تازا ترين
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… وزيراعظم جو ڪراچي دورو سياسي ڊرامو قرار: عمران خان کي سنڌ جي ٻين متاثر شهرن جي به سار لهڻ گهرجي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم عمران خان جي ڪراچي ياترا کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وزيراعظم ڪراچي آيو آهي اهو سٺو عمل آهي پر حقيقت ۾ اهو سڄو سياسي ڊرامو آهي، رڳو ڪراچي نه پر مٺي، عمرڪوٽ، بدين، ٽنڊو محمدخان، بينظير آباد سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ تباهڪاريون ٿيون آهن انساني جانيون ضايع ٿيون آهن، هزارين ماڻهن جا اجها ڊهي پٽ پئجي ويا انهن جي وزيراعظم سار نٿو لهي؟، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، سانگهڙ، کپرو جا ماڻهو سڀ روڊن تي اچي ويا آهن پر انهن وٽ ماني کائڻ جي طاقت نه آهي، وزيراعظم کي اتي به وڃڻ گهرجي انهن متاثرن لاءِ به پيڪيج ڏيڻ گهرجي، آبادگارن کي وڏو زرعي نقصان پهتو آهي انهن لاءِ رليف پيڪيج ڏيڻ گهرجي. سوال /سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي نفيس احمد لکيو ته ڪراچي ھڪ کير ڏيندڙ ڳئون جيان آهي جنهن جو کير پيئڻ لاءِ سڀ آتا آهن، ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ جڏهن ڪمائي ڏئي ٿي ته ڀلي ٿي لڳي پر ڏکئي وقت ۾ سڀ پير پوئتي ڪن ٿا، اسان کي نٿو لڳي ته وزيراعظم عوام لاءِ ڪجهه ڪندو خالي آسرو ڏئي ويندو، ايڊووڪيٽ سنيل شتروگهن لکيو ته وزيراعظم جو اچڻ بهترين عمل آهي، ان سان کيس مسئلن جي خبر پوندي. جبار لغاري لکيو ته ڪراچي وڏو شهر آهي جتان پاڻي نيڪالي نه ٿيو ته شهر جو مسئلو هاءِ لائيٽ ٿيو پر مٺي، عمرڪوٽ، بدين، ٽنڊو محمدخان، بينظير آباد سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ تباهڪاريون ٿيون آهن انساني جانيون ضايع ٿيون آهن، ماروئڙن جا اجها ڊهي پٽ پئجي ويا انهن جي وزيراعظم سار نٿو لهي، ڪراچي تي سياست ڪرڻ لاءِ دورا پيا ٿين، ڪراچي سميت سموري سنڌ جو جائزو وٺڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان کي برسات سبب سخت متاثر ٿيندڙ عوام لاءِ به خاص پيڪيج ڏيڻ گهرجي. حنيف رضا بلوچ لکيو ته عمران خان کي ڪراچي جي عوام 2018 جي چونڊن ۾ زبردست موٽ ڏني هئي جنهن ۾ پي ٽي آئي جا 14 کان وڌيڪ اميدوار ڪامياب ٿيا هئا عمران خان پاڻ به ڪراچي مان پڻ ڪامياب ٿيو هاڻي ان کي گهرجي ته ڪراچي جي عوام کي موٽ ۾ ان جا بنيادي مسئلا حل ڪرائي، ڪراچي جي خوشحالي لاءِ عملي قدم کڻي هاڻي ڳالهين جو وقت ختم ٿي ويو آهي. رحمت الله ميراڻي لکيو ته ڪراچي شھر کي ترقي وٺرائڻ لاءِ جيڪڏھن واقعي وفاقي حڪومت سنجيده آھي ته پوءِ ڪيل اعلانن تي عمل ڪرڻ گهرجي، عوام کي رڳو آسرا نه ڏنا وڃن. وزيراعظم جي دوري مان لڳي ائين ٿو رڳو اتحادين کي خوش ڪرڻ چاھين ٿا. مقصود عباسي ۽ عبدالوهاب ڪنڀر، ايم يونس، عبدالرحمان عاقل پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، عتيق الرحمان لاکو لکيو ته وزيراعظم جو ڪراچي اچڻ سٺو عمل آهي پر صرف ڪراچي نه پر سنڌ جا ٻيا به ڪيترائي شهر برساتن جي ڪري متاثر ٿيا آهن اتي به وزيراعظم کي وڃڻ گهرجي. عبدالعزيز کوسو لکيو ته عمران حڪومت جون ڪراچي جي وسيلن تي نظرون کُتل آهن، عمران خان پاران ڪراچي جو فضائي دورو ڪري متاثرين سان همدردي جتائڻ آهي، جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت ڪراچي لاءِ ڪجھه نه ڪيو هوندو پر وفاق به ڪراچي جي سار ناهي لڌي. خير محمد ڇٽو لکيو ته ڪا خاص اميد نٿي ڏسجي، مهاوير واسو لکيو ته اهو رڳو اسٽيج ڊرامو لڳي رهيو آهي، گل حسن شر لکيو ته وزيراعظم ڪراچي آيو اهو سٺو عمل آهي پر برسات رڳو ڪراچي ۾ ناهي ٿي سڄي سنڌ ۾ برسات پئي آهي، هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، آبادگارن کي وڏو زرعي نقصان پهتو آهي انهن لاءِ رليف پيڪيج ڏيڻ گهرجي، سمير خان لکيو ته سنڌ کي سٺي ليڊر جي ضرورت آهي، آتش انقلابي لکيو ته سڄو ڊرامو آهي، وزير اعظم عمران خان ڪراچي وارن کي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ آيو. مسرور شر لکيو ته وزيراعظم ڪجهه ڪو نه ڪندو رڳو ڳالهيون ڪري ويندو، نجيب الله لکيو ته وزيراعظم جي دوري جو ڪو به فائدو ناهي، عرفان جلباڻي لکيو ته ساڳيو راڳ، ساڳيا اعلان آهن، سردار غوث بخش ملڪ لکيو ته وفاق سنڌ سان سهڪار ڪري، محبتي مڪيش لکيو ته عمران خان جو رڳو دورو آهي، نتيجو ڇا ايندو اهو وقت ٻڌائيندو، خادم گهراڻو لکيو ته وزير اعظم جي ڪراچي ياترا بهترين عمل آهي رڳو گهمڻ نه هجي پر جن نالن تي قبضا آهن اهي خالي ڪرائي جيئن ڪراچي وري نه ٻڏي. راسومل لکيو ته عوام جي ڀلائي لاءِ ڪجهه نه ڪيو ويندو، رضا آڪاش لکيو ته وزير اعظم عمران خان جي سنڌ سان ڪابه دلچسپي ناھي، آزاد لال حسين لکيو ته هي سياسي دورو آهي، وزيراعظم ڪراچي جي عوام کي ڪجهه ڏيڻ بجاءِ پنهنجو سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ دورو ڪيو، الطاف راجا ملڪ لکيو ته ميرپورخاص، عمرڪوٽ، سانگهڙ، کپرو جا ماڻهو سڀ روڊن تي نڪري آيا آهن پر انهن وٽ ماني کائڻ جي طاقت نه آهي، وزيراعظم انهن متاثرن جي به سار لهي. مظفر شبير بوزدار لکيو ته سکڻا حوال ڪري موٽي ويندو، سمير احمد لکيو ته وزير اعظم عمران خان کان مطالبو ڪريون ٿا ته واهي پانڌي ڪاڇو جو دورو ڪري. واهي پانڌي روڊ جي بحالي جو ڪم ڪرايو وڃي، جنسار احمد لکيو ته عمران خان ثابت ڪري ته هو پوري ملڪ جو وزيراعظم آهي، اويس ملاح لکيو ته دوري مان ڪراچي کي ڪوبه فائدو ڪونه ملندو، ثاقب علي لکيو ته اسٽيج ڊرامو آهي، مقصود چانڊيو به دورو ڊرامو قرار ڏنو، بلاول هنڱورو لکيو ته دورو اجايو آهي، مجيب لغاري ۽ الله بخش بجراڻي، علي نظاماڻي لکيو يو ته وزيراعظم جو اچڻ سٺو عمل آهي، عطاءُالرحمان قادري لکيو ته وزيراعظم جو ڪراچي اچڻ عوام لاءِ فائيدمند ناهي، وفاق پنهنجن فائدن لاءِ پلان جوڙي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، وقاص يوسفزئي ۽ فقير غلام حيدر سنجراڻي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، عبدالعزيز لکيو ته تمام سٺو فيصلو آهي. پر صرف ڪراچي نه پر سنڌ جا ٻيا شهر به برسات ۾ متاثر ٿيا آهن وزيراعظم کي اتي به وڃڻ گهرجي انهن متاثرن لاءِ به پيڪيج ڏيڻ گهرجي، راجا مهر لکيو ته اچڻ يا نه اچڻ سان عوام کي ڪو به فائدو نه ٿيندو، فدا حسين لغاري لکيو ته وزيراعظم جي دوري سان ڪجهه نه ٿيندو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *