تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… پيئڻ جو صاف پاڻي نه هجڻ ڪري هيپاٽائيٽس ۾ اضافو: مريضن کي اسپتالن ۾ ويڪسين به نٿي ملي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيوويو ته سنڌ ۾ 35 لک 91 هزار ماڻهو هيپاٽائيٽس بي ۽ سي ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، ان صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ جر جو پاڻي کارو ٿيڻ ڪري مريضن ۾ ڏينھون ڏينھن تيزي سان اضافو ٿي رھيو آھي، اڪثر علائقن ۾ جر جي پاڻي ۾ سنکيو آهن، حڪومت پاران پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم نه ڪرڻ سبب مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي، اهڙي صورتحال باوجود صحت جو کاتو پاڻ ئي بيمار پيل آھي، جنهن ڪري اسپتالن ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي ويڪسين به نٿي ملي، ان کانسواءِ ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ به غريب ماڻهو پريشان رهن ٿا، انهن کي دوائون به نٿيون ملن، هنن چيو ته حڪومت کي گهرجي ته ڳوٺن ۾ مٺي پاڻي جون اسڪيمون يا فلٽر پلانٽ لڳائي، ھيپاٽائيٽس سينٽرن تي ويڪسينن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي، سنڌ جي متاثر ضلعن ۾ احتياطي اپاءُ وٺڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي وڃي، ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪليون وڃن ۽ ماڻھن جون ٽيسٽون ڪرايون وڃن. سوال /سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سليم خان ۽ امجد علي بهراڻي لکيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ ھيپاٽائيٽس بي ۽ سي انتھائي خطرناڪ رخ اختيار ڪري چڪيون آھن جن جي وڌڻ جو سبب خاص ڪري صاف پاڻي جو نه ملڻ آھي، هتي جر جو پاڻي خراب آھي، حڪومت کي گهرجي ته ان حوالي سان ڪو قدم کڻي انساني جانيون بچائي. سڪندر بلوچ لکيو ته سنڌ ۾ لکين ماڻھون ھيپاٽائيٽس ۾ مبتلا ٿيڻ واري صورتحال انتھائي افسوسناڪ آھي جڏھن ته ھيپاٽائيٽس سينٽرن تان انجيڪشن به اڻ لڀ ٿي ويون آھن جنھن سبب ڪيترائي ماڻھون موت جي منھن ھليا ويا آھن،سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ جر جو پاڻي کارو ٿيڻ ڪري مريضن ۾ ڏينھون ڏينھن تيزي سان اضافو ٿي رھيو آھي سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ھيپاٽائيٽس سينٽرن تي ويڪسينن جي کوٽ ختم ڪري، الطاف بلوچ لکيو ته هيپاٽائيٽس تمام ڏکئي بيماري آهي ان تي ظابطو آڻڻ تمام ڏکيو آھي ان ڪري حڪومت وٽ ڪو به نظام نه آهي، يار محمد هوت لکيو ته پيئڻ جو صاف پاڻي نه ملڻ ڪري هيپاٽائيٽس ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، راسومل لکيو ته صحت جو کاتو پاڻ ئي بيمار پيل آھي هي ڪهڙو علاج ڪندا صاف پيئڻ جو پاڻي خواب بڻيل آهي، مسرور شر لکيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ جر جو پاڻي خراب آھي ان سبب بيماريون وڌن پيون، حڪمران پاڻ ته منرل واٽر پيئن ٿا پر هتي اسان وٽ فيض گنج ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم ئي ناڪارا بڻيل آهي، حبيب الله جمالي لکيو ته سنڌ حڪومت کي فوري طور انهن تي ترت احتياطي اپاءُ وٺڻ گهرجي، نه ته اهو موذي مرض سنڌ جي هر ڪالوني تائين پکڙجي ويندو، وحيد ڄامڙو لکيو ته سنڌ اندر ھيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي بيماري انتھائي شدت اختيار ڪري چڪي آهي، صحت کاتي کي گھرجي ته ھيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي خاتمي لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺي، سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪليون وڃن ۽ ماڻھن جون ٽيسٽون ڪرائي ھيپاٽائيٽس ۾ مبتلا مريضن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي، ضلعي خيرپور جي تعلقي ڪوٽڏيجي ۾ ھيپاٽائٽس بي سي جو انگ ٻين تعلقن کان وڌيڪ آھي، ڪوٽڏيجي تعلقي علائقي ۾ جر جو پاڻي کارو آھي جر جي پاڻي ۾ سينکيو ڪافي تائين موجود آھي اهڙو پاڻي واپرائڻ سبب هتان جا ماڻهو ھيپاٽائيٽس سميت پيٽ ۽ چمڙي جي مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن حڪومت کي گھر جي ته ھيپاٽائيٽس بي سي تي ڪنٽرول بابت تڪڙا اپاءُ وٺي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته انتهائي خطرناڪ صورتحال نظر پئي اچي حڪومت جلدي ايڪشن وٺي،عاقب نظاماڻي لکيو ته پيئڻ لاءِ صاف پاڻي مهيا ڪرڻ گهرجي، ظفر حسين رند لکيو ته سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس پکڙجڻ جو مک ڪارڻ پيئڻ جو صاف پاڻي نه هجڻ آهي، مزمل قادري لکيو ته هيپاٽائيٽس خطرناڪ بيماري آھي، صحت واري وزير جو فرض آهي ته احتياطي تدبيرون ۽ حقيقتي انگ اکر ظاهر ڪري ۽ متاثر ضلعن ۾ احتياطي اپاءُ وٺڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي وڃي. ثناءُالله چنا لکيو ته اها بيماري پکڙجڻ جا مختلف سبب آهن هڪ عطائي ڊاڪٽر، ٻيو حجم ۽ ٽيون پاڻي آهي، ايڊووڪيٽ دائود لغاري لکيو ته هتي پوري سنڌ ۾ جر جو پاڻي خراب آهي جيڪو پاڻي واپرائڻ سان هيپاٽائيٽس جهڙيون بيماريون پکڙجي رهيون آهن، ان معاملي ۾ حڪومت ناڪام نظر اچي رهي آهي، زبير احمد لکيو ته سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جا لڳ ڀڳ 36 لک ڪيس رپورٽ ٿيڻ صحت کاتي جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان آهي، لکين روپيا بجيٽ هجڻ باوجود به سنڌ ۾ ڪيسز ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي آهي، خادم گهراڻو لکيو ته سنڌو ۾ پاڻي نه هئڻ سبب جر زهريلو ٿي ويو آهي پاڻي جي ڪري اهي بيماريون وڌي رهيون آهن هن موضي مرض جي ٽيسٽ غريب جي پهچ کان مٿي آهي، اسپتالن مان ويڪسين وٺڻ به مسئلو آهي، عاشق حسين لکيو ته ھتي ڀيانڪ صورتحال آھي، علاج ڏاڍو مھانگو آھي، سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ شعبو ته قائم ڪيو ويو آھي، پر اتي ٽيسٽون به نٿيون ڪيون وڃن ، دوائون به غير معياري ڏنيون وڃن ٿيون، شبير احمد سهتو لکيو ته هتي جر جو پاڻي خراب آھي ان ڪري بيماريون وڌي رهيون آهن، ساگر راجاني لکيو ته سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس جو وڌڻ انتهائي خطرناڪ عمل آهي، هر تعلقي توڙي ضلعي جي اسپتالن ۾ ڪروڙن اربن جي بجيٽ ايندي آهي پر پوءِ به غريب ماڻهن کي علاج جي سهولت ناهي ملي سگهندي، يارمحمد مڱريو لکيو ته سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالن جي انتهائي حالت خراب آهي، هيپاٽائيٽس ۽ ڪتي جي چڪ واريون ويڪسين اڻلڀ آهن، خاموش خليل شر لکيو ته اصل ۾ پوري سنڌ ۾ جر جو پاڻي ڪڙو ٿي ويو آھي، پاڻي سينکيو ٿي ويو آھي، حڪومت کي گهرجي ته ڳوٺن ۾ مٺي پاڻي جون اسڪيمون يا فلٽر پلانٽ لڳائي ته هيپاٽائيٽس مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو، فدا حسين لکيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ ھيپاٽائيٽس بي ۽ سي انتھائي خطرناڪ رخ اختيار ڪري چڪيون آھن، سارنگ منير سومرو لکيو ته اسان جي صحت کاتي جي بيمار ڪارڪردگي جي مثالي ڪارڪردگي جو ھڪ نئون مثال اهو آهي ته هيپاٽائيٽس ان حد تائين پکڙجي چڪي آهي، مظفر بلوچ لکيو ته سنڌ ۾ لکين ماڻهو هيپاٽائيٽس بي ۽ سي ۾ مبتلا ٿيڻ واري صورتحال افسوسناڪ آھي، هڪ رپورٽ مطابق گهوٽڪي، ڏهرڪي ۽ ميرپور جي علائقن ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي متاثر مريضن جو انگ سنڌ جي ٻين علائقن کان وڌيڪ آھي پر انهن علائقن ۾ ويڪسين به ميسر نٿي ڪئي وڃي، هيپاٽائيٽس جي هڪ ويڪسين 25 سئو تائين جي آھي جنهن ڪري مسڪين غريب مريض پئسن عيوض خريد نٿا ڪري سگهن، پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اباڻي شهر رتوديرو ۾ سوين ماڻهو ان مرض ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، ان کانسواءِ عمران علي، محمد جمن ساند، عطاءُالرحمان قادري، گل حسن شر، نجيب سنڌي ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *