تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… وزيراعظم کي رڳو ڪراچي نه پر سڄي سنڌ جي متاثر ضلعن لاءِ پيڪيج ڏيڻ گهرجي ها: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم طرفان ڪراچي لاءِ 1100 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وزيراعظم پاران ڪراچي لاءِ پيڪيج ڏيڻ سٺو عمل آهي پر سنڌ جي ٻين متاثر ضلعن لاءِ به پيڪيج جو اعلان ڪرڻ گهرجي ها، جتي ٻوڏ واري صورتحال آهي ۽ هزارين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، اهو پڻ چيو ويو ته وزيراعظم جي پهريان وارن اعلانن کي ڏسندي اهو لڳي نٿو ته ڪو ڪراچي پيڪيج تي عمل ٿيندو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي جاويد احمد لکيو ته وزيراعظم جيڪو اعلان ڪيو آهي ان مان ته اهو لڳي رهيو آهي ته سڄي صوبي جا وسيلا ڪراچي تي لڳايا ويندا ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڪم رڪجي ويندا، گل حسن شر لکيو ته بهترين پيڪيج آهي، شنڪر باغي لکيو ته سٺي ڳالھه آھي پر وزيراعظم پوري ملڪ جو وزيراعظم آھي ان ڪري باقي سنڌ جي متاثر ضلعن لاءِ به پيڪيج جو اعلان ڪرڻ گهرجي ها، عبدالوهاب لکيو ته سٺو اعلان آهي، زبير احمد لکيو ته ڪراچي ۾ برسات جي متاثرن سان اسان کي دلي همدردي آهي پر وزير اعظم کي انهن علائقن جي لاءِ به ڪو اعلان ڪرڻ گهرجي ها جتي بارشن سبب ٻوڏ واري صورتحال هئي، نثار پتافي لکيو ته وزيراعظم کي صرف ڪراچي نه پر سڄي سنڌ لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪرڻ گهرجي ها، عبدالمجيد شيخ لکيو ته وزيراعظم ڪراچي لاءِ 1100 ارب جي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ٻه سال اڳ 162 ارب جو اعلان ڪيو هو اهي پئسا هيل تائين ناهن ڏنا هاڻي وري ڪهڙو عمل ڪندو، خادم گهراڻو لکيو ته اهو اعلان بهترين ٿيو آهي پراهو اعلان ڪراچي جي لاءِ ٿيو آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت چوي ٿي ته ان ۾ اسان جا پيسا آهن جيڪي به ضلعا ٻوڏ کان متاثر ٿيا آهن انهن کي به پيڪيج ڏنو وڃي، راسول مل لکيو ته تمام بهترين پيڪيج جو اعلان ڪيو ٿرپارڪر عمرڪوٽ سانگهڙ ته ڪراچي کان وڌيڪ متاثر ٿيا آھن ماڻھون کليل آسمان هيٺ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن انهن لاءِ به رليف ڏيڻ گهرجي ها. رحمت الله ميراڻي لکيو ته وزيراعظم پاران ڪراچي لاءِ پيڪيج جو اعلان سٺو عمل آھي پر سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ٻوڏ جھڙي صورتحال آھي،انهن لاءِ به پيڪيج جو اعلان ڪرڻ گھرجي ھا، عاشق حسين لکيو ته وفاقي حڪومت جو بھترين قدم آھي ان سان صوبي مان بيچيني واري ڪيفيت ختم ٿيندي ۽ ڪراچي جون روشنيون بحال ٿينديون. محبتي مڪيش لکيو ته اعلان ته سٺو آهي پر ان تي عمل ڪو نه ٿيندو، زروا بلوچ لکيو ته پيڪيج تي عمل نه ٿيندو، آفتاب چانڊيو لکيو ته 1100 ارب روپين مان 800 ارب سنڌي ماڻھن جو پئسو ۽ 250 ارب چيني ڪمپني ڏيندي باقي 50 ارب وفاقي حڪومت ڏيندي ان 50 ارب عيوض غيرآئيني ڪاميٽي سنڌ جي دل ڪراچي تي قابض ھوندي، يارمحمد مڱريو لکيو ته وزيراعظم عمران خان کي سنڌ جي ٻين متاثر ضلعن لاءِ به پيڪيج ڏيڻ گهرجي، خاموش خليل شر لکيو ته وزيراعظم جو اعلان بهترين پر عمل جلد کان جلد ٿئي، مقصود چانڊيو لکيو ته بهترين اعلان آهي ان تي جلد عمل ٿيڻ گهرجي، عمران پٺاڻ لکيو ته بهترين پيڪج آهي اهو ٺيڪو چائنا وارن کي ڏيو ۽ وفاق فقط نگراني ڪري، امير حسين لکيو ته اڳتي هلي ان جي سموري خبر پوندي ايم بي قادري لکيو ته پيڪيج سان ڪراچي ۾ بهتري ايندي سڪندر بلوچ لکيو ته وزير اعظم عمران خان ڪراچي کي تمام سٺو پيڪيج ڏنو آھي پر ڏٺو وڃي ته جتي ٻين ضلعن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ تباھي مچائي ڇڏي آھي لکين ماڻھون بي گھر ٿي ويا آھن انھن تي به ٿوري نظرثاني ڪئي وڃي ته بھتر ٿيندو، فاروق خان لکيو ته زبردست پيڪيج آهي، علي گل دايو لکيو ته تمام زبردست اعلان آھي اميد ته انھي پيڪيج سان ڪراچي ۾ بھتري ايندي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *