تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… عوام پاران اٺين جماعت تائين اسڪول بند رکڻ وارو فيصلو رد

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پهرين کان اٺين جماعت تائين ڪلاس بند ڪرڻ واري فيصلي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ حڪومت پاران اهو غلط فيصلو ڪيو ويو آهي، اسڪول کوليا وڃن تعليم اڳ ئي تباهه ٿي چڪي آهي، اسڪول کولڻ کانپوءِ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي وقار سومرو لکيو ته غلط فيصلو ڪيو ويو آهي، اسڪول کوليا وڃن، ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي، ٻارن کي ماسڪ، هينڊگلوز وغيره سرڪار مهيا ڪري، موهن لال لکيو ته ڪورونا وائرس ۾ ٻارن جي وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي حڪومت انهي وبا کان بچاءُ خاطر ايس او پيز کي فالو ڪرائي ۽ استادن سان گڏوگڏ شاگردن جي ڪورونا ٽيسٽ يقيني بڻائي اسڪول کوليا وڃن، ڪاشف بلوچ لکيو ته هوٽل مارڪيٽون جلسا جلوس سڀ کليل ليڪن ڪورونا صرف تعليمي ادارن ۾ ڇو ٿي اچي ايليمينٽري اسڪول بند ڪري ٻارن جو مستقبل هٿ سان تباهه ڪيو پيو وڃي، وقاص ياسين لکيو ته حڪومت تمام غلط فيصلو ڪيو آهي، سڄو ملڪ کليو پيو آهي اتي ڪورونا ڪانهي باقي اچي ڪورونا تعليمي ادارن ۾ آهي؟ سنڌ جي تعليم اڳ ۾ ئي خراب آهي سنڌ حڪومت کي تعليمي ادارا کولڻ کپن، ذوالفقار جتوئي لکيو ته بلڪل غلط فيصلو ڪيو ويو آھي تعليم وڌيڪ تباهه ٿي ويندي، اياز لطيف لکيو ته جيڪڏھن نائين ۽ ميٽرڪ ڪلاس جا اسڪول کلن ٿا اتي ڪورونا ناهي؟ باقي پرائمري کان اٺين جماعت تائين ڪورونا جو خطرو آهي؟ هٿ سان تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو پيو وڃي. خادم رند لکيو ته يقينن ڪورونا وائرس جو خطرو نه ٽريو آهي ۽ ايس او پيز تي عمل به ممڪن ناهي انڪري تعليمي ادارا بند ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. حبيب الله جمالي لکيو ته اهو تمام غلط فيصلو آهي پهريائين ڇهه مهينا اسڪول بند رهيا ٻارن جي تعليم سڄي تباهه ٿي چڪي آهي، حڪومت کي اهو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي ۽ ساڳي تاريخ تي اسڪول کوليا وڃن، عبدالعليم کوکر لکيو ته سنڌ سرڪار کي اسڪول بند ڪرڻ جي تمام گھڻي جلدي آھي، سارنگ منير سومرو لکيو ته حيرت جي ڳالھه آھي ته مارڪيٽيون بازارون بسون ڪوچ بغير ايس او پيز جي ھلن پيا انهن مان ڪورونا نه پئي وڌي جڏهن ته ايس او پيز تحت ھلندڙ اسڪولن مان ڪورونا جو خطرو ظاھر ڪرڻ سازش آھي، قائم علي خان لکيو ته سرسي نظر ڊوڙائجي تعليمي ادارا فلحال کولڻ مناسب ناهي. هي سال پاڻ بچائڻ جو آهي، عنايت بروهي لکيو ته اسان جي سياستدانن جا ٻار اڄ به ڪنھن نه ڪنهن طريقي سان پڙھن ٿا پر اسان جا ٻچا رلن پيا، سردار اي بخش راڄپر لکيو ته سڌو سنئون تعليم دشمن نظام آهي، ايم طيب ملاح لکيو ته سنڌ جي تعليم جيڪا پهريان کان ئي تباهي جو شڪار آهي ان کي وڌيڪ تباهه ڪري تعليم دشمني ظاهر ڪئي پئي وڃي، مهراڻ مل ميگهواڙ، سرفراز ساريو لکيو ته تعليم جي حساب سان سنڌ اڳ ئي پٺتي پيل آهي وڌيڪ نقصان ٿيندو، حڪومت فيصلو واپس وٺي. نياز بادامي لکيو ته سڄو ڊرامو آهي، بخت علي عباسي لکيو ته اھو فيصلو تعليم کي نقصان پهچائيندو، وحيد مستوئي لکيو ته اھو فيصلو سنڌ جي تعليم دشمني وارو فيصلو آھي، علي سولنگي لکيو ته اسان جي سياستدانن جا ٻار پڙهي رهيا آهن پر غريبن جي ٻارن کان تعليم کسي پئي وڃي، فاروق بن ارباب لکيو ته اسڪول بند ڪرڻ بهتر فيصلو آهي، ابن الحسن ٻرڙو لکيو ته اھو فيصلو سنڌ جي مستقبل سان دشمني آھي، ڇا بازارن يا شاپنگ مالز ۾ ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي ٿو؟ سعيد جان مهر لکيو ته سنئين سڌي تعليم دشمني آهي، امير علي چنا لکيو ته اسڪولن جي تاريخ هڪ هفتو پوئتي ڪرڻ ايترو وڏو اشو نه آهي ايترو اهو غلط نه آهي درست فيصلو آهي فضل الحق لکيو ته جيڪي اسڪول ايس او پيز تي عمل نٿا ڪن تن تي ڏنڊ لڳايو وڃي اسڪول بند نه ڪيا وڃن، هما عباسي لکيو ته ڪورونا جي صرف تعليم سان دشمني آهي؟ ٻيو ڪجهه نٿو ڪري؟ اسڪول بند ڪرڻ تعليم دشمني آهي، زوار ثابت علي لکيو ته جلدي ڪري اسڪول کوليو ٻارن جو مستقبل بچايو وڃي، حيدربخش ساند لکيو ته سنڌ جي اندر ڪاروباري مرڪز کولڻ جو مقصد هو ته ڪجهه نه ڪجهه معيشت بچي، جيڪڏهن وائرس اسڪول جي شاگردن ۾ ڦهلجي ٿو ته انهي کي ڪنٽرول ڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو، غلام نبي پيرزادو لکيو ته اسڪول کولڻ جي اجازت ڏني وڃي شھر ۽ ھوٽل کليل آھن، عرفان شوڪت لکيو ته حڪومت سٺو فيصلو ڪيو آهي، آصف جمالي به لکيو ته سٺو فيصلو آهي، رياض حسين ڄامڙو لکيو ته عيد تي ريشم گلي ۾ ميڙ هئا پر اتي ڪورونا وائرس نه هو، ڪفالت سينٽرن تي به وائرس نه هو، باقي اسڪولن لاءِ ڪورونا وائرس آهي، ان کانسواءِ گل حسن شر، غلام علي، شنڪر باغي، طارق حسين، دوست محمد، جاويد احمد، اشتياق شر، محمد خان زرداري، عمران ڪنڀر، اسدالله سميجو، نثار پتافي، محبتي مڪيش، علي گل دايو، راءِ ڏياچ سنڌي، بشير احمد، غلام رسول کوسو، عبدالغفور ابڙو، علي حيدر خواجه، سامي قربان منگي، عبدالله شاهه بخاري، نارائڻ سنڌي، توقير ڊيهو، سرفراز، ارسلان بلوچ، محمد خان ڪورائي، مدثر خان، عبدالواجد، اسلم هنڱورجو، محمد جليل بگٽي، نوشاد خاصخيلي، عباس بلوچ، عبدالله جروار، علي احمد، امتياز علي مجيداڻو، فضل چانڊيو، بشير رضا مهر، اي زيڊ لغاري، ذوالفقار علي، علم الدين سميجو، عبدالودود سنڌي، ارشد خاصخيلي، عرفان هاليپوٽو، راسومل، عاشق شر، سيد جعفر شاهه، سردار بلوچ، ديدار بلوچ، مير حسن مري، خان بلوچ، فيض زرداري، عبدالستار راڄپر، سائينداد نهڙيو، بشير سهتو، غلام مرتضيٰ، يونس بوزدار، محمد رمضان، غلام حيدر، آزاد ڪاظمي، پيار لال ڀيل، سعيد احمد ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، اڪثر ماڻهن چيو ته اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو غلط ڪيو ويو آهي، حڪومت کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *