تازا ترين
  • *دادو بار جي وڪيلن پاران ڪيميڪل مليل کير جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو *وڪيلن ڪيميڪل مليل کير جو وڪرو بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو *انتظاميه جي ملي ڀڳت سان کير ۾ صرف ۽ شيمپو ملهايا وڃن ٿا جنهن سان گڙدا ۽ ڦڦڙ ختم ٿين ٿا: وڪيل*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ انٽري ٽيسٽ وارو معاملو *انٽري ٽيسٽ صوبو وٺندو يا وفاق، معاملو حل نه ٿي سگهيو *سنڌ جي صحت کاتي، وفاق ۽ پي ايم سي پاران جواب جمع ڪرايو ويو *عدالت 28 آڪٽوبر تي پي ايم سي جي قيام بابت وڪيلن جا دليل طلب ڪري ورتا*
  • *سيٺارجا: ڳوٺ نانگو دفتري ۾ باهه لڳڻ سبب مغيري برادري جا ڪيترائي گهر سڙي رک *اطلاع باوجود فاربرگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ڪنگري جي ڪچي ۾ لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پوليس جو آپريشن، 6ڌاڙيل مارجي ويا *مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ ربنواز عرف ربو ناريجو، وحيد رند، اقبال ناريجو، ارباب ناريجو ۽ پٺاڻ عرف پٺو ناريجو شامل *مارجي ويل ڌاڙيل اقبال ناريجو ۽ ٻين مٿان 10-10لک رپيا انعام رکيل هو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو *مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان راڪيٽ لانچرز، مشين گنز ۽ ٻيا جديد هٿيار هٿ: پوليس *آپريشن دوران ڌاڙيلن جي20 کان وڌيڪ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو: پوليس *
  • * فشر مين ڪو آپريٽيوسوسائيٽي جي اڳوڻي چيئرمين خلاف غير قانوني ڀرتين وارو ريفرنس *نثار مورائي خلاف ريفرنس آخري مرحلي ۾ آهي: نيب پراسڪيوٽر *ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن: احتساب عدالت جو حڪم*
  • *ڪراچي: اسپارڪو روڊ تي اسڪول جي سڪيورٽي گارڊ جو لاش هٿ *گارڊ ڊيوٽي دوران پنهنجي ئي هٿيار سان اتفاقي گولي لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي: پوليس*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس سبب معطل ٿيل بائيو ميٽرڪ سسٽم بحال *چيف جسٽس اطهر امن الله جي هدايت تي ڊپٽي رجسٽرار سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو *درخواست داخل ڪرڻ وقت سائلن کي بائيو ميٽرڪ بيان حلفي جي تصديق ضروري هوندي *چيف جسٽس ڪورونا سبب بائيو ميٽرڪ بيان حلفي تصديق کي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو*
  • *اسلام آباد: راڻي باغ جانورن جي مرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي *عدالت رڇن جي پرڏيهه منتقلي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي *اين او سي جاري ٿيڻ بعد رڇن کي پرڏيهه منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي: ڊپٽي اٽارني جنرل *هڪ رڇ کي اردن ۽ ٻئي کي بلغاريه منتقل ڪيو ويندو: درخواستگذار جو وڪيل*
  • *گهوٽڪي: پنجاب واسڻ فنڪارا عليشاهه تي بااثرن پاران مبينا تيزاب هارڻ جي ڪوشش وارو مامرو *گهوٽڪي: رحيميار خان پوليس وڏيري امان الله ڪلوڙ بعد هارون ڪلوڙ کي به گرفتار ڪري ورتو *دوستي نه رکڻ تي امان الله، هارون ۽ تپيدار ارشاد ڪلوڙ تيزاب هارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويس: عليشاهه*
  • *ڊکڻ ويجهو هفتو اڳ قتل ٿيل عبداللطيف ککراڻي جي وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو *ڳوٺ شير خان ککراڻي واسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت نبي شاهه بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو، ٽائرن کي باهيون *هفتو گذرڻ باوجود عبداللطيف ککراڻي جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين*
  • *هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪرائيندڙ محمود اختر نقوي خلاف آئيني درخواست *محمود اختر نقوي سبب ادارن ۽ عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي: درخواستگذار *محمود اختر نقوي نه وڪيل آهي ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر آهي: درخواستگذار*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف ڪرپشن وارو ڪيس *اعجاز جکراڻي جي فرنٽ مين غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل نه منتقل ڪرڻ خلاف اپيل *عدالت نيب کان جواب طلب ڪري ورتو *غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل منتقل ڪرڻ بدران جيڪب آباد ۾ رکيو ويو آهي: درخواست*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ميرپورخاص: عمرڪوٽ روڊ تي حادثي ۾ زخمي ٿيل شخص فوت *رات دير سان ڪار جي ٽڪر ۾ نامعلوم شخص زخمي ٿي پيو هو، لاش سول اسپتال ۾ پيل*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… عوام پاران نيب هٿان شهباز شريف جي گرفتاري سياسي ۽ انتقامي قرار

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته نيب هٿان شهباز شريف جي گرفتاري کي ڪيئن ٿا ڏسو؟جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته شهباز شريف جي گرفتاري اپوزيشن پارٽين جي اي پي سي، نواز شريف جي تقرير جو ردعمل آهي، شهباز شريف جي گرفتاري سياسي ۽ انتقامي آهي، فضل الرحمان ۽ ٻين اڳواڻن کي به نياپو ڏنو ويو آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي حريف چانڊيو لکيو ته سياسي گرفتاري آهي. شهباز جي گرفتاري ته پي ڊي ايم جي اعلانيل تحريڪ کي طاقت بخشيندي، سارنگ منير سومرو لکيو ته سياسي ۽ انتقامي گرفتاري آھي، رشيد ابڙو لکيو ته شھباز ته ويو جيل پر تحريڪ ھلائڻ وارن لاءِ وڏو امتحان ڇڏي ويو، ڏسجي ته ڪيئن ٿا تحريڪ هلائن، گل حسن شر لکيو ته شھباز جي گرفتاري سڄي اپوزيشن لاءِ پيغام آھي، خادم گهراڻو لکيو ته شهباز شريف جي نيب هٿان گرفتاري نئين ڳالھ نه آهي هر حڪومت مخالف ڌر تي نيب ۾ ڪيس ڪندي آهي، مختيار وساڻ لکيو ته اپوزيشن وارن جي حڪومت آئي ته اهي وري عمران خان جي ٽيم کي گرفتار ڪندا، هزار خان لکيو ته نيب رڳو نالي ۾ آهي سڄو ڪم عمران خان جو آهي، امداد ساگر پنهور لکيو ته شھباز شريف ڪرپشن ڪئي آهي ته پوءِ انتظار ڇا جو؟، انعام الله قاضي لکيو ته عمران خان اقتدار جو غلط استعمال ڪري رھيو آھي سياسي انتقام ۾ نيب کي استعمال ڪرڻ غلط عمل آھي، محمد پريل عباسي لکيو ته اپوزيش پاٽين جي اي پي سي تي وفاقي حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آھي ، اڃان وڌيڪ خدشو آھي ته ٻين اڳواڻ خلاف ايڪشن ٿي سگهي ٿو، عرفان ڪريم مغل لکيو ته نواز شريف پاران اي پي سي ۾ ڪيل تقرير جو اهو نتيجو اچڻو هيو، علي مراد چانگ لکيو ته پاڪستان ۾ اھڙن ماڻھن کي روز گرفتار ڪيو ويندو آھي ۽ وري آزاد ڪيو ويندو آھي، حنيف رضا بلوچ لکيو ته شهباز شريف جي گرفتاري مان ظاهر ٿيو ته ملڪ ۾ احتساب جو دائرو تيز ٿي ويو آهي، سڪندر علي لکيو ته بهترين آهي احتساب سڀني لاءِ هجڻ گهرجي، غوث بخش ملڪ لکيو ته اھا ھڪ گرفتاري ناهي ٿي اڳ به گرفتاريون ٿيون آهن، مهراڻ مل ميگهواڙ لکيو ته شھباز شريف جي گرفتاري حڪومت پاران مسئن تان ڌيان هٽائڻ آهي، دلشاد لاشاري لکيو ته مريم به گرفتار ٿيڻ گهرجي، شبير سهتو لکيو ته اپوزيشن کي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ظفر رند لکيو ته اپوزيشن پارٽين جي اي پي سي جو رد عمل آھي اڃا ٿي سگهي ٻيون گرفتاريون ٿين. نيازي حڪومت اپوزيشن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اهڙا قدم کڻندي. خادم رند لکيو ته شهباز شريف جي گرفتاري انتقامي ڪارروائي کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناھي. نواز شريف جي تقرير تي اهو ردعمل آيو آهي، مبين مگسي لکيو ته انتقامي ڪارروائي آهي، مسرور جروار لکيو ته اسان خوش ٿيا آهيون سڀني چورن کي جيل ۾ وجهڻ گهرجي، وحيد ڄامڙو لکيو ته شھباز شريف جي گرفتاري مان ظاھر آھي ته احتساب جو دائرو تيز ٿي ويو آھي، حبيب الله جمالي لکيو ته نيب رڳو اپوزيشن وارن خلاف انتقامي ڪاروائي ڪري رهي آهي، اها پوليٽيڪل انجنئيرنگ آهي. پرويز حسين لکيو ته هي موجوده حڪومت ڪنهن کي به نه ڇڏيندي، مزمل شاهه لکيو ته اپوزيشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ۽ گلگت بلتستان ۾ چونڊون کٽڻ لاءِ اهڙيون گرفتاريون ڪيون پيون وڃن، سڪندر بلوچ لکيو ته نيب طرفان اڳ ۾ به ڪافي گرفتاريون ٿي چڪيون آھن، شھباز شريف جي گرفتاري اپوزيشن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش آھي.آفتاب ڪيريو لکيو ته نواز شريف جي تقرير کانپوءِ اهو ٿيڻو هو، عبدالرزاق نندواڻي لکيو ته اپوزيشن جي اي پي سي جو هي ري ايڪشن آھي، اڳتي ڏسو ته ڇا ٿو ٿئي، رزاق ڍاٽي لکيو ته شهباز شريف جي گرفتاري مان ظاهر ٿيو ته ملڪ ۾ احتساب جو عمل تيز ٿي ويو آهي، ابراهيم اڄڻ لکيو ته ڏيتي ليتي ڪري کيس ڇڏي ڏيندا.عبدالحئي ساوند لکيو ته اپوزيشن جي اي پي سي جو هي ري ايڪشن آھي، شھبازشريف جي گرفتاري مولانا فضل الرحمان سميت ٻين لاءِ نياپو به آھي، محمد جمن ساند لکيو ته وري نواز شريف جيان ملڪ کان ٻاهر هليو ويندو، ابوبڪر بلوچ ۽ آدم گڏاڻي لکيو ته شهباز شريف جي گرفتاري جي آجيان ڪريون ٿا، ذاڪر احمد لکيو ته حڪومت خلاف جيڪو آواز ٿاريندو اهو گرفتار ٿيندو، جميل ساگر لکيو ته اھو مولانا فضل الرحمان لاءِ نياپو آھي، محمد اسحاق لوهار لکيو ته حڪومتي ادارن جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي، جرئت علي چانڊيو لکيو ته سڀ سياستدان چور آھن، ان کانسواءِ عرض محمد، نورالدين جوکيو، علي افتخار، جاويد هڪڙو، سمير، ساڪيش ڪمار، منظور انڍڙ، عالمگير شاهه، منصور ڪورائي، محسن نواز، علي گل دايو، ايم عثمان، محبتي مڪيش، جان محمد، مفتي عبدالواحد، عبدالحڪم لغاري، عبدالجبار جمالي، سليم چانگ، اقرار نقوي، مهاوير واسو، ناز ربنواز شر، اعجاز علي، فياض الدين چنا، پرويز حسين، فرمان چانڊيو، افضل ڀٽو، وحيد علي، صدام ڪريم، نعمان مهر، دائود لغاري، علي مرتضيٰ، خالق الزمان، محمد عرفان رضا، محمد ايوب، جاويد کوسو، مسرور شر، شهاب الدين، وقاص نظاماڻي، عاقب نظاماڻي، محمد علي شر، عاشق حسين، تهذيب چانڊيو، شفيق بلوچ، ابو محمد ۽ ٻين پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *