تازا ترين
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*
  • *گھارو ويجھو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پيرسن فوت *سيد فارم ھائوس تي پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب55 ورهين جو صفدر شاهه فوت ٿي ويو* پيرسن جو لاش رورل ھيلٿ سينٽر مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو*
  • *مبارڪپور ۾ چوري ڪندي 2 چور سوگها،مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ چنڪي واھ تي چورن افغان مهر جي گهر کي کاٽ ھنيو ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا *ڳوٺاڻن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُالله جعفري کي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو *مبارڪپور پوليس پھچي ٻن چورن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُ الله جعفري کي گرفتار ڪري ورتو*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… وفاق پاران سنڌ جي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ وارو قدم برداشت نه ڪبو: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪراچي جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاق هڪ ڀيرو ٻيهر شهر اڏڻ جو اعلان ڪيو آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاق جو ڪو به ان قسم جو قدم قبول نه ڪيو ويندو، سنڌ جي وسيلن جي سدائين ڦرلٽ ڪئي وئي آهي، ٻيٽن تي به قبضو ڪيو پيو وڃي، جتي ڌارين کي آباد ڪيو ويندو، نوان شھر اڏڻ بدران اڳ ۾ موجود شھرن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ته بھتر ٿيندو، سامونڊي ٻيٽن تي شھر ٺاهڻ بدران سنڌ جي اجڙيل شھرن طرف ڌيان ڏنو وڃي، ڏنگي، ڀنڊار ۽ ٻين ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري فيصلي کي رد ڪريون ٿا. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي بشارت سومرو لکيو ته وفاق سنڌ جي زمينن کانپوءِ هاڻي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، سنڌ سان ويساهه گهاتيون ڪيون پيون وڃن، سنڌ جي وسيلن سنڌ جي زمينن تي ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي، سنڌين کي هينئر سجاڳ ٿي پنهنجي ڌرتي جي مالڪي ڪرڻ کپي، اختيار علي لکيو ته شھر اڏڻ جو مقصد سنڌ تي ٻيھر قبضا ڪرڻ آهي، جاويد هڪڙو لکيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي حڪومت بچائڻ ۾ پوري آهي، سنڌ جا ٻيٽ کسيا پيا وڃن، ڪريم سنڌي لکيو ته وفاق ھميشه پنجاب جي بالادستي هيٺ ٻين صوبن کي هر طرح سان پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آھي، ڏک جي ڳالھه اها آھي ته سنڌ حڪومت ون يونٽ جھڙن خطرن ۾ به خاموش آهي، عطاءُالرحمان لکيو ته ظلم جي بدترين انتها آهي وفاقي سرڪار آخر ڇو سنڌ جي شهرن کي ٽارگيٽ پئي ڪري؟ نياز سومرو لکيو ته سنڌ تي قبضي جون سازشون پراڻي دور کان ٿينديون رھن ٿيون، وفاق پاران سامونڊي ٻيٽن تي شهر اڏڻ جو اعلان سنڌ تي قبضي جو اعلان آهي، سنڌ جو عوام پنهنجي مٺڙي سنڌ کي پنهنجي ھٿن مان ڪڍڻ نه ڏيندو، پ پ کي گھرجي ته سياست کان ھٽي ڪري ڌرتي سان سچائي ڏيکاري، زبير احمد شيخ لکيو ته وفاق سنڌ جي سامونڊي پٽين تي هميشه کان نظرون ڄمائيون ويٺو آهي اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي پر سوال اهو آهي ته وفاق کي صرف ڪراچي ڇو نظر ٿو اچي؟ سنڌ جا ٻيا شهر به آهن جتي ڊولپمينٽ جي ضرورت آهي، هڪ طرف وفاق سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ تحت پوري رقم نه ٿو ڏئي ٻي طرف ڪراچي جي سامونڊي پٽي تي نوان شهر اڏي پيو جيڪڏهن وفاق کي ڪراچي سان ايتري ئي محبت آهي ته وفاق صرف اهو ٻڌائي ته ان انڊس ڊيلٽا جي لاءِ ڪهڙا اپاءُ ورتا آهن جتي سمنڊ ڪراچي جي زمين کي ڳيهي رهيو آهي. جاويد شيخ لکيو ته سنڌ جا ٻيٽ ڏنگي ۽ ڀنڊار وفاق جي نشاني تي آهن، اتي نون شهرن جي اڏوات لاءِ رٿائون سوچيون پيون وڃن. هي پهريون ڀيرو ڪونهي جو سنڌ کان ان جي زمين ۽ وسيلا کسڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هجي، ڪڏهن پاڻي تي ڌاڙو، ڪڏهن معدني وسيلن تي، ڪڏهن تيل ۽ گئس تي ته ڪڏهن ناڻي تي ڌاڙو هنيو ويندو آهي، سنڌ حڪومت کي سنڌ جي وسيلن تي پنهنجو موقف چٽو رکڻ گهرجي، آفتاب ڪيريو لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي سازش آھي سنڌ جي ٻيٽن تي صرف سنڌي ماڻھن جو حق آھي شھر اڏجڻ سان سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا، رفيق احمد لکيو ته شھر اڏڻ جو مقصد غير مقامي ماڻهن کي آباد ڪرڻ آهي، عبدالسلام سومرو لکيو ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي سنڌ تي ڪڏھن ڌارين جي اک ته ڪڏھن وفاق جي نظر آهي، سنڌ جي وسيلن تي سنڌ ۽ سنڌ جو عوام جو حق آهي، خير محمد ڇٽو لکيو ته سنڌ جي وسيلن تي سدائين قبضا ٿيندا رهيا آهن، چونڊيل نمائندا خاموش رهندا آهن. نوشاد خاصخيلي لکيو ته سنڌ جي وسيلن توڙي زمين تي سدائين بري نظر رهي آھي، ائين ئي ڀنڊار توڙي ٻين سامونڊي ٻيٽن تي وفاق ڪيترائي دفعا قبضي جي ڪوشش ڪئي آھي، پر هن دفعي خدشو آھي ته ڪراچي ڪاميٽي ۽ پ پ جي ڪارنامن جو ٻيٽ به شڪار نه بڻجي وڃن ڇو ته ذوالفقارآباد ۽ بحريه ٽائون وغيره جا مثال اسان جي آڏو آھن. امير حسين ۽ گل حسن شر لکيو ته وفاق جو اهڙو قدم قبول ناهي، سنڌ جو حق سنڌ کي ملڻ گهرجي، بختيار ڇٽو لکيو ته اسان اھيو وفاق کي قدم بلڪل کڻڻ نه ڏينداسين، سنڌ تي ھميشا قبضا پيا ٿين، روشن داس لکيو ته نوان شھر اڏڻ جي بدران اڳ ۾ موجود شھرن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ته بھتر ٿيندو، نويد نواز سومرو لکيو ته اسان وفاق جي اهڙي قدم جي مذمت ڪريون ٿا ۽اميد ڪريون ٿا ته سنڌ جا چونڊيل نمائندا وفاق اڳيان پنهنجي ٻيٽن کي بچائڻ لاءِ ڀرپور احتجاج ڪندا، علي گوهر سومرو لکيو ته وفاق ڪجھه به نٿو ڪري سڀ سنڌ حڪومت ڪري رهي آھي، جي ايم چانڊيو لکيو ته سنڌ جي زمينن مٿان قبضا ڪرڻ جي سازش آهي، وفاق ڪڏهن ڪنهن ٻئي صوبي ۾ شهر اڏڻ جو هن مهل تائين اعلان ناهي ڪيو؟، خادم گهراڻو لکيو ته عربي سمنڊ جنهن جو اصل نالو سنڌي سمنڊ آهي اهو سنڌ جو آهي جيڪڏهن شهر اڏجن ته سنڌ اڏي وفاق جو حق نه آهي اها سنڌ کي ورهائڻ ڪا رٿ آهي، وفاق طرفان ڪيل فيصلي کي سنڌ جو عوام رد ڪري ٿو، مهاوير واسو لکيو ته وفــاق سدائين سنڌين جون زمينون تڪيون ويٺو آھي، سردارغوث بخش ملڪ لکيو ته وفاق جو صرف سنڌ سان اهڙو رويو ڇو آهي؟، عاشق حسين لکيو ته دنيا ماحولياتي آلودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھي پر ھتي سنڌ جي وسيلن تي ڌارا ھڻي، صوبائيت جي فڪر کي ختم ڪري ڌاريا آباد ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪري رهيا آهن، خالد خاصخيلي لکيو ته سنڌ جي حقن تي ڌاڙو قبول ناهي، علي مراد لاشاري لکيو ته سامونڊي ٻيٽن تي شھر ٺاهڻ بدران سنڌ جي اجڙيل شھرن طرف ڌيان ڏنو وڃي، اشفاق حسين لاکو لکيو ته سٺي ڳالھه آھي پر اتي صرف خاص سنڌين کي شهر اڏڻ جي اجازت ڏني وڃي ڌارين کي بلڪل اجازت نه ڏني وڃي، ڪاشف علي لکيو ته سنڌ حڪومت کان سواءِ ڪجهه به نه ٿيندو هي سڀ ڪجهه سنڌ حڪومت پاڻ ڪرائي رهي آهي، بشير رضا مهر لکيو ته وفاق کي گھرجي ته ٻين صوبن ۾ به اهڙا اعلان ڪري، ايم بي قادري لکيو ته نوان شهر اڏڻ سان مھاڻن کي نقصان پوندو، راشد مراد چانڊيو لکيو ته وفاق سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ پيو چاهي، الطاف حسين لکيو ته سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا هڻڻ بند ڪيا وڃن، ذاڪر لغاري لکيو ته سنڌ حڪومت کي عوام اڳيان پنھنجو واضع موقف آڻڻ جي ضرورت آھي، شايد ڪراچي ڪميٽي جو اصل حدف اھو ئي ھجي. نجيب سنڌي لکيو ته سنڌ جو عوام اهڙو قدم ڪڏهن به برداشت نه ڪندو، يار محمد مڱريو لکيو ته انهي ڳالهه ۾ ڪا به صداقت ناهي اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي. دليپ ڪمار لکيو ته سنڌي ماڻهو وڌ ۾ وڌ ان ۾ پنهنجو حصو وجهو، جنيد زرين لکيو ته اسان کي ته هتي پيئڻ لاءِ پاڻي نٿو ملي ته پوءِ ٻيٽن تي هئ ڪيئن رهي سگهندا؟. محبوب علي سومرو لکيو ته اهو غلط قدم آهي، جرئت علي چانڊيو ۽ الاهي بخش سومرو لکيو ته سامونڊي ٻيٽن تي شهر ٺاهڻ سنڌ دشمن سازش آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *