تازا ترين
  • *ميرپورخاص: محمود آباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 27 ورھين جو فوت *ڄام ڏاتار واسي سرور شاھ ساهرن جي جي گھر گهمڻ آيو هو، موبائيل فون چارج ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳو *
  • *پني عاقل ۾ پ پ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهر جو گشت *فتاح سميجو پاران ڄام اڪرام ۽ سيف الله ڌاريجو خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪريون ٿا: جيالا*
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… عوام دوائن جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو: حڪومت مٿان سخت تنقيد

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت پاران دوائون مهانگيون ڪرڻ واري عمل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته دوائن جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪريون ٿا، حڪومت عوام کان جيئڻ جو حق به کسي رهي آهي، غريب ماڻهو هاڻي جان بچائڻ واريون دوائون به نه وٺي سگهندا، حڪومت دوائون مهانگيون ڪري عوام سان ظلم ڪيو آهي، فوري طور اهڙو فيصلو واپس ورتو وڃي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي نواز کوسو لکيو ته حڪومت دوائن جي قيمت وڌائڻ جو غلط فيصلو ڪيو آهي،اڳ ۾ غريب عوام ڪورونا وائرس جي ڪري بيروزگاري ۾ ماني ڳڀي لاءِ پريشان آھي، سرڪاري اسپتالن ۾ مفت دوائون به نٿيون ملن، حڪومت کي گهرجي ته دوائن جي قيمت تمام گهٽ ڪئي وڃي، جيڪڏهن توهان کان حڪومت نه پئي ھلي ته ٻئي ڪنهن جي حوالي ڪئي وڃي، لياقت علي لکيو ته موجوده حڪومت عوام کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، دوائون مهانگيون ٿيڻ سان بيمار غريب ماڻهو بستري تي ئي تڙپي تڙپي مري ويندو، حڪومت کي بيمارين جي سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻ گهرجي دوائون سستيون ڪيون وڃن، نجيب مولائي لکيو ته حڪومت تمام غلط فيصلو ڪيو آهي، عبدالفتاح بلوچ چيو ته دوائن جي اگهن ۾ واڌ واري عمل کي رد ڪريون ٿا، زاهد حسين لکيو ته حڪومتي نا اهلي آهي، عاقب نظاماڻي لکيو ته حڪومت غريب ماڻهن سان ظلم ڪيو آهي، قدير جمالي لکيو ته احتجاج ڪرڻ جي ضرورت آهي، سيد حسين شاهه ۽ عبدالله خواجه لکيو ته غريبن کان جيئن جو حق به کسيو پيو وڃي، غلام حسين شر لکيو ته اڳ به دوائن جون قيمتون وڌايون ويون هيون، نواز شريف ۽ آصف زرداري جي دور ۾ جيڪا دوا 80 رپيا ملندي هئي اها هاڻي 250 رپيا ملي ٿي، نصرالله راڄپر لکيو ته هي ظالم حڪومت آهي، شاهجهان کوسو لکيو ته دوائن جي قيمت ۾ واڌ جو فيصلو حڪومت جي ناڪامي جو ثبوت آهي، احمد شير لکيو ته دوائن جي قيمتن ۾ واڌ ڪري حڪومت غريب کان علاج جي سھولت کسڻ چاھي ٿي. شريف بلوچ لکيو ته حڪومت پاران دوائون مهانگيون ڪرڻ جو سپريم ڪورٽ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، عمران علي ملڪ لکيو ته اسان اهڙي تبديلي حڪومت کي رد ڪريون ٿا، علي حسن پنهور لکيو ته دوائون مهانگيون ڪرڻ غريب عوام جي قتل برابر قدم کنيو ويو آهي، علي فراز لکيو ته غريبن سان ظلم ڪيو ويو آهي، گلشير سومرو لکيو ته حڪومت نالي ڪا شيءِ ناهي، هر شيءِ مهانگي ڪئي وئي آهي، خادم گهراڻو لکيو ته دوائن جي قيمت وڌائڻ جو حڪومتي فيصلو غلط آهي غريب بخار جي دوا نٿو وٺي سگهي، امير علي چنا لکيو ته غريب دشمن فيصلو ڪيو ويو آهي، عبدالرحمان لکيو ته اھا حڪومت پنھنجي بجيٽ کان ھٽي رھي آھي بجيٽ ۾ حڪومت چيو ھو ڪا به شي مهانگي نه ڪئي ويندي، دوائون مهانگيون ڪرڻ بدران سستيون ڪرڻ گهرجن، خواجه صدام لکيو ته اڳ ۾ ئي پي ٽي آءِ سرڪار جي اچڻ سان مھانگھائي عروج تي آھي ويتر دوائون مھانگيون ڪري عوام مٿان مھانگائي جو بار وڌو ويو آھي اسان مطالبو ڪريون ٿا ته دوائون سستيون ڪيون وڃن، عاشق دايو لکيو ته حڪومت جي ڪنھن به اداري تي رٽ قائم نه آھي حڪومت ھر شعبي جيان صحت جي شعبي ۾ به ناڪام ٿي وئي آھي، دل جي بيماري جون دوائون ٻن مھينن اندر 200 سيڪڙو اضافو ٿيو آھي، محمد عرفان، ربنواز ناز لکيو ته دوائون مهانگيون ٿيڻ سبب انساني جانيون ضايع ٿي سگهن ٿيون، اياز پتافي لکيو ته اڳ ۾ دوائن جا اگهه ٻيڻ تي وڌايا ويا آھن ھاڻي وري اگهه وڌايو ويو آهي، دوائن جا اگهه گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي. اسماعيل لانگاهه لکيو هر شيءِ مهانگي ٿيندي پئي وڃي، حڪومت ظلم ڪيو آهي، مڪيش ڪمار، مهاوير واسو ۽ مهيش ڪمار لکيو ته دوائن جون قيمتون اڳ ئي تمام گهڻيون وڌيل آهن ويتر دوائون مهانگيون ڪري عوام سان ظلم ڪيو ويو آهي، عبدالرسول لکيو ته هن حڪومت عوام کي ڪوبه رليف ڪونه ڏنو آهي، اٽو مهانگو ٿي ويو آهي دوائون مهانگيون ڪيون ويون آهن، عبدالحئي ساوند لکيو ته جڏهن کان هي حڪومت آئي آهي عوام جو سک ئي کسجي ويو آهي، صبغت الله رند لکيو ته حڪومت انتهائي غلط فيصلو ڪيو آهي، دوائن جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪريون ٿا، نديم مهر لکيو ته تبديلي سرڪار کان ريليف جو مطالبو ڪريون ٿا، رحمت الله ميراڻي لکيو ته ھن حڪومت عوام کي مھانگائي کانسواءِ ٻيو ڏنو ڇا آھي؟ غريب ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، نوشاد خاصخيلي لکيو ته ملڪ ۾ دوائن سميت هر شيءِ جون قيمتون اڳ ۾ ئي آسمان تي پهتل آھن، ماجد سمون لکيو ته غريب ماڻهو ته هون به دوائون خريد ڪري سگهڻ جهڙو ناهي، پر هاڻي هي غريبن کي وڌيڪ خوار ڪري مارڻ چاهين ٿا، سارنگ منير سومرو لکيو ته ملڪ ۾ هڪ طرف مافيا عوام کي لٽي پئي ٻئي طرف حڪمران اهڙا مهانگائي جا طوفان پرپا ڪري عوام کي لٽي رهيا آهن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *