تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… نواز شريف ڊيل ڪري ٻاهر ويو، ڊيل تحت ئي اچي سگهي ٿو، باقي حڪومت واپس نٿي آڻي سگهي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت پاران نواز شريف کي ڏيهه واپس آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته نواز شريف ڊيل تحت لنڊن ويو هو، ڊيل تحت ئي واپس اچي سگهي ٿو، باقي حڪومت هن کي واپس نٿي آڻي سگهي، پي ٽي آءِ حڪومت پاڻ اين آر او ڏئي نواز شريف کي پرڏيهه موڪليو هو، اهو طئي ٿيو هو ته نواز ليگ حڪومت خلاف بيانبازي کانسواءِ باقي مهاڏو نه اٽڪائيندي پر مريم نواز جي پيشي جي موقعي ٿيل ڇڪتاڻ بعد لڳي ٿو ته اهو معاهدو ختم ٿي ويو آهي جنهن ڪري هاڻي نواز ليگ مٿان نيب جو دٻاءُ وڌندو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته نواز شريف اين آر او تحت ئي ملڪ کان ٻاهر ويو هو واپس نه ايندو، نياز سومرو لکيو ته حڪومت جو سڄو ڊرامو آهي، حڪومت پاڻ اين آر او ڏئي کيس پرڏيھه موڪليو، ڊيل تحت ن ليگ کي سواءِ بيانن کان حڪومت سان الجھڻو نه ھيو، پر مريم نواز پاران نيب پيشي وقت ڪرايل ڇڪتاڻ ڊيل ٽوڙڻ جو سبب بڻي. ھاڻ ن ليگ تي نيب ھٿان سختيون وڌنڌيون، نواز شريف هاڻي ڪنهن ڊيل تحت ئي واپس اچي سگهي ٿو، نوشاد خاصخيلي لکيو ته اسان جي خيال موجب عمران حڪومت نواز شريف کي واپس آڻي اها ناقابل سمجھه ڳالهه آھي، باقي نواز شريف پاڻ چاهي ته واپس اچي سگهي ٿو، نيڪ محمد شنباڻي لکيو ته نواز شريف هڪ جمهوري پارٽي جو سربراھه آھي هو ضرور ملڪ واپس ايندو. عابد حسين شر لکيو ته وفاقي وزيرن جا اهڙا بيان رڳو ميڊيا جي حد تائين آھن ان ۾پاڪستان سرڪار جي سنجيدگي نظر ئي نٿي اچي، ڇو ته حڪومت متحده باني کي هيل تائين نه آڻي سگهي آهي ته نواز شريف کي سرڪار واپس ڪيئن آڻيندي ؟. صفدر چانڊيو لکيو ته نواز شريف کي ڀلي واپس آڻن ان سان عوام کي ڪهڙو فائدو ٿيندو، ابراهيم بروهي لکيو ته نوازشريف کي وفاقي حڪومت موڪليو پاڻ ۽ وري ھاڻي ان کي وطن واپسي جو اعلان به پاڻ ڪري رھي آھي، لڳي ٿو ته کيس پرڏيهه موڪلڻ وارو معاهدو ختم ٿي ويو آهي، خادم رند لکيو ته پي ٽي آءِ سرڪار جي ماضيءَ ۾ ڪيل اعلانن تي عمل کي ڏسي چئي سگھجي ٿو ته ھي به ھڪ سکڻو اعلان ئي آھي. ايم سلمان کوسو لکيو ته نواز شريف ڪيسن کي ڪوڙو سمجهي ٿو ته هن کي واپس اچڻ گهرجي ڪيسن کي منهن ڏئي، جرئت علي چانڊيو لکيو ته نواز شريف جيڪڏهن حق تي آھي ته واپس اچي، خادم گهراڻو لکيو ته بهتر آهي ته نواز شريف واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏي، خير محمد ڇٽو لکيو ته نواز شريف اگر پنهنجي سياست کي بچائڻ چاهي ٿو ته بلڪل ڏيھه اچي ڪري ڪيسن کي منهن ڏي، جنسار احمد لکيو ته پاڪستان جا اصل حڪمران جيستائين نه چاهيندا تيستائين نواز شريف ٻاهر پيو مزا ماڻيند، سردار غوث بخش ملڪ لکيو ته اھو بھتر آھي ته ھو ڏيھه واپس اچي، عبدالسلام سومرو لکيو ته نواز شريف جيڪڏھن ڪيسز کي منهن ڏيڻ لاءِ اچي ٿو ته سٺي ڳالھه آھي، راشد مراد چانڊيو لکيو ته بلڪل نواز شريف کي ڏيھه واپس اچڻ گھرجي، اھڙي فيصلي جي حمايت ڪريون ٿا، ديدار بلوچ لکيو ته فيصلو بهترين آهي پر ان ۾ به وفاقي حڪومت جي ڪا چال هوندي، عتيق الرحمان لاکو لکيو ته اهي سکڻا اعلان آهن.جي ايم چانڊيو لکيو ته نواز شريف جيڪڏهن پنهنجي ملڪ اچي ٿو ته اسين حمايت ڪريون ٿا، فيض علي زرداري لکيو ته حڪومت کان ڪم نٿو پڄي رڳو انتقام جي سياست ٿي ڪري، بشر رضا لکيو ته نواز شريف ڪيسن کي منهن ڏئي، عاشق حسين لکيو ته بلڪل نواز شريف کي ڏيھه گھرائڻ گھرجي، امير حسن پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، مقصود چانڊيو لکيو ته عمران حڪومت نواز شريف کي واپس آڻيندي اهڙي ڳالهه ئي سمجهه ۾ نٿي اچي، رفيق احمد لکيو ته نواز شريف جو جيستائين معاهدو ٿيل آهي تيستائين حڪومت کيس واپس نٿي آڻي سگهي، رهبر شر لکيو ته وفاقي سرڪار پاران عوامي اشوز جهڙوڪ مهانگائي بيروزگاري تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهڙا بيان ڏنا پيا وڃن، يار محمد هوت لکيو ته هي هڪ ڊارمي بازي آھي، راسول مل لکيو ته حڪومت سٺو فيصلو ڪيو آهي، محمد رحيم کوسو لکيو ته نواز شريف واپس پاڪستان اچي ويندو پر سياست کي سدائين لاءِ الوداع ڪرڻ لاءِ، مظفر بوزدار لکيو ته عوام کي چريو بڻايو وڃي پيو، عوام لاءِ ڪو فائدي جو ڪم نٿو ڪيو وڃي، مزمل قادري لکيو ته بلڪل ٺيڪ فيصلو آھي واپس گھرائڻ کپي، سميع الرحمان لکيو ته نواز شريف ڏيھه اچي يا نه ان سان ڪو به فرق نٿو پوي، محبتي مڪيش لکيو ته اگر نواز شريف ڪيسن کي ڪوڙو سمجهي ٿو ته هن کي واپس اچڻ گهرجي، عادل الاهي بخش لکيو ته سڄو حڪومت جو ڊرامو آهي، شفيع ملاح لکيو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته موجوده سرڪار نواز شريف کي ڏيھه واپس آڻي سگهي. ان کانسواءِ رياض احمد خشڪ، سيد صنم علي نقوي، برڪت علي مبيجو، بابو ورما، امير حسين، مقصود احمد وگهيو، پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *