تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… وزيراعظم جو اعلان رد: وفاق پاران ڀنڊاڙ ٻيٽ تي نئون شهر اڏڻ وارو عمل قبول ناهي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي ٻيٽ ڀنڊاڙ تي شهر اڏڻ جو اعلان ڪيو آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وزيراعظم جو اعلان رد: سنڌ جي ٻيٽن تي سنڌ جو حق آهي، وفاق پاران شهر اڏڻ جو فيصلو قبول ناهي پهريان موجود شهر بارش ۾ ٻڏن پيا گندگي جا ڍير لڳا پيا آھن انهن جي صفائي نه آھي هر شھر ۾ برسات جو پاڻي سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيو آھي، نوان شهر اڏڻ بدران پراڻن شهرن جو خيال رکيو وڃي. بابر وساڻ لکيو ته وفاقي سرڪار ۽ ان جي اتحادي پارٽين پاران سنڌ سان ناجائزين جو سلسلو نئين ڳالهه ناهي اڳ به وفاقي حڪومتن ۽ ان جي اتحادين سنڌ خلاف مختلف قسمن جون سازشون ڪيون آهن پر سنڌ جو غيرتمند عوام هميشه اهڙي سازشن کي ناڪام بڻائيندو رهي ٿو هاڻ به سازشون ناڪام ٿينديون، سنڌ جي ٻيٽن تي سنڌ جو حق آهي، وفاق پاران شهر اڏڻ جو فيصلو قبول ناهي. عطاءُ الرحمان قادري لکيو ته وفاق پاران سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ وارو عمل منظور ناهي وفاق پنهنجن منصوبن تي نظرثاني ڪري ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن سنڌ جو عوام ڪڏهن به انهن تي قبضو برداشت نه ڪندو، عبدالنبي شر لکيو ته پهريان موجود شهر بارش ۾ ٻڏن پيا گندگي جا ڍير لڳا پيا آھن انهن جي صفائي نه آھي هر شھر ۾ برسات جو پاڻي سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيو آھي خدارا نوان شهر اڏڻ کان پراڻن جو خيال رکيو وڃي. مظفر شبير بوزدار لکيو ته وفاق سنڌ سان وفا ڪري سندس ڏنل گيس بجلي جي بدلي اهو شهر اڏائي سنڌ حوالي ڪيو وڃي، ڏٺو وڃي ته هن حڪومت ۾ وفاق صرف سنڌ کي ٽارگيٽ ڪيو آهي باقي صوبن کي نه، خبر نٿي پئي هي سنڌ کان ڇا ٿا چاهين؟. نوشاد خاصخيلي لکيو ته پهريان وزير اعظم سنڌ جي موجوده شھرن جي موجوده خسته حالت ڏسي وڃي پوءِ نوان شھر اڏڻ جي ڳالھه ڪري باقي بهاني ۽ دوکي سان ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪڏهن به برداشت ڪو نه ڪبي، يار محمد هوت لکيو ته پهرين جيڪي سنڌ جا پُراڻا شھر آھن انهن کي ته بچايو پوءِ نوان شھر اڏڻ جوسوچيو، وزيراعظم جا فيصلا به ڏاڍا عجيب آھن، محبتي مڪيش لکيو ته نوان شھر اڏڻ ھڪ سٺو ڪم آهي پر جيڪي اڳي اجڙيل شھر آهن انهن کي آباد ڪري ۽ انهن شھرن جا مسئلا حل ڪريو، خادم گهراڻو لکيو ته نوان شهر اڏڻ جو فيصلو غلط آهي هتي ماڻهو گهر کان بي گهر ٿي ويا برساتي ٻوڏ انهن جو سڀ ڪجھه تباھ ڪري ڇڏيو آهي پهرين انهن جي واهر ڪجي، نون شهرن کي هن وقت ڇڏي پراڻن شهرن ۽ ماڻهن کي بچايو وڃي، راسومل لکيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن هتي شھر اڏڻ بدران باقي صوبي سنڌ جي خدمت ڪئي وڃي، محمد آچر درس لکيو ته ٻيٽ اصل ۾ ملڪيت سنڌ جي هجڻ گهرجي ان ۾ سنڌين کي آباد ڪيو وڃي، عاقب نظاماڻي لکيو ته پهرين ڪراچي کي سڌاري پوءِ ٻئي شهر جو سوچي وزيراعظم صاحب، حبيب الله جمالي لکيو ته وفاق سنڌ سان نا انصافيون ڪرڻ بند ڪري. ايم بي قادري لکيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن تنھن ڪري وفاق کي پنهنجي ملڪيت ٻيٽن تي قبضو ھرگز ڪرڻ نه ڏينداسين، زوهيب تمراڻي لکيو ته پھريان پراڻن شھرن جي ته پرگھور لڌي وڃي پوءِ ڀلي نوان شھر اڏجن، سڪندر بلوچ لکيو ته پراڻن شھرن جي حالت بدتر لڳي پئي آھي وري نوان شھر اڏڻ جا اعلان پيا ٿين موجوده وڏا شھر ڪراچي لاھور سميت مختلف شھر گندگي برساتن جي پاڻي ۾ ٻڏي رھيا آھن نوان شھر اڏڻ بدران اھا رقم انھن شھرن تي خرچ ڪئي وڃي ته بھتر ٿيندو. صفدر چانڊيو لکيو ته نوان شھر ڀلي ٺاهيو پهريان پنهنجا اجڙيل گهر ته ٺاهيو ٻوڏ سڀ ڪجھه لوڙھي ڇڏيو آھي في الحال پراڻن شھر جي تعمير ۽ ترقي لاءِ قدم کڻو. گل حسن شر لکيو ته پهريان ڪراچي جا مسئلا حل ڪيا وڃن پوءِ ٻين ڪمن تي ڌيان ڏنو وڃي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *