تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… سنڌي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جي مخالفت ”تعصب“ قرار: متحده ۽ جماعت اسلامي ۾ فرق ناهي، سنڌ ورهائڻ جي سازش برداشت نه ڪئي ويندي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ سنڌي ايڊمنسٽريٽر مقرر جي مخالفت ڪئي پئي وڃي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ سنڌي ايڊمنسٽريٽرن جي مخالفت تعصب آهي، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي ساڳئي سوچ آهي، سنڌ سنڌين جي آهي جتي سنڌي آفيسر مقرر نه ٿيندا ته باقي پوءِ ڪٿان جا ٿيندا؟ ڪراچي سنڌ جو حصو آهي، سنڌ کي ٽوڙڻ واري سازش ڪڏهن به قبول نه ڪئي ويندي. ان کانسواءِ سوشل ميڊيا تي پڻ جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم جي بيانن تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌي ۽ بلوچي ڳالهائيندڙ آفيسرن جي ايڊمنسٽريٽر طور مقرري تي اعتراض واري ڇڏيا آهن. حافظ نعيم الرحمان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ايڊمنسٽريٽرن جي لسٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ مادري ٻولي جو خانو به شامل ڪيو ويو آهي. هن لکيو آهي ته ڪراچي ضلعي اوڀر جي ڊي سي محمد علي شاهه، اولهه جي سليم الله ابڙو، ڏکڻ جي ارشاد سوڍر، سينٽرل جي ڊاڪٽر محمد بخش ڌاريجو، ڪورنگي جي شهريار ميمڻ جي مادري ٻولي سنڌي آهي، ملير جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (اي ڊي سي ون) زين العابدين ميراڻي، ڪي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر افتخار احمد شالواڻي ۽ حيدرآباد جي ايڊمنسٽريٽر انيس احمد دستي جي مادري ٻولي سنڌي ۽ بلوچي آهي. هن چيو ته لساني بنيادن تي مقرريون پ پ جو اصل چهرو ۽ ڪراچي دشمني ظاهر ڪن ٿا ، ڇا اهو به پ پ، ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ جي مفاهمتي عمل جو حصو آهي، ڪراچي سان ڪهڙو کيل کيڏيو پيو وڃي؟ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي ڊويزن جي امير حافظ نعيم الرحمان “حقوق ڪراچي” تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان کان اڳ ايم ڪيو ايم پاڪستان مڪاني ادارن جي ايڊمنسٽريٽرن جي مقررين کي پيپلز پارٽي جو تعصب قرار ڏيندي هڪ ڀيرو ٻيهر نون صوبن جو مطالبو ڪيو هو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رابطا ڪاميٽي جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مُلڪ جي خوشحالي ڪراچي سان لاڳاپيل آهي. سنڌ ۾لسانيت جي بنياد تي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا ويا آهن، ڪراچي،حيدرآباد،سکر ۽ لاڙڪاڻي جا ايڊمنسٽريٽر مقامي هجڻ گھرجن، وفاقي سرڪار لساني بنيادن تي مقرر ڪيل ايڊمنسٽريٽرن کي ڪيئن قبول ڪيو؟ هن چيو ته صوبي کي به ضلعن وانگر آبادي جي بنياد تي ورهايو وڃي. ڊيلي پنهنجي اخبار پاران سوال / سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته مخالفت اھي پيا ڪن جن سياست ھميشا نسل پرستي جي سھاري ڪئي آهي، عطاءُالرحمان لکيو ته حق ۽ سچ جي مخالفت دشمني هوندي آهي، وزيراعليٰ سنڌ پنهنجي فيصلن تي عمل ڪرائي ۽ لساني نفرت پکيڙڻ جو نوٽيس وٺي.هزار خان لکيو ته سنڌي ايڊمنسٽريٽرن جي مخالفت ڪرڻ سراسر سنڌ دشمني آهي ڪجهه شرپسند ڪراچي کي سنڌ ۽ سنڌ کي ڪراچي کان ڌار ڪرڻ گھرن ٿا پر اهڙي خواهش ڪڏهن پوري نه ٿيندي، يار محمد هوت لکيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ايڊمنسٽريٽرمقرر ڪرڻ جي مخالفت ڪندڙ پارٽين کي به الڳ صوبو مطالبن ڪندڙن جهڙو سمجهون ٿا، خادم گهراڻو لکيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جي مخالفت حسد کان سواءِ ڪجھه نه آهي اها مخالفت سنڌين مٿان ڌاريا مسلط ڪرڻ لاءِ آھي، ڪراچي سنڌ آهي ان کي ٽوڙڻ جي لاءِ سنڌي جي مخالفت ڪن ٿا پهريون حق سنڌين جو آهي، مزمل قادري لکيو ته ڪراچي سنڌ آھي ۽ رھندي،سنڌي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جي مخالفت سنڌين سان تعصب آھي،اردو ڳالهائڻ وارا پڻ سنڌ جا مستقل رهاڪو آھن پر سنڌي جي مخالفت ڪرڻ بھتر عمل ناھي، شنڪر باغي لکيو ته جڏھن ڪراچي سنڌ آھي ته ظاهر آھي ته ان جو ايڊمنسٽريٽر به سنڌي ئي هوندو، جيڪڏھن سنڌي ڪنهن کي نٿا وڻن ته ڀلين جيڏانهن وڃڻو آھي اوڏانهن وڃن، جيڪڏھن لاهور جو ايڊمنسٽريٽر پنجابي ٿئي ٿو ته ان جو حق آھي ٿيڻ کپي اسين سنڌ ۾ رهندڙن کي سنڌي سمجهون ٿا اهي جيڪڏھن پاڻ کي سنڌي نٿا سمجهن ته بيشڪ وڃي سگهن ٿا، محبتي مڪيش جيپال لکيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آھي ۽ سنڌ جي گادي جو ھنڌ آھي ايڊمنسٽريشن به سنڌي ھوندي، زبير احمد لکيو ته جيئن ته ڪراچي سنڌ جو حصو آهي مان نه ٿو سمجهان ته ڪنهن کي ڪراچي ۾ سنڌي ايڊمنسٽريٽرمقرر ڪرڻ جي مخالفت ڪرڻ گهرجي اسين ڪراچي ۾ رهندڙ ٻين ٻولين ڳالهائڻ وارن تي ڪڏهن به اعتراض نه ڪيو آهي جنهن جو مثال گورنر سنڌ آهي جيڪو سنڌي نه آهي، راجا حيدر ٿيٻو لکيو ته سياسي بيان بازي ۽ مقامي سياست چمڪائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي، علي احمد نهڙيو لکيو ته انهن کي اصل ۾ سنڌي قوم سان نفرت آهي، راجا بشير رضا لکيو ته تعصب پرستي کانسواءِ ڪجهه ناهي پر ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ سنڌين جي ئي رهندي، سردار غوث بخش ملڪ لکيو ته سياست چمڪائڻ لاءِ اهڙا بيان ڏئي رهيا آهن، الله ڏنو راهمون لکيو ته تعصب جا عالمي رڪارڊ ڪراچي ۾ انهن ٺاهيا آهن، ايڊووڪيٽ احمد نواز لکيو ته انهن جي سوچ غلط آهي، ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌي ان جا وارث آهن سنڌي ڳالهائيندڙ ايڊمنسٽريٽر جو مقرر ٿيڻ تي واويلا ڪرڻ بي بنياد آهي اهو رڳو تعصب آهي. علي گل دايو لکيو ته سنڌ جو وارث سنڌي آهي، ايڊمنسٽريٽر به سنڌي لڳندو پر هنن سدائين سنڌ وارن کي نفرت جي نگاهه سان ڏٺو آهي، سمير احمد لکيو ته ڪراچي سنڌين جي آهي، سليم نظاماڻي لکيو ته سنڌ ۾ سنڌي ايڊمنسٽريٽر نه ٿيندو باقي ڪٿان جو ٿيندو؟ سڪندر بلوچ لکيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ايڊمنسٽريٽر جي مقرري جي مخالفت ڪندڙن ھميشه سنڌين کي نفرت جي نگاھ سان ڏٺو آھي انھن پھريان به ڪراچي ۾ سنڌي پوليس آفيسرن جي مقرري تي واويلا مچائي ھئي اھا تعصب پرستي واري سوچ وڏو نقصان رسائي سگھي ٿي. جي ڪي مشوري لکيو ته ڪو به مسئلو نه آهي، عابد لاشاري لکيو ته اصل ۾ هنن کي سنڌي ڏٺي نٿا وڻن ان ڪري اجائي واويلا ڪن ٿا سنڌ جو وارث سنڌي آهي ته پوءِ ايڊمنسٽريٽر به سنڌي لڳندو ان کانسواءِ عمران علي، راسو مل، عاقب نظاماڻي، عابد فراز، گل حسن شر ۽ ٻين پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. هوڏانهن ستار زنگيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايم ڪيو ايم ته ٺهيو پر جماعت اسلامي کي به سنڌين مان تڪليف آهي، جنهن تي حفيظ ڪنڀر لکيو ته هئا اڳ ئي گڏ پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا، آصف ملڪ لکيو ته ايم ڪيو ايم اقتدار ۾ اچڻ بعد ڪڏهن ڪڏهن سنڌ جي ڳالهه ڪندي آهي پر هي ته سدائين ساڳيا رهيا آهن، عنايت الله شيخ لکيو ته اهي اڳ به سنڌين سان ڪراچي ۾ وڙهيا هئا. شيراز گل لکيو ته ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي ڌار ناهن، رياض احمد سبزوئي لکيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن سان به تعصب رکندا آهن، جاويد مهر لکيو ته جماعت اسلامي شروع کان ئي لساني سوچ رکي ٿي ان ڪري ايم ڪيو ايم ٺهڻ بعد جماعت اسلامي جا ماڻهو ايم ڪيو ايم ۾ ويا هئا، انور حفيظ لکيو ته جماعت اسلامي ڪڏهن به سنڌ دوست ناهي رهي. خليل انصاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ميرٽ مطابق جيئن پنجاب ۾ اتان جي ڪمشنرن کي ايڊمنسٽريٽر جي چارج ڏني وئي تيئن سنڌ ۾ سنڌين کي ڏني وئي، جماعت اسلامي کي رڳو سنڌ ۾ نظر آيو ته اهي سنڌي آهن. سنڌي تعليم حاصل ڪري ڪميشن جا امتحان پاس ڪري نوڪرين سان لڳا آهن انهي بنياد تي انهن کي اختيار مليا آهن، اهي به پنهنجي ڌرتي تي جتي نوڪري ڪرڻ جو حق آهي ته هنن کي تڪليف پهتي آهي. جنهن تي نصير ميمڻ ڪمينٽ ڪندي لکيو ته ايم ڪيو ايم ۽ اهي سڀ هڪ ئي آهن، سنڌين جي معاملي ۾ هي شخص اهڙو ئي نڪتو آهي جهڙا اهي بنگالين لاءِ هئا. گل ميتلو لکيو ته سنڌ ۾ سنڌي آفيسر مقرر نه ٿيندا، ته ڀلا وڃي ٽنمبڪٽو ۾ ٿيندا ڇا؟ اها ته جاچ ڪيو ته جماعت اسلامي ۾ حافظ نعيم الرحمان ڪنهن جي نمائندگي ڪري ٿو. پي ٽي آئي يا ايم ڪيو ايم جي ڪنهن ڌڙي جي؟. مير مختيار ٽالپر لکيو ته ڪراچي ۾ ٻاهران کان آباد ٿيل سمورن ماڻهن جي سوچ ساڳئي آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *