تازا ترين
  • *ڪراچي:احتساب عدالت قومي ناڻي کي 3 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ بابت ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو *احتساب عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مختيار ڪار سوڌو سمورن جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي *جوابدارن ۾ مختيار ڪار محمد سالڪ، عبدالعزيز، شاهد، واحد بخش، زمان، شاهد رضا شاهه ۽ لال محمد شامل *جوابدارن تي ملير ضلعي ۾ سرڪاريزمينن تي غير قانوني الاٽمينٽ جو الزام آهي:نيب*
  • *ڏوڪري ويجهو ناري مبينا طوراغوا ٿي وئي، وارثن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج *ڳوٺ جکرا واسين جو 18ورهين جي نوشاد عرف ريما چنو جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو *جوابدار رانجهن منگي ناري کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو، پوليس ڪارروائي نٿي ڪري: مظاهرين*
  • *بهاولنگر: سي ٽي ڊي جي عارف والا روڊ تي ڪارروائي، دهشتگرد گرفتار *ڪارروائي دوران العاعده سان تعلق رکندڙ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو: سي ٽي ڊي *دهشتگرد جي قبضي مان مختلف قسم جو خطرناڪ مواد هٿ ڪيو ويو: سي ٽي ڊي*
  • *سکر: سپيڪو جي ڊائريڪٽر فنانس پاران بجلي چوري ڪرڻ جو انڪشاف *ڊائريڪٽر فنانس سيپڪو جي بنگلي جي بجلي ورھين کان ڊائريڪٽ ھلڻ جو انڪشاف *امداد ميراڻي جي بنگلي ۽ اوطاق ۾ ڊائريڪٽ ڪنيڪشن لڳل ھئا: ڇاپا مار ٽيم جو انچارج *سيپڪو چيف جي هدايتن تي ڇاپا مار ٽيم جي گهوٽڪي ويجهو بجلي چوري خلاف ڪارروائي*
  • *آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ترڪي جي دفاع واري وزير جي ملاقات: آءِ ايس پي آر *ترڪ دفاع واري وزير علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي: آءِ ايس پي آر *ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي شراڪت داري ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي: آرمي چيف*
  • *لاهور: ايس ايس پي سيد جنيد ارشد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس *عدالت جوابدار جنيد ارشد کي وڌيڪ 10 نومبر تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو *جنيد ارشد تي عهدي جو ناجائز استعمال ڪرڻ جو الزام آهي: نيب*
  • *ڪراچي ۾ 5 هزار گيلن کان وڌيڪ پاڻي کڻندڙ واٽر ٽينڪرز تي شهر ۾ داخلا تي پابندي *ڊِي آءِ جي ٽريفڪ ملير، ڪورنگي، ايسٽ، ويسٽ جي ايس ايس پيز کي خط لکي ڇڏيو *شهر ۾ صرف 5 هزار گيلن پاڻي کڻي ويندڙ ٽينڪرز کي اجازت هوندي: ڊي آءِ جي*وڌيڪ وزن کڻندڙ ٽينڪرز حادثن جو سبب بڻجندا آهن: ڊي آءِ جي ٽريفڪ*
  • *همايون شريف ويجهو نينگري پاران مبينا آپگهات وارو معاملو *ڳوٺ وڏا ڏئيا واسڻ 17ورهين جي نيلم ڏئيو جي مبينا آپگهات جو ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس ورتو *پوليس نينگري جي والد خلاف ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو *نينگري جي وارثن سندس موت کي آپگهات قرار ڏنو هو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد گلبهار ڏئيو فرار*
  • *دولتپور صفن ويجهو قومي شاهراهه تي پراڊو گاڏي جي ٽڪر ۾ واٽهڙو پيرسن فوت *جوکيا موڙ وٽ حادثي ۾ پيرسن چڻو ولد کيڏو خان ڀٽي فوت ٿي ويو، لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو *پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو*
  • *هنڱورجا ويجهو سڳيون لنڪ روڊ تي ڦر دوران مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ٿي وئي *مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ڳوٺ مٺو خشڪ واسي سليم ولد امداد خشڪ نالي سان ٿي: ايس ايڇ او هنڱورجا *
  • *سبي: مٺڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي مزده ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 9 مسافر زخمي *حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو*
  • *پشاور: پارا چنار جي علائقي شلوزان ۾ ٽن ڄڻن جو قتل، 6 جوابدار گرفتار *گذريل ڏينهن ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هئا : ڊي پي او*
  • *راجنپور ۾ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جي ڊيلرن خلاف آبادگارن جو احتجاج، گڏهه ڪاهي ريلي ڪڍي وئي *آبادگارن زراعت کاتي جي عملدارن جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… وزير اعظم عمران خان تي عوام ڪاوڙيل، ضمني چونڊون ٿيون ته پي ٽي آءِ نه کٽي سگهندي

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري جو سياسي مستقبل ناهي، اپوزيشن استعيفائون ڏنيون ته ضمني اليڪشن ڪرائيندس، وزيراعظم جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائين پنهنجي ڳالهه تان ڦري ويندو آهي، عمران خان جيڪا ڳالهه ڪئي آهي ته آصف زرداري ۽ نواز شريف جو سياسي مستقبل ناهي اها ڳالهه درست ناهي، جيڪڏهن اپوزيشن استعيفائون ڏنيون ته پي ٽي آءِ نه کٽي سگهندي ڇو ته عمران خان تي عوام ڪاوڙيل آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي حبيب جمالي لکيو ته ڇو ته عمران خان ضمني اليڪشن ۾ به جنرل اليڪشن وانگر کٽڻ چاهي ٿو ان ڪري پراميد آهي، مظفر بلوچ لکيو ته انهن جو مستقبل روشن آھي، باقي رهي ڳالهه عمران خان جي ته ان کي ڪرسي خيرات ۾ مليل آھي، ملڪ هلائڻ هن جي وس جي ڳالھه ناهي، خادم گهراڻو لکيو ته نوازشريف ۽آصف زرداري اڳ به هئا هاڻي به آهن ٻنهي پارٽين جا اميدوار استيفا نه ڏيندا جيڪي تبديلي جو چئي رهيا هئا اهي ڏسن ته عوام بک ۾ مري رهيو آهي، پرويز علي لکيو ته پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ته گهڻا دفعا اقتدار جا مزا ماڻيا آهن. عمران خان ته انهن جا قرض لاهڻ ۾ پورو آهي، صادق لاشاري لکيو ته عمران خان پنهنجا اڳ ڪيل قول پاڙي ها ته اعتبار ڪجي ها. گل حسن شر لکيو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، جهانزيب لکيو ته جيڪڏهن آپوزيشن فوج ۽ حڪومت ۾ ويڇا پيدا ڪيا ته نقصان ٿيندو، جاويد احمد لکيو ته جيڪڏهن عمران کان مهانگائي تي ڪنٽرول ، امن و امان جي بحالي ۽ معيشيت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ته پوءِ ن ليگ جو واقعي ڪو به مستقبل نه آھي، باقي استعيفائن واري معاملي تي اپوزيشن ۾ پاڻ به اتفاق ناهي، عبدالله جروار لکيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف جو سياسي ڪردار مستقبل ۾ به رهندو، باقي اپوزيشن استعيفا نه ڏيندي، اڪبر عارباڻي لکيو ته زرداري ۽ نوازشريف استعيفائن جو اعلان ڪندا ته اڌ کان وڌيڪ ميمبر ان حڪم تي عمل ئي نه ڪندا، گل زيب ساند لکيو ته سياستدانن جي ڪري اسان جي عوام کي ڀوڳڻو ٿو پوي.جاويد هڪڙو لکيو ته اپوزيشن متحد ٿي ته حڪومت هڪ منٽ اندر ڪِري پوندي، عاشق حسين لکيو ته وزيراعظم جو بيان درست ناهي، باقي استعيفائن بعد اليڪشن ٿي ته آصف زرداري ۽ نواز شريف جي پارٽي ڪامياب ٿيندي، پيارو سنجراڻي لکيو ته ن ليگ ۽ پ پ ٻئي وڏيون پارٽيون آهن باقي عمران خان جو ڪوبه مستقبل ناهي، شفيق ڇٽو لکيو ته ڪجهه ڪو نه ٿيندو، حافظ لالدين ڀنگوار لکيو ته هي يو ٽرن وزير اعظم آهي، ضمني اليڪشن هن جي هٿ ۾ ناهي، مولابخش سيال لکيو ته عمران خان جيڪو چوندو آھي ان تي عمل به ڪندو آهي، اياز احمد پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، ذاڪر احمد لکيو ته عوام عمران خان تي ڪاوڙيل آهي، علي مراد چانگ لکيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري جڏھن ھڪ ٿيندا ته حڪومت جي اھا آخري رات ھوندي، محبتي مڪيش لکيوته رڳو سياسي اشو آهي عوام کي ڪو فائدو ناهي، زين شر پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، حبيب الله جمالي لکيو ته اها عمران جي ڀل آهي ضمني اليڪشن ۾ عمران خان هڪ به سيٽ نه کٽي سگهندو ڇو جو ان کي عوام گهڻو آزمايو آهي هن ڪي به واعدا پورا نه ڪيا آهن، رياض ميراڻي لکيو ته عمران خان يوٽرن جو ماھر آهي، الطاف بلوچ لکيو ته اپوزيشن مضبوط نه آهي پ پ ۽ نواز ليگ جا ميمبر استعيفائون نه ڏيندا، ظفر رند لکيو ته جيڪڏهن استعيفائون نه ڏنيون ويون ته ان جو فائدو عمران حڪومت کي ٿيندو، اسلم سمون لکيو ته استعيفائون ڏيڻ بيوقوفي وارو قدم هوندو، نويد سومرو لکيو ته اگر ضمني اليڪشن ٿئي ٿي ته تبديلي سرڪار جو کٽڻ مشڪل ٿولڳي، خادم رند لکيو ته عمران خان ٻين کان وڌيڪ پنھنجي مستقبل جو فڪر ڪري. جيڪڏهن مخالف ڌر وارن استعيفائون ڏنيون ته ملڪ ۾ وڏو سياسي ڏڦيڙ پيدا ٿي پوندو جنھن جي حل لاءِ لازمي طور نيون چونڊون ڪرائڻيون پونديون. عرفان ميمڻ، محمد حنيف، عبدالله چانڊيو، غلام عباس چانڊيو، بابو خان زرداري جاويد کوسو، مهاوير واسو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو،نياز ڪلوئي لکيو ته اھيو صرف سياسي بيان آهي، حيدربخش ساند لکيو ته جيستائين اپوزيشن جو وقت باقي آهي تيستائين عمران خان کي ملڪ ۾ مهانگائي کي ختم ڪري، معشوق لغاري پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، سڪندر بلوچ لکيو ته عمران خان بيان ڏيڻ کان پوءِ اڪثر يوٽرن وٺندو آھي ڏسڻو اھو آھي ته ان بيان تي ڪيترو عمل ٿو ڪري باقي اپوزيشن ڪڏهن استعيفائون نه ڏيندي، عطاءُالله شاهه لکيو ته عمران خان وري کٽي نه سگهندو، عبدالغفار ڀٽو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، حافظ خدابخش انڍڙ لکيو ته وزيراعظم اپوزيشن جماعتن جي اتحاد کان پوءِ خوفزده آهي، عبدالحڪيم لغاري، علي حيدر چانگ پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، شير محمد مري لکيو ته ضمني اليڪشن ۾ اپوزيشن پارٽين جا اميدوار ڪامياب ٿيندا، عبدالحئي ساوند لکيو ته وزيراعظم عمران خان هر روز عجيب ڳالهيون ڪندو آھي،عبدالواجد ۽ ڪاشف بلوچ پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *