تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… ملڪ ۾ مهانگائي غريبن کان وات جو گرهه به کسي ورتو: اٽو 2400 رپيا مڻ ۽ کنڊ 100 رپيا ڪلو ملي پئي، حڪومت ڪجهه رحم ڪري: عوام جي اپيل

سڄي ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آيل آهي جنهن ڪري عام ماڻهو سخت پريشان آهي. ان باري ۾ پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عام استعمال جي شين جي قيمتن ۾ اوچتو واڌ، اوهان جي علائقي ۾ صورتحال ڇا آهي… ان جي جواب ۾ عوام جي وڏي انگ پنهنجي شهر جون حالتون لکيون ۽ عوام جي اهنجن کان آگاهه ڪيو. ڪراچي کان ڪشمور تائين هر هنڌ مهانگائي جو راڄ آهي. شين جا اگهه چوٽ چڙهيل آهن جنهن ڪري، غريبن کان ماني جو گرهه به کسجي ويو آهي. حڪومت جي رٽ ڪٿي نظر ئي نه ٿي اچي. ان باري ۾ شھدادپور مان عبدالعزيز کوسو لکيو ته بک، بدحالي، بيروزگاري ته اڳ ئي مقدر بڻيل هئي پر مھانگائي جي طوفان انساني سھپ ۽ برداشت کي ختم ڪري خودڪشين کي جنم ڏنو آهي. شھدادپور ۾ مھانگائي جي عروج آهي کنڊ 95 روپيه ڪلو ته اٽو 60 روپيه في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. مھانگائي چوٽان چوٽ آهي، تازو وڌندڙ مهانگائي ڏھاڙيدار طبقي کي ڏينھن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا آهن. ناياب ٿي ويل کنڊ ۽ اٽو غريب غُربي جي خريدڻ کان به زور آهي. يوٽيلٽي اسٽورز مالڪ اٽو، کنڊ ۽ ٻيو کاڌي پيتي جو سيڌو ريزڪي وڪرو ڪرڻ بجاءِ وڏن دڪاندارن کي وڪرو ڪري منافعي ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهن. جيتوڻيڪ مھانگائي تي ضابطو آڻڻ واريون حڪومتي دعوائون ايئرڪنڊيشنن جي ٿڌي ڇانو ۾ ويٺلن لاءِ ته سچيون ثابت ٿي سگهن ٿيون پر لڱ ساڙيندڙ گرميءَ ۾ تغاري ڍوئيندڙن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ برابر آهن.فرمان چانڊيو لکيو ته فريدآباد ۾ مهانگائي عروج تي آهي، اٽو 2400 رپيا مڻ ملي رهيو آهي.
بابو ظفر خاصخيلي ٽنڊو جان محمد جو احوال ٻڌائيندي ڪمنٽس ڏنا ته کنڊ 95 رپيا ڪلو، ٽماٽا 200 رپيا، بصر 50 رپيا ڪلو آهي. ٽنڊو جان محمد مارڪيٽ غريب جي وٺڻ کان زور آھي. جاويد احمد شيخ ڪنڌڪوٽ مان لکيو ته مهانگائي، بيروزگاري، غربت، بک ۽ بدحالي جي ڪري عوام بيوس بڻيل آهي. ناجائز منافعي خور ڪنڌڪوٽ ۾ روزمره جون شيون کنڊ، گيھه، دال، چانور، اٽو ۽ سبزين ۾ بصر، پٽاٽا، ٽماٽا پڻ مهانگا ٿي ويا آهن. حڪومت کي ذخيراندوزي ڪندڙ مافيائن خلاف سخت ڪاروائي ڪري ته جيئن غريب عوام کي رليف ملي سگهي. عبدالله جروار چيو ته روزمرهه جي هر شي مهانگي ٿي وئي آهي. حڪومت جو اگهن تي ضابطو ختم ٿي ويو آهي. اعجاز خان گشڪوري ٽالھي شهر کان لکيو ته مهانگائي جي طوفان غريب مسڪين ماڻهن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن. پورهيت طبقي لاءِ پيٽ پالڻ به عذاب ٿي ويو آهي. ڪرپٽ سياسي جماعتن جا اڳواڻ هڪ ٻئي مٿان تنقيدن جا تير وسائڻ ۾ پورا آهن چار مهينا اڳ ڪڻڪ 1300 رپيا في مڻ خريد ڪئي هئي ۽ هاڻ اٽو 2400 رپيا مڻ ۽ کنڊ 100 ڪلو آهي. شنڪر باغي ڇنگاڻي چيو ته مهانگائي جي تمام افسوسناڪ صورتحال آھي، اهڙي مهانگائي آھي جو ان جي ڪري وائٽ ڪالر هيٺيون وچولو طبقو عيد جو سڳورو ڏينهن به ڏاڍي مشڪل سان ملهائي سگهندو. وفاق کان جيڪڏهن حڪومت نٿي هلي ته اقتدار ڇڏي وڃن. فراز علي مغل حڪومت کي اپيل ڪئي ته مهرباني ڪري هر شي سستي ڪئي وڃي.
خادم حسين سومرو راءِ ڏني ته باڊهه شهر ۾ مارڪيٽ ڪاميٽي جي نالي تي ڪا به شي نظر نه ٿي اچي، مختيار ڪار ڏوڪري ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر منافعي چور واپارين خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي من پسند اگهه مقرر ڪيا ويا آهن. نيڪ محمد شنباڻي چيو ته صالح پٽ ۽ آر۔ڊي 186 ۾ ھٿراڌو مانهگائي ۽ ذخيره اندوز قانون جي پڪڙ کان آزاد آهن۔ راسومل چيو ته ٿر ۾ اٽو 2400 سئو روپيا مڻ، گيهه 200 ۽ کنڊ 100 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي. هاڻ غريب عوام ڇا ته ڪري موهن لعل جي راءِ هئي ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جو جن بوتل مان ٻاهر نڪري آيو آهي. ڊالر، سون، تيل، جو اگهه چڙهي پيو ۽ انهي سان گڏ کاڌ خوراڪ جا اگهه به آسمان سان ڳالهائن پيا عوام کي قرباني جو ٻڪر بڻايو ويو آهي.
ڦلجي اسٽيشن واسي وقاص ياسين آرائين چيو ته هر شي ٻيڻي اگھه ۾ ملي پئي مزدور طبقو بيحد پريشان آهي. اشوڪ سمراٽ ڪمنٽ جي شروعات شاهه سائين جي سٽ سان ڪئي ته وئي ويچارن وسري خوشي ۽ خريد۔ هن جو چوڻ هو ته اسان جي علائقي ۾ ڀاڄين ۽ ميون جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. يارمحمد ھوت چيو ته گذريل حڪومتن ۾ شين جا اگهه مناسب هئا پر جيئن عمران خان جي حڪومت آئي آھي هر شيءِ جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آھن بک، بيروزگاري تمام گهڻي وڌي وئي آھي. ساجد حسين سيال چيو ته احمدپور ۾ بصر، پٽاٽا، ٽماٽا توڙي عام سبزي به غريب جي کائڻ کان چڙھيل آھي. پٽاٽا 60 بصر 70 ۽ ٽماٽا 250 روپيا ڪلو وڪرو ٿي رھيا آھن جڏهن ته ڀينڊيون ڪريلا ۽ ٻيو، عام واھپي جون شيون آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيون آھن. ديدار بلو چ ۽ عاشق دايو لکيو ته شڪارپور ۾ ڳنڀير صورتحال آھيخ ، عيد جي ڪري ڀاچين جا اگهه چوٽ چڙھيل آھن مرچ، ٽماٽا ۽ ٻي سبزي مھانگي وڪرو ٿي رھي آھي. نجيب سنڌي چيو ته اسان جي شهر ۾ عيد ويجهو ايندي ئي عام استعمال جون شيون مهانگيون ٿي ويون آهن.
رتوديرو مان اسدالله راءِ ڏني ته رتيديري ۾ هر شيءِ جا اگهه وڌي ويا آهن. ظفرحسين رند مقصودو رند مان ٻڌايو ته مقصودو رند شھر ۾ مهنگائي عروج تي آھي، اٽو 2400 رپيا مڻ، کنڊ 100 رپيا ڪلو ملي رهي آهي. هڪ پاسي لاڪ ڊائون ٻيو مهانگائي ماري وڌو آهي. خادم گهراڻو نصرپور مان لکيو آهي ته اوچتو عيد جي ڪري مهانگائي جو جن بوتل مان نڪري آيو آهي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ وارا اگهور ننڊ ستل آهن غريب ويچارو ٽماٽو پٽاٽو به نه ٿو وٺي سگهي ڀاڄيون کنڊ اٽو وغيره سڀ مهانگا ٿي ويا آهن. محبتي مڪيش جيپال نئون ڪوٽ مان لکيو ته واپاري پاڻ پنهنجي من مستي تي ريٽ وٺن پيا ڪير پچھڻ وارو ناهي نئون ڪوٽ ۾ ٽماٽر 200رپيا، کنڊ100رپيا، اٽو60رپيا ڪلو ٿي ويو آهي، اڪثر سبزي ئي روز مرهه وارين شين جا ريٽ چوٽ چڙهيل آهن. مير شاهجهان کوسو چيو ته سڀ ڪجھه ۾ مهانگائي چوٽ تي چڙهيل آ عوام سخت پريشان ۽ بدحالي واري زندگي گذاري رهيو آهي، خدا جي واسطي نااهل حڪمرانن کي گهرجي ته نااهلي جو اعتراف ڪري عزت سان گهر هليا وڃن. عمران پٺاڻ گهوٽڪي جو احوال ڏيندي چيو ته سموري سبزي بصر، ٽماٽا مهانگا آهن، حڪومت جي رٽ کي چيلينج ڪيو ويو آهي.
نذير احمد نذير جو ڪمينٽس هو ته مهانگائي جي ڳالھه ئي نه پڇو. محمد ابراهيم ڳاهو چيو ته بس ڳالهه ڪرڻ کان وڏي آهي مزمل قادري پنجوديرو کان ٻڌايو ته نئين ديري ۾ تمام وڌيڪ اگھه ورتا پيا وڃن. عيد ايندي ئي دڪاندارن اگھه چوٽ چاڙھي ڇڏيا آھن. پٽاٽا، ٽماٽا، مرچ مھانگي اگھ تي وڪرو ڪيا پيا وڃن. شمس الحق ڊومڪي ٻڌايو ته ڪنڌ ڪوٽ، بخشا پور، ڪشمور ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، علي گوهر سومرو به مهانگائي عروج تي هجڻ جي دانهن ڪئي.
ذوالفقار چانڊيو سڪرنڊ جو احوال ڏيندي چيو ته سڪرنڊ ۾ مھانگائي عروج تي آهي ھر شي جا اگھه چوٽ چڙھيل آهن. فيض گنج کان سميع الرحمان شر چيو ته اسان وٽ کنڊ 100 ڪلو، اٽو 2500 رپيا مڻ، آئل 250 رپيا ڪلو پٽاٽا 70 رپيا، ٽماٽا 200، ڀينڊي 150 رپيا ڪلو ملي رهي آهي. عبدالرحمان ميمڻ ٻڌايو ته ضرورت جي شيءِ اٽو 70 رپيا ڪلو آھي ته ٻين شين جا اگهه اصل آسمان تي چڙهيل آهن. غوثپور کان عبدالغفار اوڳاهي چيو ته شھر ۾ تمام گھڻي مھانگائي آھي عيد جي موقعي کي نظر ۾ رکندي ھتان جي واپارين توڙي دڪاندارن عام واھپي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري غريب عوام سان ظلم ڪيو آھي. وحيد مستوئي جو چوڻ هو ته اسان وٽ اها صورتحاڪ جيڪا لاڪ ڊائون دوران هئي ته ڪا شئي ناهي ملڻي جي ملندي ته اها اگھه ٻيڻي ۾ ملندي. وڏي ڏک جي ڳالھ اها آهي جو انتظاميا به خاموش آهي غريب مسڪين ماڻهو عيد جي خوشين کان محروم ٿي ويا آهن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *