پيٽرول پمپ کولي ڇڏيا آهن، ايڊووڪيٽ احمد نواز لکيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي پاليسن ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، نجي ڪمپنيون چاهين ٿيون ته پيٽرول جا اگهه وڌايا وڃن. سميع الرحمان لکيو ته پيٽرول جڏھن به سستو ٿيندو آهي ته اڻلڀ ٿي ويندو آهي، علي حسن چڍڙ لکيو ته جڏهن چيو پيو وڃي ته عالمي منڊي ۾ تيل وافر مقدار ۾ آهي ۽ پاڪستان ۾ تيل جو بحران آهي ان جو مطلب آهي ته حڪومت بلڪل ناڪام ٿي چڪي آهي، تيل مافيا حڪومت کان زور آهي عوام مٿان ٻيهر مهانگائي جو بم ڪيرايو ويندو، خادم گهراڻو لکيو ته ملڪ ۾ پيٽرول جي کوٽ نه آهي پيٽرول کي مهانگائي مافيا گم ڪري ڇڏيو آهي، مسرور شر لکيو ته پڪاچانگ ۾ پيٽرول سرڪاري ريٽ کان مھانگو ٿو ملي ٻهراڙين ۾ 10-20 رپيا وڌيڪ ورتا وڃن ٿا، علي فراز لکيو ته پيٽرول کوٽ ۾ وڏو ھٿ وفاقي حڪومت جو آھي، روشن دادس لکيو ته پيٽرول جو ھٿرادو بحران پيدا ڪيو پيو وڃي، پيٽرول فراهم نه ڪندڙ پمپ مالڪن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، مڪيش ڪمار لکيو ته پيٽرول جو ھٿرادو بحران پيدا ڪري عوام کي پريشان ڪيو پيو وڃي، عمران شر لکيو ته پيٽرول جي حڪومت پاڻ کوٽ ڪري ٿي، عمران پٺاڻ لکيو ته حڪومت مڪمل طرح سان ناڪام ٿي وئي آهي مهانگائي ۾ عوام پيڙهجي پيو، ان کانسواءِ گل حسن شر، نجيب مولائي، عمران ملڪ، مير مهراڻ گبول، قربان عالياڻي، صبغت الله رند، عاقب نظاماڻي، گلشير سومرو، ديدار بلوچ، نثار احمد، ڪليم الله، احسان، ظفر کنڊ، عبدالرسول ۽ ٻين پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *