تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… وفاقي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، مخالف ڌر جو متحد ٿيڻ چونڊن جي تياري آهي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته موجوده سياسي صورتحال ۾ مخالف ڌر پاران آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ واري عمل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاقي حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿئي چڪي آهي ان ڪري مخالف ڌر متحد ٿي رهي آهي، پر انهن کي عوام لاءِ ضرور سوچڻ گهرجي، اڪثر اهي پنهنجا مفاد ئي حاصل ڪندا رهيا آهن، عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ گهرجن. سوال/سروي سلسلي ۾ ڪمينٽ ڪندي ذوهيب جيهو لکيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس ھجي يا ٻي ڪا گڏجاڻي اپوزيشن پارٽين جو فقط ھڪ ئي مقصد ھجڻ گھرجي ته جنھن عوامي مسئلي يا حڪومتي ڪارونھوار ۾ ڪا ڪمي پيشي يا ڪوتاھي ھجي ته اسيمبلي فلور يا ھر فورم تان ان جي نشاندهي ڪن پر اسان وٽ ان جي ابتڙ اپوزيشن پارٽيون ڪردار ادا ڪن ٿيون، ايڊووڪيٽ احمد نواز لکيو ته مخالف ڌر پاران گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس ملڪ جي مستقبل جي لاءِ بهتر آهي ڇا ڪاڻ ته موجوده سرڪار بلڪل ناڪام ٿي نظر اچي، وحيد مستوئي لکيو ته صرف ۽ صرف طاقت جو شو ڏيکارڻ جي چڪر ۾ آھن، اختيار علي ٻٻر لکيو ته ھتي ھر ڪا ڌر ھڪ ٻئي کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھي، اي پي سي ۾ سڀ پارٽيون عوام جون آزمايل آھن، نديم مهر لکيو ته سڀ آزمايل پارٽيون آهن، اهي گڏ ان ڪري ٿي رهيا آهن ته اهي اقتدار حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، رحمت الله ميراڻي لکيو ته اي پي سي گھرائڻ بھترين ڪم آھي، سڀ پارٽيون گڏجي عوام ۽ ملڪ جي بھتري لاءِ ڪو لائحه عمل جوڙن، ملڪ ۾ موجوده صورتحال جنھن ۾ وبائي امراض، مھانگائي ۽ بيروزگاري کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ گھرجي، اپوزيشن پارٽيز جي گڏجڻ سان حڪومت تي دٻاءُ وڌندو جنهن سان حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر ٿي سگهي ٿي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته مخالف ڌر پاران حڪومت کي جاڳائڻ لاءِ اي پي سي ٿي رهي آهي، مخالف ڌر سنجيدگي جو مظاهرو ڪري عوام لاءِ بهتر فيصلا ٿي سگهن ٿا، فدا ميراڻي لکيو ته جيڪڏھن عوام جو شعور جاڳيل ھجي ۽ آل پارٽيز ۾ شرڪت ڪندڙ سڀن پارٽين کان سندن ڪارڪردگي بابت سوال ڪري ته اوهان پاڻ عوام کي ڇا ڏنو آهي؟ مهاوير واسو لکيو ته حڪومت عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، اپوزيشن حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏين گهرجي، نيڪ محمد لکيو ته اگر سڄي اپوزيشن پاڻ ۾ ثابت قدم رھي ته پو ھن صورتحال ۾ ڪجهه کڙ تيل نڪري سگهي ٿو، عبدالحميد مگسي لکيو ته وفاقي حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿئي چڪي آهي ان ڪري مخالف ڌر متحد ٿي رهي آهي، نياز سومرو لکيو ته اپوزيشن کي في الحال انتظار ڪرڻ پوندو، شنڪر باغي لکيو ته موجوده وقت ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ ايترو دم نظر نٿو اچي جو اڪيلي سر سرڪار کي منهن ڏيئي سگهن ۽ ايندڙ اليڪشن جي تياري لاءِ به تجربو پيا ڪن ته ڪير ڪنهن سان گڏ ھلي سگهي ٿو، ممتاز علي مهر لکيو ته مخالف ڌر وارا پاڻ هڪٻئي جا مخالف نظر اچي رهيا آهن، بادل خان پتافي لکيو ته اڳ ۾ به اهڙيون آل پارٽيزڪانفرنس ٿيون آھن مگر ان مان عوام کي ڪو رليف ناهي مليو،اسماعيل لانگاهه لکيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ بهتر آهي پر پنهنجي سياسي مفادن نه پر عوامي مفادن کي زير بحث رکيو وڃي، نظر محمد لکيو ته انقلاب هميشه اتحاد سان ئي آيو آهي جيڪڏهن مخالف ڌر آل پارٽيز اجلاس سڏرائي ٿي ته ممڪن آهي انجي منظم لائحه عمل سان ڪو بهتر فيصلو ٿئي، اي بي دائودپوٽو لکيو ته اگر مخالف ڌر جي اي پي سي ڪانفرنس ۾ عوام جي بھتري لاءِ ڪو فيصلو ڪري ٿي ته اھو بھتر عمل ھوندو، باقي سدائين وانگر فرضي بيٺڪ ڪري حڪومت تي پريشر وجھي پنھنجا مفاد حاصل ڪندا، شربت علي جعفري لکيو ته مخالف ڌر تمام سٺو فيصلو ڪيو آهي، مڪيش ڪمار لکيو ته تمام سٺو عمل آھي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ گهرجي، مقبول ميمڻ لکيو ته ساڳيا ٽڪر ساڳ سان.. هي وري ڪهڙا خير خواهه آھن، بخت علي عباسي لکيو ته سڀ چور آهن عوام سان ڪير سچو ناهي، ايڊووڪيٽ سنيل لکيو ته سڀ پنهنجي مفادن لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن، ظهير لغاري لکيو ته عوام لاءِ سڀ مٿي جو سور آهن، خادم رند لکيو ته مخالف ڌر رڳو پي ٽي آءِ سرڪار تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ اي پي سي گهرائي رھي آھي. باقي مخالف ڌر جا جيڪي حال آھن سي ڪنھن کان ڳجها ناھن. بشير رضا مهر لکيو ته مخالف ڌر حقيقي اپوزيشن ڪري ته معاملو حل ٿي سگهي ٿو باقي فرينڊلي اپوزيشن نه ڪرڻ گھرجي، سميع الرحمان لکيو ته بھترين عمل آهي جو سڀني پارٽين کي دعوت ڏني وئي ان سان ملڪ جا مسئلا حل ٿيندا، منصور جروار لکيو ته سڀئي چور آهن سدائين ملڪ کي لٽيو ويو آهي، شاهجهان کوسو لکيو ته اي پي سي بعد حڪومت خلاف تحريڪ هلندي، محمد آچر درس لکيو ته مالف ڌر جي گڏ ٿيڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، آغا علائوالدين لکيو ته سڀ آزمايل آهن، عبدالمالڪ لاشاري لکيو ته وقت جو زيان آهي سڀ پاڻ لاءِ گڏ پيا ٿين عوام جي ڪنهن کي به پرواهه ناهي. محمد مٺل چانڊيو، عاقب تنيو، اسدالله، گلحسن شر، مسرور شر، سليم اختر، محمد عرفان، احسان کوسو، شادمان مري، سجاد حسين، اياز حسين منگي، عاقب نظاماڻي ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، سڪندر علي لکيو ته مخالف در ڀلي شوق پورو ڪري ٿيندو ڪجهه بي نه، عابد حسين شر لکيو ته اپوزيشن ۾ موجود سڀني پارٽين چار چار ڀيرا اقتدار جا مزا ماڻيا آھن پر عوام جا مسئلا حل ناهن ڪيا، سنڌ جا ماڻھو گٽر مليل ۽ کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن، سنڌ جي سرڪاري ادارن، تعليم، صحت، ايريگيشن تباهه لڳا پيا آهن، ڀڳل ٽٽل روڊ، رستن تي بيٺل گندي پاڻي جو ذميوار ڪير آهي؟، شريف بلوچ لکيو ته وفاقي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي جنهن ڪري مخالف ڌر وارا متحد ٿي رهيا آهن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

One Response to سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… وفاقي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، مخالف ڌر جو متحد ٿيڻ چونڊن جي تياري آهي: عوام

  1. mohammad Achar dars says:

    thnks ap ny sawal sarvey me mra muquf bi add kia

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *