تازا ترين
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… عوام صوبن جو مالياتي حصو گهٽرائڻ واري متحده جي بل کي رد ڪري ڇڏيو

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته صوبن جو مالياتي حصو گهٽرائڻ لاءِ سينيٽ ۾ بل پيش ڪرڻ واري عمل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته مالياتي حصو گهٽائڻ صوبن سان زيادتي آهي، اهڙي عمل کي رد ڪريون ٿا، سنڌ سان سدائين ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي، صوبن جو مالياتي حصو گهٽائڻ جي ڪوشش وارو بل منظور نه ڪيو وڃي. واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي اتحادي جماعت متحده پاڪستان اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽرائڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي، ايم ڪيو ايم جي بئريسٽر سيف آئين جي آرٽيڪل 160 جي شق 3 ۾ ترميم لاءِ بِل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو، بِل جي متن موجب قومي مالياتي ڪميشن جو مقصد وفاق ۽ صوبن ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ آهي، صوبائي حصو گهٽ نه ڪري سگهڻ واري آئيني پابندي ختم ڪئي وڃي، وفاقي حڪومت 67 سيڪڙو قومي خرچ برداشت ڪري ٿي پر اُن کي حصو 42 ڏهائي 5 سيڪڙو ملي رهيو آهي، بل ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي ته جيئن صوبن جو حصو طئه ڪرڻ وقت قومي مالياتي ڪميشن وفاق جي ضرورتن ۽ قرضن جو جائزو وٺي اين ايف سي ايوارڊ کي تبديل ڪري سگهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته ننڍن صوبن جي حصي سان ھميشا ناجائزي ٿيندي رھي آھي، وفاق جي اھڙي ھٺ ڌرمي سبب سنڌ ۾ احساس محرومي آھي جيڪا ھاڻي شدت تي وڃي سگھي ٿي، وحيد مستوئي لکيو ته اھو سڌي ريت سنڌ صوبي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ آھي، اھڙو فيصلو واپس ٿيڻ گھرجي. عبدالله جروار لکيو ته صوبن جو مالياتي حصو گهٽائڻ بهتر عمل نه آهي. اها ڪوشش صوبن ۽ وفاق وچ ۾ ويڇا وڌائيندي. زوهيب جيهو لکيو ته صوبن جو مالياتي حصو گھٽرائڻ واري بل پيش ڪرڻ سان يا بل پاس ڪرائڻ سان صوبن جي احساس محرومي ۾ اضافو ٿيندو ڇو جو صوبا ته پھرين ئي ماڪڙ ،ڪرونا، وسيلن جي صحيح نموني ورڇ توڙي ٻين مختلف معاملن بابت ڏکيائن کي منھن ڏئي رھيا آھن ان باوجود حصو گھٽائڻ سان وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي اھڙي صورتحال سان ملڪ معاشي توڙي انتظامي حوالي سان ڏکيائن کي منھن ڏئي سگھي ٿو. عبدالحئي ساوند لکيو ته متحده پاران صوبن جو مالياتي حصو گھٽائڻ وارو بل پيش ڪرڻ اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي اصل ۾ هي سموري گيم وفاقي سرڪار جي آھي جيڪا اهڙا تڪراري بل آڻڻ پئي چاهي پر سنڌ سميت ٻيا صوبا ان جي شديد مخالفت ڪندا، نوشاد خاصخيلي لکيو ته وفاق پاران اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي رقم گهٽائڻ ننڍن صوبن سان ناجائزي ۽ ناانصافي هوندي، روشن دين کوسو لکيو ته صوبن جي مالياتي حصو گهٽائڻ وارو سينٽ ۾ پيش ڪرڻ وارو عمل صوبن سان سراسر زيادتي وارو عمل آهي ڇو ته وفاق اڳ ئي صوبن سان زيادتي ڪري رهيو تيل، گيس، ڪوئلو، صوبن مان ٿو نڪري پر انهن شين تي سڀ کان پهرين حق وفاق جو ٿو ٿي وڃي، مهاوير واسو لکيو ته متحده پاران صوبن جو مالياتي حصو گهٽ ڪرائڻ واري ڪوشش سراسر زيادتي آهي، وفاق اڳ ئي صوبن سان ظلم ڪري رهيو آهي،شنڪر باغي لکيو ته سينٽ ۾ بل پيش ڪندڙ ڌر کي توهان ڪيئن ٿا سمجهو ۽ انهن جي ڏور جنهن جي هٿ ۾ آھي تنهن کي سڄڻ نٿا سمجهون، وقاص ياسين لکيو ته تمام غلط عمل آهي صوبن جو حصو گهٽائڻ نه گهرجي، سليم اختر لکيو ته جڏهن صوبائي حڪومتون وفاق جي لاءِ ٽيڪس گڏ ڪرڻ کان انڪار ڪن پوءِ وفاق طرفان اھڙا نمونا سامهون آندا ويندا آهن، وقار ڏاهري لکيو ته وفاقي سرڪار جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي صوبن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، خادم رند لکيو ته اھڙو عمل بلڪل غلط ۽ ملڪي آئين کي تسليم نه ڪرڻ برابر آهي. عادل الاهي بخش لکيو ته صوبن سان زيادتي نه ٿيڻ گهرجي، تنوير جوڻيجو لکيو ته ھڪ دفعو ٻيھر ون يونٽ مڙهڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، بشير رضا مهر لکيو ته سراسر صوبن سان زيادتي آهي، عبدالرحمان ميمڻ لکيو ته وفاقي حڪومت جي اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو، ھن وقت صوبا ڪورونا جي ڪري مالي بحران جو شڪار آهن، صبغت الله رند لکيو ته اهو بل منظور ڪرڻ سنڌ سان ظلم برابر هوندو، رئوف عباسي لکيو ته وفاقي حڪومت جو احتساب ٿيڻ گهرجي، مسرور شر، پرويز حسين، علي فراز، محبتي مڪيش، آصف علي منگي، شاهجهان کوسو، سميع الله، لکيو ته صوبن جو حصو نه گهٽايو وڃي، هنن لکيو ته صوبن جو مالياتي حصو گهٽائڻ نا انصافي آهي، اهڙو عمل برداشت جوڳو ناهي، ثناءُالله بچاڻي، نجيب مولائي، گل حسن شر، ۽ ٻين پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *