تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو آهي، 20-20 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي: عوام جون دانهون

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته بجلي جو بحران آهي اهڙي صورتحال ۾ اوهان جي شهر ۾ ڪيترا ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌي وئي آهي، 20 ڪلاڪن تائين به بجلي بند رهي ٿي، جنهن ڪري جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين خلاف ڪارروائي ڪري بجلي جي لوڊشيڊنگ جو آزار ختم ڪرايو وڃي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته چڪ شهر ۾ 8 کان 18 ڪلاڪ بجلي جي لوشيڊنگ ٿي رهي آهي. ضمير انصاري لکيو ته بوزدار وڏا شهر ۾ 3 ٽرانسفارمر سڙيل آهن ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، نديم چانڊيو لکيو ته وارهه ۾ 3 ڪلاڪ بجلي هلي ٿي 3 بند رهي ٿي، جي ايم لاڙڪ لکيو ته نئون ڪوٽ ۾ 16 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته لاکا روڊ ۾ رڳو 2 کان 3 ڪلاڪ بجلي هلندي آهي، موهن لال لکيو ته مٺي ۾ لوڊشيڊنگ وڌڻ جي ڪري پاڻي جي فراهمي جو مسئلو به ٿي ويو آهي، اياز پتافي لکيو ته داد لغاري ۾ 24 ڪلاڪن ۾ رڳو پنج ڪلاڪ بجلي ڏني وڃي ٿي، احمد شير کوکر لکيو ته بگودڙو ۾ 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ رهي ٿي، خادم رند لکيو ته قمبر ۾ رڳو 2 ڪلاڪ بجلي هلي ٿي، شرف الدين مرکنڊ لکيو ته وارهه شهر ۾ 2 يا ٽئي ڪلاڪ رڳو بجلي هجي ٿي، ديدار بلوچ لکيو ته شڪارپور ۾ ڪيترائي ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، خادم گهراڻو لکيو ته نصرپور ۾ 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي ٿي وڃي، عاصم علي، اسدالله، لکيو ته ڪراچي شاهه ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ 9-9 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، وقار علي ابڙو لکيو ته لاڙڪاڻو ۾ 12-14 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ رهي ٿي، آصف علي گاڏهي لکيو ته جوهي ۾ 16 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، خان بلوچ لکيو ته ٺل ۾ 20 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، غلام ملاح لکيو ته بدين ۾ 20 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، ايم امجد بلوچ لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ 16 کان 18 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، آصف عمراڻي لکيو ته نيو سعيد آباد ۾ 10-12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي ٿي وڃي، سارنگ لطيف لکيو ته ميرپورخاص ۾ 11-13 ڪلاڪ بجلي ناهي هوندي، دانش جروار لکيو ته ڦلجي اسٽيشن ۾ 18 ڪلاڪ بجلي ناهي هوندي، وقار ڏاهري لکيو ته ڄام صاحب ۾ لوڊشيڊنگ جو ڪو به وقت مقرر ناهي، اويس ملاح لکيو ته بلڙي شاهه ڪريم ۾ 16 کان 18 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي ويندي آهي. محمد مزمل سومرو لکيو ته بجلي جي بحران سبب زندگي عذاب بڻجي وئي آهي، نديم اختر هنڱورو لکيو ته اسان وٽ 24 ڪلاڪن ۾ رڳو 3 ڪلاڪ بجلي ايندي آهي، اصغر حسين لکيو ته هن ملڪ جي حڪمرانن جو ڏنل ڪو هڪ سور هجي ته بيان ڪجي بوزداروڏا شھر جا 3 سڙيل ٽرانسفارمر ٺاهي نٿا ڏنا وڃن، ڪاڪا نسيم لکيو ته اهو پڇو ته بجلي هوندي ڪٿي آهي؟ اسڪول به بند آهن سرڪاري آفيسون به گهٽ کوليون وڃن ٿيون پوءِ به بجلي جو بحران آهي، صبغت الله رند لکيو ته ڊکڻ شهر ۾ بجلي جو وڏو مسئلو آهي، اي بي رحمان هاليپوٽو لکيو ته لاکا روڊ فيڊر تي 22 ڪلاڪ بجلي بند هجي ٿي، محمد عرفان لکيو ته ٽنڊوالهيار ۾ تقريبن 6 کان 8 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي، وحيد مستوئي لکيو ته 24 ڪلاڪن مان رڳو 3 ڪلاڪ بجلي ڏني وڃي ٿي باقي وقت لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي. ان کانسواءِ مهاوير واسو، بابر چنا، محمد سعيد تنيو، مڪيش ڪمار، عبدالغفور خواجه، وقاص ياسين، رحمان هاليپوٽو، محمد جمن ساند، نور، زاهد چانڊيو، نظام ڪلهوڙو، گل حسن شر، مظفر بلوچ، رفيق سومرو، عبدالله جعفري، وحيد علي خان ۽ ٻين پڻ بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌي وڃڻ جون دانهون ڪيون. هنن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ، سيپڪو، حيسڪو عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي فراهم نٿي ڪئي وڃي، هن گرمي جي موسم ۾ بجلي نه هئڻ ڪري پريشاني وڌي وئي آهي جڏهن ته لاڪ ڊائون هجڻ ڪري گهر ۾ رهڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي ان کانسواءِ بجلي نه هجڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي پڻ متاثر ٿي رهي آهي، هنن چيو ته ڪورونا وائرس جي صورتحال سبب اسڪول به بند آهن، ڪيتريون ئي فيڪٽريون پڻ ناهن کلي سگهيون، سرڪاري آفيسون به جيڪي هلي رهيون آهن انهن کي به هفتي ۾ ٻه ٽئي ڏينهن موڪل هجي ٿي، ان صورتحال ۾ ته بجلي جو استعمال گهٽ ٿي ويو آهي پوءِ پاور ڪمپنين ۽ حڪومت جي نا اهلي جي ڪري عوام کي بجلي پوري نه ملي رهي آهي. هنن چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جو آزار ختم ڪيو وڃي. هوڏانهن بجلي جي مسئلي تي سوشل ميڊيا تي پڻ وڏي انگ ۾ ماڻهن پوسٽون شيئر ڪيون آهن جڏهن ته اينڪر ڪرن ناز جي شرٽ تي ڪراچي کي بجلي ڏيو واري تصوير وائرل ٿي وئي آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *