تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ جي آجيان: هاڻي اسڪول به کولڻ گهرجن: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت پاران لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ واري اعلان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو، جنهن تي اڪثر ماڻهن لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ سان پورهيت غريب طبقي کي فائدو ٿيندو، حڪومت کي هاڻي اسڪول به کولڻ گهرجن ڇو ته لاڪ ڊائون ۾ تعليم گهڻي متاثر ٿي آهي.سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي شفيع ملاح لکيو ته لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ سان مزدور طبقي کي فائدو ٿيندو، هاڻي تعليمي ادارا کولڻ گهرجن، بابر وساڻ لکيو ته لاڪ ڊائون سبب لکين خاندان بيروزگاري کي منهن ڏئي رھيا ھئا لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ سان سندن گهر جي چلهه ٻري سگهندي، جاويد احمد لکيو ته جيتوڻڪ ڪورونا وائرس جي بيماريءَ عام ٿيڻ سبب ماڻهن ۾ اُهو ساڳيو خوف ناهي رهيو هو ۽ اڪثريت اِن شڪ ۾ رهي ٿي ته ڪورونا هڪ ڊرامو آھي، عوام ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي رهيو آهي. سمارٽ لاڪ ڊائون جو مثبت نتيجو آيو ، جنهن ڪري هي وبا ڪنٽرول ۾ ٿي، نوان ڪيس گهٽ رپورٽ ٿيا آھن ۽ گهڻي انگ ۾ ماڻهو صحتياب ٿيا آهن ان ڪري وفاقي حڪومت لاڪ ڊائون ختم ڪندي بازارون، شاپنگ مال، ريسٽورنٽس، پبلڪ پارڪس ۽ تفريحي ماڳ کولڻ جي اجازت ڏئي رهي آهي ان سان هاڻي عوام سک جو ساهه کڻندو. نوشاد خاصخيلي لکيو ته حڪومت پاران لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ وارو فيصلو بهتر سمجهون ٿا پر احتياط به ضروري آهي، رحمت الله ميراڻي لکيو ته لاڪ ڊائون صرف نالي جو رهجي ويو هو هر شيءِ کليل رهي ھاڻي صرف تعليمي ادارا رھيل آھن، جيڪي ٻارن جي تعليم کي مدنظر رکندي کوليا وڃن. نويد نواز سومرو لکيو ته بلڪل درست۽ سهي فيصلو آھي ڇو ته لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ سان ڪيترن ئي بيروزگار مزدورن جو روزگار کلندو، عبدالنبي شر لکيو ته حڪومت جو بهترين فيصلو آهي اسڪول به کوليا وڃن، عبدالله راهمون لکيو ته لاڪ ڊائون جي ڪري ماڻهو بيروزگار ٿي ويا هئا، محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته بلڪل هاڻي لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ گهرجي لاڪ ڊائون جا سڀ کان وڌيڪ ۽ خراب اثر ملڪ جي غريب مزدور ۽ پيڙهيل طبقي مٿان پيا. عمران پٺاڻ لکيو ته لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ وارو فيصلو سٺو ڪيو ويو آهي تعليم واري پاسي به ڌيان ڏنو وڃي، يار محمد هوت لکيو ته وفاق جو اهو فيصلو هاڻ بلڪل صحيح آھي سنڌ حڪومت کي به هاڻ لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ گهرجي ۽ اسڪول کولڻ وارو اعلان به ڪرڻ گهرجي، احمد شير کوکر لکيو ته فيصلو درست آھي پر ايس او پيز تحت آھستي آھستي لاڪ ڊائون ختم ڪيو وڃي، اعجاز سومرو لکيو ته اسڪول به کولڻ گهرجن، خادم گهراڻو لکيو ته لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ سان معيشت بهتر ٿيندي، ايس او پيز تي عمل ضروري آهي، انور ساند لکيو ته لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ تي اسان کي ته خوشي ٿي آهي. خادم رند لکيو ته لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ وارو فيصلو درست آھي غريب طبقو متاثر ٿي رهيو هو. محبتي مڪيش لکيو ته لاڪ ڊائون ختم ڪيو ويو آهي اهو سٺو عمل آهي تعليمي ادارن کي به کولڻ گهرجي، ممتاز علي سميجو لکيو ته تمام بهترين فيصلو ڪيو ويو آهي، مهاوير واسو لکيو ته بهترين فيصلو ڪيو ويو آهي،نعيم ڪولاچي لکيو ته ماڻھون بک پيا مرن ھاڻي لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ گھرجي، خاموش خليل لکيو ته حڪومت جو بهترين فيصلو آهي غريب عوام پريشان هو، تعمير حسين سريوال، گلزار علي، احسان اياز، ظفر رند، نادر لغاري، سراج ڦلپوٽو، اشفاق کوسو، نجيب سنڌي لکيو ته لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ سٺو عمل آهي پر عوام کي پاڻ کي به ڪجهه احتياط ڪرڻ گهرجي، هاڻي اسڪول به کوليا وڃن، مير شاهجهان کوسو، ايم بي قادري، جنيد زرين محمد يوسف مکريو، طارق حسين، لکمير خان بروهي، رحمت الله کهڙو، عبدالله محسن لکيو ته بھتر فيصلو ڪيو ويو آھي انھي سان غريب عوام کي فائدو پوندو روز ڪمائي کائڻ وارن لاءَ بھتر آھي تعليمي ادارن کي به کوليو وڃي، فيض علي زرداري، عبدالوحيد بلوچ، عبدالمالڪ لاشاري، عبدالغفار اوڳاهي، عبدالغفار خان سڪندر بلوچ، سميع الرحمان لکيو ته ھي بھترين عمل آهي، ڪافي پورھيتن جو روزگار بند لڳو پيو آهي، اھي پنهنجي روزگار سان لڳندا، عاشق حسين شر، راجا رميش، عادل الاهي بخش، بابو ظفر لکيو ته وفاق جو اهو فيصلو بلڪل صحيح آھي سنڌ حڪومت کي به هاڻ لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ گهرجي ۽ اسڪول کولڻ وارو اعلان به ڪرڻ گهرجي سڀ کان وڌيڪ ٻارن جي تعليم سخت متاثر ٿي آھي هن لاڪ ڊائون به سوين غريب ۽ مزدور ماڻهن جا گهر اجاڙي ڇڏيا آھن، اصغر حسين، محمد عثمان مهر، عابد علي، رضا هالو لکيو ته صحيح فيصلو ٿيو آهي، حڪومت کي هاڻي تعليم واري پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ اسڪول به کولڻ گهرجن، ان کانسواءِ عوام کي به گهرجي ته هو پاڻ به ڪجهه وقت اڃا احتياطي اپائن تي عمل ڪري جنهن سان ڪورونا وائرس تي مڪمل ڪنٽرول ٿي سگهندو ۽ عوام به ان وبا کان محفوظ رهي سگهندو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *