تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… سنڌ جا مڪاني ادارا مدو پورو ڪري ويا عوام جا اهنج ختم نه ٿيا: سهولتون اڻ لڀ رهيون: سوال سروي

سنڌ جي مڪاني ادارن ۾ يونين ڪاميٽين جو مدو ختم ٿي چڪو آهي هاڻ يونين ڪاميٽين ۾ ڪائونسلر ۽ چيئرمين نه پر حڪومتن جا مقرر ڪيل ايڊمنسٽريٽر ڪم ڪندا. چئن سالن کانپوءِ عوام کان مڪاني ادارن جي ڪارڪردگي بابت راءِ گهري وئي ان لاءِ پنهنجي اخبار جي فيس بڪ پيج تي سوال ڪيو ويو ته مڪاني نمائندن جو مدو پورو،ڪارڪردگي ڪيئن رهي ؟ 470 ماڻهن ان سوال کي پسند ڪيو جڏهن ته 215 ماڻهن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو عوام جي اجتماعي راءِ هئي ته مڪاني ادارا عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، ڪو به ڪم نه ٿي سگهيو ڪيترن ئي ماڻهن نمائندن تي فنڊ هڙپ ڪرڻ جا الزام پڻ هنيا. ان باري ۾ محرابپور مان محسن ملاح چيو ته محرابپور ۾ مڪاني نمائندن شهر اندر هڪ روپئي جو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو هر ماھ پوڻا ٻه ڪروڙ رپيا بجيٽ هئڻ باوجود شهر اندر ڪا بهتري نه آئي آهي. ماضي جو خوبصورت شهر کنڊرن ۾ تبديل ٿي ويو آهي شهر اندر مڪاني نمائندن جي ڪارگردگي زيرو رهي. ٿرپارڪر ضلعي جي شهر چيلهار مان محمد خان لکيو ته هتان جي چيئرمين انتقامي ڪارروائين ۽ پنهنجا نوازي کان بغير هڪ ڪم به نه ڪيو شھر گندگي جي ور چڙھيل آهي ڪو ڪڇڻ لاء تيار ناهي. محمد عالم پالاري نوري آباد مان لکيو ته ڪوھستان جي مختلف علائقن نوري آباد، ڪلوکوھر، سري، لوياڇ، ڪارو جبل سميت ڀرپاسي علائقن ۾ عوام کي ڪو رليف مليو ھڪ به ترقياتي منصوبو نه مليو اڄ به ڪوھستان ۾ عوام بنيادي سھولتن کان محروم آهي. مهتاب نبي شر پير وسڻ مان لکيو ته ٽائون ٽنڊو مير علي توڙي يوسي کرڙاھ جي سموري بجيٽ ھڙپ ٿي وئي، چونڊجڻ کانپوءِ چيئرمين صاحبان پنھنجا موبائل نمبر ئي تبديل ڪري ڇڏيا. سردار عبدالعزيز کوسو شهدادپور مان لکيوت ته شھدادپور جا مسئلا مڪاتي کاتي جي چونڊيل ڪامورن کان اڳ به ساڳيا هئا ته مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ به ساڳيا ئي آهن، شھر جي مسئلن ۾ گھٽتائي اچڻ بدران وڌيا آهن، هتي هميشه وانگر پنھنجا نوازي ۽ جيالا نوازي تحت جيالن جون گهٽيون ته پيور بلاڪ ۽ ٽف ٽائيلن سان ٺاهيون ويون پر عام شھرين جون گھٽيون جيئن جو تيئن آهن. عبدالرزاق نندواڻي لکيو ته اسان جي تڪ NA197 ۾ ته ٽڪي جو ڪم ڪونه ٿيو.قمبر کان بلاول نثار ٻرڙو لکيو ته مڪاني ادارن جي نمائندن جي ڪارڪردگي ڪا خاص ناهي رهي ميمبرن پنهنجا پيٽ ڀريا آهن. بابو ظفر خاصخيلي ٽنڊو جان محمد مان لکيو ته ٽائون ڪاميٽي جو درجو رکندڙ شھر جو چئرمين مير خدا بخش ٽالپر آھي ٽائون ڪاميٽي ۾ ترقياتي ڪم ته ٿيا پر ان ۾ ڪرپشن واضع نظر آئي شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ اڄ به آھي ٽائون عملي ۾ صفائي واري عملي ۾ جا حق ماري وائيٽ ڪالر ڀرتي ٿيل آھن. ڪائونسلر پنهجن عزيز کي نوازڻ ۾ پورا هئا. آفتاب ڪيريو ڀرياروڊ مان چيو ته ڀرياروڊ شھر جي حالت اڳي کان بـ بدتر رھي سڄو مال چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين حصو پتي ڪري کائي ويا ڊريننج پڪي گھٽين نالين ايسيتائين جو نلڪن جا پئسا بـ ھڙپ ڪري ويا. محمد امين ڏيپلائِي چيو ته ميرپورخاص ڊويزن ۾ رڳو مٺي شهر جي ميونسپل ڪميٽي جو ڪم نظر آيو. عارف راهي چيو ته مڪاني چونڊون فضول آهن اهي ادارا رڳو ايڊمنسٽريٽر وسيلي هلايا وڃن. وارهه مان نجيب سنڌي لکيو ته مڪاني ادارن جي نمائندن جي ڪارڪردگي سڀ کان خراب رهي جيڪو حشر وارهه ۽ آسپاس جي ڳوٺن جو ٿيو آهي ان جو حساب رڳو خدا ڪندو. عامر علي تيوڻو چيو ته مڪاني ادارا سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي ميهڙ ميونسپل ڪميٽي 15 سالن ۾ ميهڙ شھر ۾ هڪ به روڊ ناهي ٺهرايو آھي سنڌ ۾ مڪاني ادارا جي اليڪشن ڪرائي رڳو ميونسپل ڪاميٽن جي بجيٽ ڀوتارن جي اوطاق ته خرچ ڪئي وئي آھي عوام جو پئسو فضول وڃائي وئي آھي تلهار مان مير عبدالسلام چيو ته نمائندا اسان غريب ماڻهن کي دلاسا ڏئي ووٽ وٺي وري ظاهر ئي نه ٿيا ۽ ڪو به ڪم نه ٿي سگهيو آهي. جيڪب آباد مان عبدالغفار ابڙو لکيو ته تمام بهترين ڪارڪردگي رهي، جيڪب آباد ۾ ته روڊ رستان ۽ پاڻي جون سهولتون دستياب آهن. بجلي ناهي ويندي، اسپتال اسڪول ۾ عملو وقت تي ايندو آهي صفا زبردست. غور سان پڙهڻ جي مهرباني مذاق ڪريان پيو دوستو حال تمام گندو آهي جيڪب آباد جو. نديم خان ڏهر لکيو ته مڪاني نمائندن کي جيڪو ڀي ملیو سڀ کائی ویا.
ارباب علي سيد چيو ته ادا هر ڪنهن کي ڪارڪردگي ياد هوندي باقي ٻن ڏينهن ۾ سڀ وساري ويهندا. الهڏنو راهمون سجاول کان لکيو ته شرم ناڪ ڪارڪردگي رهي، ڀوتارچيئرمين مڪاني ادارن کي ذاتي ملڪيت سمجھي ڪک پتي مان ڪروڙن جا مالڪ ٿي ويا. محمد خان رند چيو ته یوسی بھلاڻی جی ڪارڪردگی بلڪل زیرو رھی آھی. سامارو کان نديم جان چيو ته بهترين ڪارڪردگي رهي. عبدالله جروار چيو ته مڪاني ادارن جي ڪارڪردگي مطمئن ڪندڙ نه رهي. ٿورو گهڻو من پسند ماڻهن جو ڪم ٿيو. باقي خير ٿيو. نه خبر پئي بجيٽ ڪيتري رليز ٿي ۽ نه ئي خرچ جو ڪو ليکو چوکو ٿيو. مجموعي طور مڪاني ادارا عوام کي اهو رليف نه ڏئي سگهيا جيڪو ملڻ گهرجي ها. حاجي علي حسن پنهورچيو ته دادو شھر ۽ان جي ٽوٽل يوسين جي ڪرڪردگي زيرو رھي دادو شھر جا روڊ رستا اچي ڏسو منھنجي يوسي پپري آھي جنھن جو چيئرمين اسان ڪڏھن ڏٺو بہ ناھي ٿورو ڪجھه جيڪڏھن سامان ڏنو اٿن سوبہ پنھنجي ماڻھن کي. ضمير حسين چيو ته ڪرپشن کانسواءِ ڪجهه به نه ٿيو آهي. مورو واسي نظير لانگاهه چيو ته مڪاني نظام عذاب بڻيل رهيو. راجا خان جتوئي چيو ته ڪارڪردگي سٺي نه رهي. لعل چند چانواڻي چيو ته تعلقه سنڌڙي ۾ ترقياتي بجيٽ ڪم کان وڌيڪ خوشامدي چمچن ته خرچ ٿي آهي. چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ کانپو ائين گم ٿيا مدوپوروٿيڻ کانپو به نظر نه پيا اچن. محمد صديقي چيو ته ننگر پارڪر ۾ ڪوبه ڪم ڪونه ٿيو باقي الله جي ڪرم سان ويچارا پنھنجو مدو پورو ڪري ويا ڪا به تڪليف ڪونه ٿي گرمي سردي سر تي وسائي ھليا ويا مرحومن کي الله جنت الفردوس ۾ جڳھ ڏي. محمد اسماعلي لانگاهه ڇيو ته ڪاري وارا ڪک رهيا ڪُجھ ڪون بدليو بدلي ته بس نمائندن جي قسمت جيڪي ڪک پتي مان لک پتي بڻيا عوام کي آسرن ۾ پنج سالن تائين سڪايو ويو.عمران پٺاڻ لکيو ته گهوٽڪي جو ڊرينيج سسٽم ناڪاره، صفائي جي ڪا به نگراني ناهي۔ ڪافي نالين ۾ گاهه ڦٽي آيا آهن۔ افسوس جو حڪومت نالي ماتر آهي۔
نويد نواز سومرو لکيو ته ڳوٺ سليمان سومري ۾ مڪاني نظام جي حوالي سان چونڊيل نمائندن جي ڪارگردي جو ڪو بھ کڙ تيل نه نڪري سگهيو. محمد بچل شر ۽ نجيب الرحمان شر چيو ته ٺري ميرواهه کي ته صفا کائي ويا اھي نمائندا. شھر ۾ گند جا ڍير لڳل آهن روڊ رستن ۾ ايترا کڏا پئجي ويا جو مورچا ھڻي ويھجي. تعلقي جي هر يوسي ۾ زيرو ڪم ٿيو ايتري تائين جو نئين ٺهندڙ يوسي سانيسو جون آفيسون به چيئرمين پنهنجي اوطاق ۾ کولي سڀ بجيٽ کائي ويو. ڀريا روڊ کان تسليم احمد ميمڻ به مڪاني ادارن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو. الطاف حسين رند مبارڪ رند ڇاڇرو مان لکيو ته مڪاني کاتي جو ڪجهه علائيقن ۾ ڪم ضرور نظر آيو پر اهو به وڏيرن جي گهرن ۽ اوطاقن تي نظر آيو. ظفر حسين رند مقصودو رند مان لکيو ته اسان جي يوسي لنڊو تعلقو شھدادپور يوسي چيئرمين جي طرفان چند نلڪن جي سواء ڪو به ترقياتي ڪم نظر نه پيو اچي. ضلع ڪائونسل ميمبر جي طرفان ڪجه ترقياتي ڪم ٿيا آھن باقي خير آ. محمد حسن چيو ته پير ڳوٺ جي چونڊيل مڪاني نمائندن ڪوبه ڪم نه ڪيو واويلا تمام گهڻي ڪيائون ڪم هڪ رپئي جو به نه ڪيائون پير ڳوٺ جا چونڊيل مڪاني نمائندا ڪوڙا ۽ ڪرپٽ حڪمران نڪتا جن ڪو به ڪم نه ڪيو. ديدار بلوچ ڇيو ته شڪارپور ۾ مڪاني کاتي جي ڪارڪردگي اٽي ۾ لوڻ برابر آهي عوام کي ڪو خاص لاڀ نه مليو باقي هاڻي ايندڙ اليڪشن جي تياري ۾ لڳا پيا آهن. گهوٽڪي واسي زاهد گل گبول چيو ته صرف تباهي کان سواء ڪجهه به ناهي ڪيو ويو.
نجيب علي دراني چيو ته مڪاني ادارن سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي ميهڙ ميونسپل ڪميٽي 15 سالن ۾ ميهڙ شھر ۾ هڪ به روڊ ناهي ڪرايو آھي سنڌ ۾ مڪاني ادارا جي اليڪشن ڪرائي رڳو ميونسپل ڪاميٽن جي بجيٽ ڀوتارن جي اوطاق ته خرچ ڪئي وئي آھي عوام جو پئسو فضول وڃائي وئي آھي. راشد مراد چانڊيو چيو ته ڪنب شھر ۾ مڪاني نمائندن شهر اندر خاص ترقياتي ڪم نه ڪرايا هر ماھ ھڪ ڪروڙ رپيا بجيٽ هئڻ باوجود شهر اندر چئن سالن دوران چيئرمين نالي ماتر به ترقياتي ڪم نه ڪرايو جنهن سبب ماضي جو خوبصورت شهر کنڊر ۾ تبديل ٿي ويو آهي شهر اندر مڪاني نمائندن جي ڪارگردگي زيرو رهي آهي محمد موسيٰ لغاري چيو ته ڪارڪردگي آهي جيڪا ٻڌائجي؟ سوال ئي غلط آهي (معذرت سان عرض) شاهد ارشاد چيو ته شڪارپور ۾ تمام بھترين رھيو ڪم؟ اشرف حسين جي راءِ هئي ته ڪنڊيارو ۾ سيد سرفراز شاه اسان کي ٿو چوي ته توهان منهنجا ووٽر ناهيو توهان جو ڪو به ڪم نه ٿيندو اهي انجا لفظ روبرو چيل آهن مون کي خود. ممتاز علي سميجو چيوته جتي جنهن به پارٽي جو جيترو اثر رسوخ هيو انهن اتي پنهنجا چئيرمين چونڊارئي خوب ڪمايو، مظلوم عوام سان فوٽو سيشن ڪرايو.فاروق منگي چيو ته ڇٽي جند اسانجي يوسي سنڌي ٻٽڙا تعلقو خيرپور ناٿن شاھ ضلعو دادو جي واحد يوسي آ جنھن جي سڄي بجيٽ اڪائونٽ ۾ پئي پئي رات نيٺ ايڪسپائر ٿي وئي ٽڪو به خرچ نه ٿيو۔ان چيئرمين ۽ ڊسٽرڪٽ ڪانئوسل ميمبر سان ڪھڙي ڪاروائي ٿيڻ کپي انجو فيصلو ڪير ڪندو.
حافظ بڇل سومرو چيو ته در اصل مڪاني نمائندا صرف شھر تائين محدود آهن ٻهراڙين جي علائقن ۾ صورتحال ڪھڙي آھي، رمضان ٻارڻ چيو ته جنهن کان جيترو پهتو سڀني پنهنجو وارو وچايو ڪنهن به گهٽ ڪون سڀني پنهنجا پيٽ ڀريا انهن کي خبر هئي وري وارو ڪونه ملندو. وقار حسين عباسي لکيو ته اسان جي يوسي بھلاڻي تعلقو محراب پور جي نمائندن جي ڪارڪردگي زيرو رهي. اسد لنڊ چيو ته سڪرنڊ شھر ۾ شرمناڪ ڪارڪردگي رهي. اختر حسين چانڊيو ڇيو ته ڳوٺ علي مراد چانڊيو ۾ به ڪوترقياتي ڪم نه ٿيو آهي. محرم قادر بلوچ چيو ته بلڪل زيرو برابر ڪم ٿيا. شريف بلوچ چيو ته ڪارڪردگي زيرو رھي. طالب حسين چانڊيو چيو ته ضلع قمبر شهدادڪوٽ تعلقو وارھ ۾ چونڊيل نمائندن ٽڪي جو به ڪم نه ڪرايو ڪروڙين رپين جي بجيٽ ڪوڙن بلن ٺاھڻ ۾ پوري ڪري ويا.پٿوري کان مصطفيٰ نهڙيو لکيو ته ٻن ٽائون ڪميٽز ۽ اٺ يونين ڪائونسلز تي مشتمل تعلقو پٿورو ۾ تعلقي جي ھيڊڪواٽر يعني ٽائون ڪميٽي پٿورو ۾ صفائي سٿرائي ۽ ترقياتي ڪم ٿورا گھڻا ٿيا باقي ٽائون ڪميٽي شادي پلي مختلف مسئلن جو شڪار رهي. واحد لاشاري چيو ته اسان جي يوسي خيرواھ تعلقومــورو يوسي چيئرمين جي طرفان چند نلڪن کان سواء ڪو به ترقياتي ڪم نظر نه پيو اچي. ضلع ڪائونسل ميمبر جي طرفان ڪجه ترقياتي ڪم نه ٿيا آھن باقي خيرواھ يوسي جي بجلي ستن سالن کان ڪٽيل آهي ۽ ڪيترائي روڊ تباه آهن سنھري فارم کان شھرقمرالدين چانڊيو ۽ انھن جي آسپاس علائقي جا روڊ رستا تباھ آهن تڪ جا چونڊيل کٽيل عارف مصطفى جتوئي پي ايس 36 ھارايل ضياء الحسن لنجار يوسي خيرواھ جو عوام انهن کي ياد نه آهي. وقار احمد، منور زرداري، ذوالفقار علي چانڊيو، سائن منصور مشوري، علي حسن جمالي، بهرام علي لنڊ، شڪارپور تعلقي جي يونين ڪائونسل سلطان ڪوٽ جي چيئرمين آغا بشير احمد خان پٺاڻ چيو آهي تہ مون سلطان ڪوٽ يونين ڪائونسل جي چيئرمين شپ سنڀالڻ کان پوء سلطان ڪوٽ ۽ يو سي جي ڳوٺن دوست واهہ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ اتان جي ماڻهن جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. اعجاز علي، سجاد علي حاجاڻو، غلام حسين ڀٽي پراڻا جتوئي، چتر سنگهه راٺوڙ، عبدالغفار سڌايو، عبدالغفور، خادم رند، مغفور احمد چانڊيو، نذيراحمد ميمڻ، نذاڪت بهلڪاڻي، محمد راشد، خان محمد بنگلاڻي، ذوالفقار باگڙي، ذوالفقار کوسوگلاب لغاري، منتظر عباس وسطڙو، گل حسن کوسو، مبارڪ بجير، ميرحسن شر، رجب رحمي چيلهار، رياض ڪولاچي، اياز احمد پتافي، اياز ڦلپوٽو، شعيب حسين ويسر، منظور علي، پرڪاش ڪمار، پير نوناري، ذوالقرنين لنڊ، فياض نوتڪاڻي، وزيرعلي چانگ، ممتاز علي ٻٻر، جوڻيجو رسول بخش، غلام حيدر حيدري ڪنڊيارو، آفتاب سولنگي ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۽ ٻين به پنهجي راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *