تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… عوام ڪراچي ۾ لوڊشيدنگ جي خاتمي لاءِ گيس جي بندش واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪراچي مان بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ صنعتن ۽ سي اين جي اسٽيشنن جي گيس بند ڪرڻ واري عمل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو، جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته حڪومت پاران اهو انتهائي غلط فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سان لکين مزدور متاثر ٿيندا، حڪومت کي اهڙو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي. ڇو ته ان سان ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا به وڌي ويندا ۽ ساڳيو عوام سورن ۾ هوندو. صنعتون پڻ متاثر ٿينديون. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي فدا حسين لکيو ته ڪراچي مان لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ سي اين جي اسٽيشن بند ڪرڻ ۽ گيس فراھمي روڪڻ کان بھتر اھو ٿيندو ته ڪراچي ۾ چوري ٿيندڙ بجلي،۽ غير ضروري استعمال ٿيندڙ بجلي بچائي وڃي، ڪي اليڪٽرڪ ۾ سڌارو آندو وڃي، ذوهيب جيهو لکيو ته ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو جيڪڏھن خاتمو ٿي ته سٺي ڳالهه آھي پر صنعتن ۽ سي اين جي اسٽيشنن کي متبادل سھولتون پڻ مھيا ڪرڻ انتھائي ضروري آھن ٻي صورت ۾ صنعتن ۽ سي اين جي اسٽيشنن جي بند ٿيڻ سان لکين مزدور بي روزگار ٿيندا ۽ ڪراين ۾ اضافي سان گڏ ٽرانسپورٽ بند ٿيڻ جا پڻ خدشا پيدا ٿيندا. جاويد لانگاهه لکيو ته اھڙي عمل سان ويتر عوام ئي ڀوڳيندو، ڪارخانا بند ٿيڻ يا سي اين جي بند ٿيڻ سان بيروزگاري ٿيندي، بشير رضا لکيو ته محسوس پيو ٿي ته ھي حڪومت عوام دشمن آهي، ھر دفعي عوام جو نقصان پيو ٿي، آصف علي منگي لکيو ته تمام غلط عمل آھي مصيبت مٿان مصيبت آھي، افراز حسين ميمڻ لکيو ته اڄ پنهنجي اخبار ۾ پڙھيم ته گئس بند ٿيڻ سان ڪافي مزدور بي روزگار ٿيا آھن انهن مزدورن جو به سوچڻ کپي ۽ انهن سي اين جي مالڪن جو به جن کي نقصان پهچي سگھي ٿو، ثناءُالله چنا لکيو ته تمام غلط عمل آھي، حڪومت پنهنجو فرض پورو نٿي ڪري سگهي ته عوام تي باربار نئين مصيبت مڙهي رهي آهي ڪڏهن بجلي بند ڪئي ٿي وڃي ڪڏهن گئس بند ڪئي ٿي وڃي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته ان فيصلي کي اسان زيادتي وارو بلڪه احمقن وارو فيصلو سمجهون ٿا، مهاوير واسو لکيو ته صنعتون ۽ سي اين جي سٽيشنز بند ٿيڻ سان لکين مزدور بيروزگار ٿيندا، ڀاڙا به وڌي ويندا. فقير وقار ڏاهري لکيو ته غلط عمل آهي ان سان بيروزگاري وڌندي هڪ ته ڪورونا وائرس سبب غريب طبقو اڳ ئي پريشان آهي وري انهن جي علائقن جون صنعتو بند ٿينديون ته هو ويتر پريشان ٿيندا ۽ خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا، عبدالرائوف سومرو لکيو ته غلط فيصلو ڪيو ويو آھي ڇاڪاڻ ته گئس بند ٿيڻ سان ٻين شين تي اثر پوي ٿو، مڪيش ڪمار لکيو ته اهو عمل بلڪل غلط آهي ان سان ڪارخانا بند ٿيندا، وقاص ياسين لکيو ته اهو سٺو فيصلو ڪيو ويو آهي، محمد عرفان لکيو ته گيس بند ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو ڪراچي جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪيو وڃي، محمد آچر درس لکيو ته هن عوام دشمن حڪومت وٽ ڪا پاليسي ناهي، سرمد عباسي لکيو ته ھڪڙن جي پيڙا ڏور ڪرڻ لاءِ ٻين کي عذاب ۾ وجھڻ ڪٿان جو انصاف چئبو؟ ڪراچي کان ڪشمور تائين سموري سنڌ لوڊشيڊنگ جي عذاب ۾ آھي، خادم گهراڻو لکيو ته اهو عمل بلڪل غلط آهي ان سان ڪارخانا بند ٿيندا، گل حسن شر لکيو ته گيس بند ڪرڻ وارو عمل غلط آهي ان سان ماڻهو متاثر ٿيندا، علي فراز لکيو ته بلڪل غلط عمل آهي، سڪندر علي لوهار به فيصلي کي غلط قرار ڏنو، نصرالله راڄپر، پير عالم مصطفيٰ به راءِ جو اظهار ڪيو، ادريس جکراڻي لکيو ته عوام سدائين سورن ۾ آهي، ڪورونا وائرس جي ڪري اڳ ئي لاڪ ڊائون هيو ۽ ماڻهو بيروزگار هئا هاڻي جيڪي روزگار سان لڳا آهن ته اهي وري بيروزگار ٿيندا، مظفر بلوچ لکيو ته عوام سدائين سورن ۾،بجلي ته ڄڻ سنڌ صوبي مان موڪلائي وئي آهي هي فيصلو به عوام کي پريشان ڪندو، گلشير سومرو لکيو ته سنڌي قوم سان اھڙيون مذاقون وفاق جي طرفان ٿينديون رھيون آھن، عبدالمالڪ لاشاري لکيو ته ھڪڙي مصيبت ختم ڪرڻ لاءِ ٻي مصيبت پيدا ڪئي وئي آهي، مسرور شر چيو ته اهو غلط فيصلو ڪيو ويو آهي، صبغت الله رند، صحيح قرار ڏنو عبدالواحد لاشاري، ذاڪر شر، محمد قاسم ميمڻ، غلط فيصلو قرار ڏنو، سجاد حاجاڻو لکيو ته اهو عمل بلڪل غلط آهي ان سان ڪارخانا بند ٿيندا، يارمحمد هوت لکيو ته سنڌي ۾ پراڻي چوڻي آھي ته وڙھن سَان لتاڙجن ٻوٽا وانگر سنڌ وفاقي حڪومت جي تڪرار ۾ عوام ڀوڳي پيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *