تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… پرائمري تعليم اردو ۾ ڪرڻ وارو فيصلو رد: سنڌ ۾ سنڌي ٻولي لازمي پڙهائي وڃي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت چيو آهي ته ”ايندڙ سال کان پرائمري تعليم اردو ميڊيم ۾ هوندي، سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ سنڌي پڙهائي ويندي“، ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن وفاقي حڪومت جي اهڙي عمل کي غلط قرار ڏيندي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته ايندڙ سال کان پرائمري تعليم اردو هوندي، سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ سنڌي پڙهائي ويندي. سوال / سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي تسليم احمد، شهزاد شورو، صولت حسين گاد، ظفر امام، محمد صديق ، فياض چانڊيو، علي گل دايو، عبدالفتاح، راجيش ڪمار، راسومل، محمد اسلم، علي اڪبر، عزيز طارق، عبدالرئوف مغيري، تيمور خان، فدا، شنڪر باغي، حاجي سيف الدين، روشن داس، مسرور شر، قادر بخش ڪلوئي، نعمت سنڌي، گل حسن، الله ڏنو راهمون، عاشق حسين ۽ ٻين پرائمري تعليم اردو ڪرڻ واري فيصلي کي غلط قرار ڏنو ۽ چيو ته سنڌي لازمي پڙهائي وڃي، تعليم مادري ٻولي ۾ ڏياري وڃي، پرائمري تعليم اردو ۾ هجڻ واري فيصلي کي رد ڪريون ٿا، موهن لال لکيو ته 18 ترميم کانپوءِ تعليم صوبائي سبجيڪٽ آهي، اتي وفاقي نمائندو 6 ڪروڙ عوام جو فيصلو ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟، سنڌ حڪومت وفاق اڳيان چٽو موقف رکي ۽ تعليم مادري ٻولي ۾ ڏياري وڃي. وفا معشوق کوکر لکيو ته وفاقي حڪومت کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي نه ته دمادم مست قلندر ٿيندو، شربت جعفري لکيو ته در اصل هي سڄو سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ جو چڪر آهي، فقير شيوا لکيو ته تمام غلط فيصلو ڪيو ويو آهي، اردو ڀلي پرائمري ۾ شامل ڪئي وڃي پر سنڌي ٻولي پڙھائڻ لازمي آھي، راجا مهر لکيو ته سنڌي اسان جي تاريخي ٻولي آھي انھي کي خارج ڪرڻ اسان سنڌين جي توھين آھي اھڙي فيصلي کي سڄي سنڌ رد ڪري ٿي، راجيو هنجهرو لکيو ته غلط عمل آھي. تعليم صوبي جو سبجيڪٽ آھي. بھتر آھي ته وفاق صوبي جي سبجيڪٽس سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪري. خاڪي آغا فيصل لکيو ته هاڻي سنڌ حڪومت اعلان ڪري سنڌي لازمي سبجيڪٽ هوندو. سڪندر بلوچ لکيو ته سنڌي ڪجھه علائقن ۾ پڙھائڻ واري اعلان مان ڇا مراد آھي اھا سنڌي ٻولي کي پوئتي ڌڪڻ جي سازش سمجھون ٿا. رضا آڪاش خاناڻي لکيو ته 18 ھين ترميم جي ثمر تحت تعليم ھاڻ صوبن جو معاملو آھي، ڪريم سنڌي لکيو ته اسان پنھنجي ٻولي کي بچائڻ لاءِ پر امن مزاحمت ڪنداسين، مزمل قادري لکيو ته بلڪل غلط فيصلو آھي، عرفان گل ڏاهري لکيو ته اڳ ۾ ئي سنڌ جا ٻار عربي، انگريزي، اردو مان اڙجي ويا آهن، سڪندر مهر لکيو ته اھا سڌي سنئين سنڌي ٻولي ۽ سنڌ سان دشمني آهي. سنڌي اسان جي مادري ٻولي آهي ان کي لازمي ڪيو وڃي، خادم گهراڻو لکيو ته وفاق جو اهو فيصلو غلط آهي، تعليم مادري ٻولي ۾ ڏني وڃي. اسد ناز لکيو ته وفاق جي اھڙي سنڌ دشمن فيصلي جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، عمران پٺاڻ لکيو ته سنڌي کي ختم ڪري نٿو سگهجي، ٻار پنهنجي والده جي ٻولي ۾ بهتر سکي ٿو اردو هڪ سبجيڪٽ آهي ڀلي سبجيڪٽ طور لازمي ڪجي، سجاد شورو لکيو ته انتهائي غلط فيصلو آهي اهو عمل تعليم دشمن هوندو، ڪاشف لغاري لکيو ته وفاقي حڪومت اھڙو فيصلو ڪري ڪروڙين سنڌين جي دلين تي وڏو ڌڪ ھنيو آهي، سنڌ حڪومت ان معاملي تي پنهنجو چٽو موقف رکي. خادم رند لکيو ته ملڪ قائم ٿيندي ئي ھتان جي اصلي قومن جي ٻولي ۽ ثقافت خلاف سازشون شروع ٿي ويون جيڪي اڄ تائين مختلف صورتن ۾ جاري آھن، محبتي مڪيش لکيو ته اردو ڀلي پرائمري ۾ شامل ڪئي وڃي پر سنڌي ٻولي پڙھائڻ لازمي آھي، هزار خان لکيو ته وفاقي حڪومت جو اهڙو فيصلو غلط سمجهون ٿا، حڪومت کي اهڙو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي. عطاءُالرحمان قادري لکيو ته وفاق جو اهو غلط فيصلو هوندو، هر ڪنهن جي پنهنجي مادري زبان آهي. رانجهن پرمار لکيو ته تعليم تي تجربا ڪري ڪري ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو اٿن، ڪڏهن ايمرجنسي، ڪڏهن سڀني صوبن لاءِ هڪجهڙو نصاب ته ڪڏھن وري مذهبي تعليم کي به ڪورس ۾ شامل ڪرڻ جهڙا تجربا ڪيا پيا وڃن، ٻار مادري ٻولي ۾ آساني سان پڙهي، لکي ۽ سمجهي سگهي ٿو، عزيز احمد ۽ عاشق حسين لکيو ته بلڪل غلط فيصلو ڪيو ويو آھي علائقي ٻولي ۾ بنيادي تعليم لازمي جز آھي، ان کي ختم نه ڪيو وڃي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *