تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… مخالف ڌر سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ته عيد کانپوءِ حڪومتي تبديلي اچي سگهي ٿي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته گڏيل اپوزيشن ۾ حڪومت ڪيرائڻ تي اتفاق ٿيو آهي ۽ عيد کانپوءِ خوشخبري ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، مخالف ڌر جي اهڙي اعلان کي اوهان ڪئين ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عوام حڪومت مان بيزار آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ته عيد کانپوءِ حڪومتي تبديلي اچي سگهي ٿي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالله جروار لکيو ته حڪومت جي خاتمي جو دارومدار مخالف ڌر جي سنجيدگي تي آهي. باقي اعلانن مان ڪجهه نه ٿيندو. مهانگائي جي ڪري عوام حڪمرانن مان بيزار ٿي چڪو آهي، فدا حسين لکيو ته وفاقي سرڪار کي گھر ڀيڙو ڪرڻ ممڪن ناهي، اپوزيشن ڪڏھن به مڪمل طرح ھڪ پليٽ فارم تي گڏ نه رھي آھي، ڪجهه ڏي وٺ سان معاملا طئي ڪيا ويندا. اعجاز گشڪوري لکيو ته عوام کي بيوقوف ڪرڻ لاءِ اهڙا اعلان ڪيا ويندا آهن، سياسي پارٽين جا اڳواڻ هن کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪري به نٿا سگهن، حڪومت مدو پورو ڪندي، رئوف عباسي لکيو ته گڏيل اپوزيشن بند گھٽي ۾ ڦاٿل آهي، گڏيل اپوزيشن سنجيده ٿي ته ان هائوس تبديلي جو امڪان آهي، رحمت الله ميراڻي لکيو ته اپوزيشن کي گڏجي حڪومت خلاف تحريڪ ھلائڻ گھرجي ڇو ته حڪومت عوام کي ڪو به رليف ناهي ڏنو، سڪندر بلوچ لکيو ته ملڪ ۾ مھانگائي بيروزگاري عروج تي پھتل پر اپوزيشن صرف پنھنجي مفادن لاءِ اھڙا اعلان ڪري رھي آھي، عبدالعليم کوکر لکيو ته ھي مخالف ڌر ڪجهه نه ڪندي، مسلم ليگ نواز وارا رڳو ھنن کي آسرو ڏئي پنھنجا مفاد حاصل ڪندا آھن، زوهيب جيهو لکيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته موجوده دور ۾ اپوزيشن پارٽيون جڏھن به گڏ ٿيون آھن ته فقط ذاتي مفادن خاطر گڏ ٿيون آھن اسان جي ملڪ اندر عوامي مسئلن جي حل خاطر نه حڪومت ڪو ساراھه جوڳو ڪم ڪري رھي آهي نه ئي اپوزيشن ڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، علي حيدر لکيو ته هن وقت اپوزيشن پارا متحد ناهن، نيڪ محمد لکيو ته جيڪڏهن سڄي اپوزيشن پاڻ ۾ ثابت قدم رهي سنجيده ٿي ته پوءِ ڪجهه نه ڪجهه کڙ تيل نڪري سگهي ٿو، اشوڪ سمراٺ لکيو ته اپوزيش وارا جيڪي به اڳڪٿيون ڪن پيا اهي سڀ سچ آهن ته عيد کان پوءِ عمران جي حڪومت ويندي. راجا حيدر ٿيٻو لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو،موجوده حڪومت مدو پورو ڪندي، صبغت الله رند لکيو ته اپوزيشن ڪامياب ٿيندي، حالتن مان لڳي ٿو ته عيد کانپوءِ وفاقي سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. عادل الاهي بخش لکيو ته جيڪڏهن سنجيده ڪوشش ڪندا ته حڪومت وڃي سگهي ٿي، عوام اڳ ئي بيزار ويٺو آهي، آفتاب مهر لکيو ته حڪومت جي مٽا سٽا جڏھن به ٿي آھي ته اها قرباني جي عيد کانپوءِ ٿي آھي، يار محمد هوت لکيو ته عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، گلشير سومرو لکيو ته مخالف ڌر وارا پاڻ ۾ متفق ناھن حڪومت کي ڪيرائڻ مشڪل ٿو لڳي، محمد جمن ساند لکيو ته اپوزيشن اچي يا موجوده حڪومت اسان جا سور ساڳيا ئي رهندا، مسرور شر لکيو ته حڪومت عوام کي ڪو به رليف ناهي، اها ختم ٿيڻ گهرجي، محبت علي کوسو، بخت علي عباسي مير حسن شر پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، سجاد چانڊيو لکيو ته عيد کان پوءِ ڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته وري نوان ڪيس لڳندن، امانت علي شيخ لکيو ته مونکي لڳي ٿو ھن دفعي اپوزيشن متان ڪجهه ڪري ڏيکاري، ھن ڀيري اپوزيشن اڳواڻن ۾ سنجيدگي ڪجهه وڌيڪ ئي نظر پئي اچي، اگر ھنن جي سنجيدگي عيد کان پوءِ به ايئن ئي رهي ته ڪجهه ته ٿيندو. عاشق دايو لکيو ته اپوزيشن جي ڪال ڪامياب ويندي اگر سڀ متفق ھجن نه ته وري ناڪام ويندا، سردار غوث بخش ملڪ لکيو ته اھي صرف ڳالھيون آھن، غلام مصطفيٰ لکيو ته اهي اجايو ڳالهيون آهن، مظفر بلوچ لکيو ته هن مهانگائي مان جان ڇڏائڻ گهرجي، وقاص نظاماڻي، شاهد رضا نوناري، پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، حنيف جوڻيجو لکيو ته مفادن جي جنگ آهي، سميع الرحمان لکيو ته جيڪڏهن اپوزيشن وارا بغير ڪنهن لالچ جي ھمٿ ڪندا ته عمران گھر ڀيڙو ٿي سگهي ٿو پر هتي سڀني کي پنهنجو فڪر آهي، مهراڻ مل ميگهواڙ، الاهي بخش ۽ اشفاق سومرو لکيو ته اپوزيشن جو گڏ ٿيڻ سٺو عمل آهي، عبدالرحمان ميمڻ لکيو ته اپوزيشن وارا نيب ترميم لاءِ گڏ ٿيا آھن، عبدالحئي ساند لکيو ته مونکي نٿو لڳي ته اپوزيشن حڪومت کي ڪيرائي سگهندي، عمران پٺاڻ لکيو ته عوام بلڪل تنگ آهي پر اپوزيشن عوام سان خير خواهه ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟، سجاد علي حاجاڻو لکيو ته وفاقي سرڪار کي گھڙ ڀيڙو ڪرڻ مشڪل آهي، نقاش علي لکيو ته حڪومت خالي دلاسن ڏيڻ ۽ معافيون وٺڻ ۾ پوري آهي ڪنهن به مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي نه جوڙي آهي، حڪومت هٽائي وڃي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *