تازا ترين
  • *دادو بار جي وڪيلن پاران ڪيميڪل مليل کير جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو *وڪيلن ڪيميڪل مليل کير جو وڪرو بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو *انتظاميه جي ملي ڀڳت سان کير ۾ صرف ۽ شيمپو ملهايا وڃن ٿا جنهن سان گڙدا ۽ ڦڦڙ ختم ٿين ٿا: وڪيل*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ انٽري ٽيسٽ وارو معاملو *انٽري ٽيسٽ صوبو وٺندو يا وفاق، معاملو حل نه ٿي سگهيو *سنڌ جي صحت کاتي، وفاق ۽ پي ايم سي پاران جواب جمع ڪرايو ويو *عدالت 28 آڪٽوبر تي پي ايم سي جي قيام بابت وڪيلن جا دليل طلب ڪري ورتا*
  • *سيٺارجا: ڳوٺ نانگو دفتري ۾ باهه لڳڻ سبب مغيري برادري جا ڪيترائي گهر سڙي رک *اطلاع باوجود فاربرگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ڪنگري جي ڪچي ۾ لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پوليس جو آپريشن، 6ڌاڙيل مارجي ويا *مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ ربنواز عرف ربو ناريجو، وحيد رند، اقبال ناريجو، ارباب ناريجو ۽ پٺاڻ عرف پٺو ناريجو شامل *مارجي ويل ڌاڙيل اقبال ناريجو ۽ ٻين مٿان 10-10لک رپيا انعام رکيل هو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو *مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان راڪيٽ لانچرز، مشين گنز ۽ ٻيا جديد هٿيار هٿ: پوليس *آپريشن دوران ڌاڙيلن جي20 کان وڌيڪ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو: پوليس *
  • * فشر مين ڪو آپريٽيوسوسائيٽي جي اڳوڻي چيئرمين خلاف غير قانوني ڀرتين وارو ريفرنس *نثار مورائي خلاف ريفرنس آخري مرحلي ۾ آهي: نيب پراسڪيوٽر *ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن: احتساب عدالت جو حڪم*
  • *ڪراچي: اسپارڪو روڊ تي اسڪول جي سڪيورٽي گارڊ جو لاش هٿ *گارڊ ڊيوٽي دوران پنهنجي ئي هٿيار سان اتفاقي گولي لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي: پوليس*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس سبب معطل ٿيل بائيو ميٽرڪ سسٽم بحال *چيف جسٽس اطهر امن الله جي هدايت تي ڊپٽي رجسٽرار سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو *درخواست داخل ڪرڻ وقت سائلن کي بائيو ميٽرڪ بيان حلفي جي تصديق ضروري هوندي *چيف جسٽس ڪورونا سبب بائيو ميٽرڪ بيان حلفي تصديق کي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو*
  • *اسلام آباد: راڻي باغ جانورن جي مرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي *عدالت رڇن جي پرڏيهه منتقلي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي *اين او سي جاري ٿيڻ بعد رڇن کي پرڏيهه منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي: ڊپٽي اٽارني جنرل *هڪ رڇ کي اردن ۽ ٻئي کي بلغاريه منتقل ڪيو ويندو: درخواستگذار جو وڪيل*
  • *گهوٽڪي: پنجاب واسڻ فنڪارا عليشاهه تي بااثرن پاران مبينا تيزاب هارڻ جي ڪوشش وارو مامرو *گهوٽڪي: رحيميار خان پوليس وڏيري امان الله ڪلوڙ بعد هارون ڪلوڙ کي به گرفتار ڪري ورتو *دوستي نه رکڻ تي امان الله، هارون ۽ تپيدار ارشاد ڪلوڙ تيزاب هارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويس: عليشاهه*
  • *ڊکڻ ويجهو هفتو اڳ قتل ٿيل عبداللطيف ککراڻي جي وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو *ڳوٺ شير خان ککراڻي واسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت نبي شاهه بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو، ٽائرن کي باهيون *هفتو گذرڻ باوجود عبداللطيف ککراڻي جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين*
  • *هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪرائيندڙ محمود اختر نقوي خلاف آئيني درخواست *محمود اختر نقوي سبب ادارن ۽ عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي: درخواستگذار *محمود اختر نقوي نه وڪيل آهي ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر آهي: درخواستگذار*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف ڪرپشن وارو ڪيس *اعجاز جکراڻي جي فرنٽ مين غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل نه منتقل ڪرڻ خلاف اپيل *عدالت نيب کان جواب طلب ڪري ورتو *غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل منتقل ڪرڻ بدران جيڪب آباد ۾ رکيو ويو آهي: درخواست*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ميرپورخاص: عمرڪوٽ روڊ تي حادثي ۾ زخمي ٿيل شخص فوت *رات دير سان ڪار جي ٽڪر ۾ نامعلوم شخص زخمي ٿي پيو هو، لاش سول اسپتال ۾ پيل*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… وزيراعظم مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اپوزيشن خلاف ڀارت کي خوش ڪرڻ جو بيان ڏنو: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر پارٽين جي اي پي سي بابت چيو آهي ته”اپوزيشن رياستي ادارن کي بدنام ۽ ڀارت کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي“ وزيراعظم جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو اپوزيشن بابت بيان سياسي آهي، جڏهن عمران خان ڌرڻو هنيو هو ته ان وقت هن پاڻ به اهڙيون ڳالهيون ڪيون هيون، وزيراعظم ۽ اپوزيشن جو بيان ڪا نئين ڳالهه ناهي، سياست ۾ اهڙيون بيانبازيون هلنديون رهنديون آهن، حڪمران عوام جو مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ان قسم جا بيان ڏئي رهيا آهن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي جمشيد هاليپوٽو لکيو ته جمهوريت ۾ اهو الزام ڪيترو نه غيرسياسي آهي ته مخالف ڌر غيرملڪي ادارن کي خوش ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪري پئي، اهو بيان مخالف ڌر جو آواز دٻائڻ لاءِ غيرسياسي ۽ ڪريل حرڪت چئبي. سليڪٽڊ وزيراعظم وٽ جڏهن جواب ڏيڻ لاءِ ٻيو ڪو دليل ناهي ته هُو مخالف ڌر جي عمل کي ڀارت دشمني وارو رنگ پيو ڏي. انهي مان خبر پوي ٿي ته وزيراعظم ۽ سندس ساٿي ڪيترا ڪمزور آهن. رانجهن پرمار لکيو ته جڏهن عمران خان پاڻ ڌرڻو هنيو ۽ هلندڙ حڪومتي ڪاروهنوار ۾ ڏڦيڙ وڌو ملڪي ادارن کان ويندي ڪنهن به سياستدان کي بخش نه ڪيو تڏهن ڪنهن کي خوش پئي ڪيائين؟ ڀارت کي خوش ڪرڻ لاءِ عمران خان پاڻ ڇا ڇا نه ڪيو آهي چونڊون کٽڻ تي مودي کي مبارڪون ڏنيون، سارنگ منير لکيو ته عمران خان کي جيڪڏهن ڪو سچ چوي ته انڊيا کي خوش پيو ڪري ۽ جڏهن ھو پاڻ ٻين جا پٽڪا لاھي ته ملڪ لاءِ پيو ڪري اھڙي سياسي سوچ تي افسوس آهي. گل حسن شر لکيو ته اھا ڪا نئين ڳالھه ناھي سياسي مخالف هڪٻئي کي را جو ايجنٽ به چوندا آھن، عطاءُالرحمان قادري لکيو ته وزيراعظم کي اهڙا بيان نه ڏيڻ گهرجن اپوزيشن پارٽين کي متحد ڏسي مودي عمران خان جي مخالفت ۾ خوشي ڪندو، نوشاد خاصخيلي لکيو ته اهو بيان ”وزير اعظم“ جو ناهي پر عمران خان جو آھي، جڏهن پاڻ عمران خان لاڳيتو ڌرڻو هڻي جيڪو ڪجهه ڪيو اهو ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيو ھو؟ جاويد احمد لکيو ته هاڻي سچ کي سچ چوڻو پوندو، سڀني کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو. اورنگزيب لغاري لکيو ته ظاھري ڳالھه آهي، اي پي سي وارا پنھنجي مفادن خاطر اھڙيون تقريرو ڪندا ته ملڪ جي سلامتي ۽ ساک تي اثر پوندا ،ادارا ته پنھنجي حدود اندر رھي ڪم ڪن پيا ،باقي ھنن سياستدان اھڙي بيانبازي جاري رکي ته پوءِ ڀارت ته ڇا پر ڪوئي به دشمن ملڪ ھجي اھو خوش ته ٿيندو، محمد پريل عباسي لکيو ته اصل حقيقت اھا به آھي وزيراعظم عمران خان ڀارتي وزير اعظم سان ميز تي ڳالھائڻ لاءِ تيار آهي پر اپوزيشن سان گڏ ويھڻ لاءِ تيار نه آھي، سڀني کي چور چور چئي پاڪستان کي بدنام ڪيو ٿو وڃي، لطف سنڌي لکيو ته جيئن پيپلزپارٽي سنڌ ڪارڊ ظاهر ڪندي آهي، ايم ڪيو ايم نئين صوبي جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ پي ٽي آءِ سنڌ ۾ گورنر راڄ جي ڌمڪي ڏيندي آهي ايئن ئي وزيراعظم اپوزيشن پارٽين بابت اهڙو بيان ڏنو آهي، نجيب چانڊيو لکيو ته هاڻ ملڪ ۾ سچ کي سچ مڃڻ گهرجي ۽ اختلاف ڪندڙ کي غدار ۽ سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏيڻ کان ٿورو اڳتي سوچڻ گهرجي. راسومل لکيو ته وڏا سياستدان اهڙي بيان بازي ڪونه ڪندا آھن، پيارو خان سنجراڻي لکيو ته عمران هن وقت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي اهڙي قسم جو سخت بيان ڏئي رهيو آهي، هي ناڪام حڪمران آهي، نجيب سنڌي لکيو ته جيڪو به سچ چوندو ان کي غدار قرار ڏنو ويندو رهيو آهي، مظفر شبير لکيو ته سياسي ليڊرن کي صرف پنهنجي پيٽ جي لڳل آهي باقي عوام لاءِ ڪير به نٿو سوچي انهن کي ملڪ ۽ ملڪ ۾ رهندڙ عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ وقت ئي ڪونهي، غوث بخش ملڪ لکيو ته وزيراعظم بلڪل درست چيو آھي ڇو تـه اوھان جي جنگ عمران خان سان آھي پوءِ توھان ادارن جي خلاف ڇو بيان ڏئي رهيا آهيو؟ اشفاق لاکو لکيو ته ڀارت کي ته وزيراعظم پاڻ خوش پيو ڪري اپوزيشن جماعتون هن ملڪ کي وڌيڪ تباهي کان بچائڻ جي ڪوشش ۾ آھن، عبدالحليم لکيو ته ڀارت اسان جو دشمن آهي ھن ۾ ڪو شڪ ڪونهي،پارو مل ۽ بشير رضا مهر لکيو ته عمران حڪومت عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ اھڙيون ڳالهيون ڪري رهي آهي، يار محمد مڱريو لکيو ته وزيراعظم بلڪل درست چيو آهي ڇو ته نواز شريف مودي جو يار آهي هن مودي جي چوڻ تي گڏيل قومن جي اجلاس کان اڳ ۾ پاڪستان جو اميج خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر هي ناڪام ويندو، علي حيدر چانگ لکيو ته وزيراعظم بلڪل سچ چيو آهي نواز شريف ۽ مودي جي چال آهي، محمد اسحاق لوهر لکيو ته پاڻ عمران خان جڏهن ڳالهائيندو هو ته ڇا اهو درست هو؟ مهاوير واسو لکيو ته تبديلي سرڪار عوام جو ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي جنهن ڪري ان قسم جا بيان سامهون آندا پيا وڃن، ايم بي قادري لکيو ته ائين بلڪل ناهي بحرحال سياست ۾ اھڙيون بيانبازيون هلنديون رھنديون آھن،حڪومت کي گھرجي ته بيانبازي کان ھٽي ڪري عملي ڪم ڪري ڏيکاري ۽ پنھنجا واعدا پورا ڪري،غلام مصطفيٰ لکيو ته عمران خان سچ چيو آهي، جنسار سنڌي ۽ علي رضا جمالي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، محبتي مڪيش لکيو ته عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *