تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… وياجين کان تنگ اچي ڪيترن ئي ماڻهن خودڪشيون ڪري ڇڏيون، پوليس ۽ سياستدانن جي پٺڀرائي سان هلندڙ وياج خوري بند ڪرائڻ گهرجي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ وياج جي وڌندڙ ڪاروبار کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته صوبي ۾ وياج جو ڪاروبار عام ٿي ويو آهي جنهن ڪري سرڪاري ملازم هجن، واپاري طبقو هجي، مزدور هجن يا عام ماڻهو سڀ مجبوري ۾ وياج وٺن ٿا ۽ رقم واپس نه ڪرڻ تي وياجين پاران تنگ ڪرڻ تي ڪيترائي ماڻهو خودڪشيون ڪري چڪا آهن، وياج جي ڪاروبار کي روڪڻ لاءِ سخت قانون جوڙيو وڃي، وياج جو ڪاروبار ڪندڙن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن، حڪومت کي گهرجي ته ماڻهن کي آسان شرط تي مالي مدد ڪري يا بينڪن ذريعي آسان شرطن تي قرض ۾ مدد ڏياري، هن وقت سنڌ ۾ پوليس ۽ سياسي آشيرواڌ سان وياج جو ڪاروبار هلي رهيو آهي جيڪو بند ٿيڻ گهرجي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته وياج جو ڪاروبار سنڌ جي عوام کي اوڏھي وانگر کائي رھيو آھي اھو ڪاروبار سنڌ کي تباھه ۽ ڪنگال ڪندو پيو وڃي حڪومت جيڪڏهن اک نه پٽي ته سنڌ کي اھو ڪڌو ڪاروبار اڃا وڌيڪ نقصان پهچائيندو، فدا حسين هوت لکيو ته وياج خوري جي وبا اسان جي سنڌ کي وڪوڙي وڌو آهي، اسلام جي نقطه نظر سان وياج وٺڻ ۽ ڏيڻ حرام آھي، پر جت بک، بدحالي، بيروزگاري، رشوت خوري عروج تي ھجي اتي سڀ ناجائز کي به جائز سمجهي ڪيو ويندو آهي، ان ڪاروبار کي روڪڻ لاءِ قانون جوڙيو وڃي. عطاءُالرحمان لکيو ته وياج خورن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي، جاويد احمد لکيو ته انساني زندگيون ڳڙڪائيندڙ وياج جو ڪاروبار وڌي ويو آهي، جيتوڻيڪ وياج هر لحاظ کان غلط آهي، حڪومت کي گهرجي ته غريبن کي بچائڻ لاءِ وياج خورن خلاف قدم کڻي. نوشاد خاصخيلي لکيو ته سنڌ ۾ وياج جو ڪڌو ڪاروبار هلي رهيو آھي پر حڪومت هن مسئلي جي حل لاءِ ڪو جوڳو قدم نه کنيو آھي حڪومت جي ذميواري آھي ته وياجين خلاف سخت قانون ۽ سزا مقرر ڪري ۽ غريب مسڪين ماڻھو جيڪي مجبوري ۾ وياجين هٿان لٽجن ٿا انهن لاءِ مدد / روزگار جو ڪو جوڳو بندوبست ڪري. الهڏنو راهمون لکيو ته وياج جي ڪاروبار جي ڪري خودڪشين جا واقعا ڏينھون ڏينھن وڌنڌا ٿا وڃن. وياج ڪيترن ئي ماڻھن تباهه ڪري ڇڏيو آهي، وڪيل حسين لکيو ته وياج جو ڪاروبار غلط آهي، عبدالقدير لکيو ته وياج جو ڪاروبار تباهي آهي وياجي ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا آهن ۽ غريب ماڻهو وياج وٺڻ بعد تباهه ٿي وڃي ٿو، راسومل لکيو ته سنڌ ۾ هي ڪاروبار سياسي آشيرواڌ جي ڪري هلي رهيو آهي، وياجين جي ڪري ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجي زندگين جو ڏيٺو اجهائي ڇڏيو آهي. محمد ملوڪ عباسي لکيو ته سنڌ اندر خاص ڪري اسان جي ساهتي پرڳڻي ضلعي نوشهروفيروز جي مختلف شهرن ٺاروشاھ ڀرياسٽي مورو ڪنڊيارو نوشهروفيروز محرابپور پڊعيدن ۽ ٻين شهرن ۾ وياج عوام لاءِ ناسور بڻجي ويو آهي، غريب طبقو مختلف مجبورين سبب وياج وٺي ٿو، وياج هلائيندڙ کي پوليس جي آشيرواڌ حاصل آهي، اسان ان معاملي تي ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيا آهن پر انتظاميا ڪو به قدم نٿي کڻي، عمران ڪنڀر لکيو ته وياج جو ڪاروبار وڌي ويو آهي. ظفر حسين رند لکيو ته وياج انساني زندگيون ڳڙڪائيندڙ ڪاروبار ٿي چڪو آھي، سوين گهر تباهه ٿي ويا آهن. فراز علي مغل لکيو ته اسان ان ڪاروبار کي غلط سمجهون ٿا، حنيف رضا لکيو ته سڄي سنڌ جيان خيرپور ضلعي اندر ڪيترائي ماڻهون وياجين کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪري چڪا آهن، اسيمبلين ۾ ويٺل چونڊيل نمائندن کي گهرجي تي وياج خورن خلاف سخت کان سخت قانون پاس ڪن. عبدالمالڪ لاشاري لکيو ته وياج جو ڪاروبار بند ڪرايو وڃي. عمران پٺاڻ لکيو ته عوام مجبوري جي ڪري وياج وٺي پئسا ڪتب آڻي ٿو، حڪومت آسان شرطن تي بينڪ ذريعي ماڻهن جي قرض ۾ مدد ڪري ته وياج جو عام ڪاروبار ختم ٿي ويندو. بشير رضا مهر لکيو ته وياجي نظام جي ڪري غريبن جو استحصال ٿي رهيو آهي. يار محمد هوت لکيو ته سنڌ ۾ وياج خوري نظام تباهي مچائي ڇڏي آھي سوين سرڪاري ملازم وياج خورن وٽ يرغمال ٿي چڪا آهن ڪافي نوجوان نفسياتي مريض بڻجي چڪا آھن، مزمل قادري لکيو ته وياج خوريءَ سبب ڪيترائي نسل تباھ ٿيا آھن حڪومت انھي خلاف ڪارروائي ڪري، طالب حسين چانڊيو لکيو ته وياج حرام آھي جيڪو اڳ ڪرڻ عيب سمجهيو ويندو ھيو ھاڻي سرعام ھلي پيو، ھي جيڪي سرڪاري ملازم آھن اهي پڻ گھڻي ڀاڳي وياج سبب سبب سخت پريشان آهن، سرڪاري ملازم 80 سيڪڙو وياج ۾ ورتل آهن، حڪومت کي گھرجي ته وياجين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري. سڪندر بلوچ لکيو ته وياج جھڙي ڪڌي ڪاروبار سبب خودڪشين جا واقعا ڏينھون ڏينھن وڌندا پيا وڃن وياجين خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. عادل الاهي بخش، محبتي مڪيش ۽ علي گل دايو لکيو ته وياج خوري جو ڪڌو ڪاروبار بند ڪرائڻ گهرجي، ان کانسواءِ حافظ حامد رضا، رامچند، مير ماڻڪ، ابيها عباسي، گل حسن شر، وقاص نظاماڻي، زاهد حسين ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *