تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… سرڪاري خريداري ۾ کربين رپين جي ڪرپشن جي اعتراف مان ثابت ٿي ويو ته وفاقي حڪومت ڪرپشن روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي: عوام

وفاقي حڪومت پاران مختلف شين جي سرڪاري خريداري ۾ کربين رپين جي ڪرپشن جو اعتراف ڪيو ويو آهي جڏهن ته اڪائونٽنٽ جنرل آفيسر جي اثاثن جي جاچ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي ان حوالي سان ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت پاران سرڪاري خريداري ۾ کربين رپين جي ڪرپشن جي اعتراف ڪرڻ کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ته اھڙي اعتراف مان ثابت ٿي ويو ته پي ٽي آءِ سرڪار وڏين دعوائن باوجود ملڪ مان ڪرپشن گهٽائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آھي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي فراز ۽ وحيد مستوئي لکيو ته وفاقي حڪومت ڪرپشن لڪائڻ ٿي ڇاهي، جيڪڏهن اهڙي طرح ڪم ٿيو ته عوام جو نقصان ٿيندو، رائو ايوب لکيو ته هن ملڪ ۾ ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته ڪجهه ماڻهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن، اختر حسين لکيو ته کنڊ ۽ پيٽرول کانپوءِ حڪومت جو اهو وڏو اسڪينڊل سامهون آيو آهي، اعجاز گشڪوري لکيو ته انهي مان اهو ثابت ٿي ٿو ته حڪومت ڪا به هجي منشور هڪ ئي هوندو آهي بس عوام کي بيوقوف ڪرڻ، اصل ۾ اسان وٽ سڄو نظام ئي ڪرپشن جي بيماري ۾ مبتلا آهي، سرمد عباسي لکيو ته کنڊ اسڪينڊل ۽ پيٽرول بحران واري معاملي وانگر هن معاملي ۾ به لڳي ٿو ته ڪجهه نه ٿيندو، شنڪر باغي لکيو ته اسين سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ ڪرپشن بابت ٿيندڙ ملاکڙو ٿا سمجهون، اشوڪ سمراٺ لکيو ته هن حڪومت ايندي شرط ئي ڪرپشن شروع ڪري ڇڏي هئي،نوشاد خاصخيلي لکيو ته وفاقي حڪومت پاران سرڪاري خريداري ۾ کربين روپين جي انڪشاف مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته عمران سرڪار به ڪرپشن ۾ اڳين حڪومتن کان ھرگز گهٽ ڪونهي، گل حسن شر لکيو ته حڪومت ناڪام ۽ ڪرپٽ ٿي وئي آهي، بحران مٿان بحران سامهون اچي رهيو آهي، اسد ناز بادلاڻي لکيو ته ٻين تي الزام ھڻندڙ پنھنجي چوري کي لڪائڻ لاءِ عوام اڳيان سياسي بيان بازي ڪري اعتراف جو ڊرامو رچائي رهيا آهن. جيڪڏھن وفاقي حڪومت ايتري کري ۽ سچي آھي ته انھن ذميوارن جا نالا به نيب حوالي ڪري ۽ زميوارن کي گرفتار ڪرائي قوم جو لٽل پيسو واپس ڪرائي. قدير جمالي لکيو ته حالتون خراب ٿيون لڳن، عبدالحفيظ تنيو لکيو ته رڳو لٽمار لڳي پئي آهي، خادم رند لکيو ته اھڙي اعتراف مان ثابت ٿي ويو ته پي ٽي آءِ سرڪار وڏين دعوائن باوجود ملڪ مان ڪرپشن گهٽائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آھي. مظفر بوزدار لکيو ته سياستدانن جي لاءِ اگر قانون هجي ته انهن کي ڪرپشن تي سخت سزائون ملڻ گهرجن، عبدالخالق لکيو ته ڪرپشن اهڙي وبا بڻجي وئي آھي جنهن مان پي ٽي آءِ حڪومت ڪڏھن به جان نٿي ڇڏائي سگهي، ويتر سرڪار جي ڪارگردگي ڏاڍو مايوس ڪيو آھي، عمران شر لکيو ته هاڻي حڪومت کي گهرجي ته کربين جي ڪريپشن جو انڪشاف ڪيو آهي ته بهتر ڳالهه آهي ته حڪومت ڪجهه ڪري ۽ ڪاموران خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، گلزار درس لکيو ته ھر دور ۾ سرڪاري خزاني کي لٽيو ويو آھي ڪرپشن جي اڏوھي ملڪ کي کائي ڇڏيو آهي. ارشد حسين لغاري لکيو ته ڪرپشن وائکي ٿي آهي، مڪيش ڪمار ۽ شاهجهان کوسو لکيو ته ڪوبه ادارو ڪرپشن کان پاڪ ناهي، عمران خان جي حڪومت جو منشور ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ آهي پر سندس ڪابينا مان ڪرپشن ظاهر پئي ٿئي. مسرور شر لکيو ته ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.محمد حسين لکيو ته ٻين حڪومتن جي ڪرپشن تي رڙيون ڪرڻ وارا صرف 22 مهينن جي حڪومت ۾ ڪرپشن جا سڀ رڪاڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. گلشير سومرو لکيو ته نيب کي ايڪشن وٺڻ گھرجي، محرم خاصخيلي لکيو ته سڀ ادارا ڪرپشن حوالي آهن، صبغت الله رند لکيو ته سرڪار پنهنجي ڪرپشن لڪائي رهي آهي، راجا حيدر ٿيٻو لکيو ته مطلب بيڊ گورنس آھي، ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪري عوام کي ريليف فراھم ڪيو وڃي، عاقب نظاماڻي لکيو ته وفاقي حڪومت هر شيءِ ۾ ڪرپشن ڪئي آهي، ڪرم الله انڙ ۽ ذوالفقار کوکر پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، ظفر رند لکيو ته دراصل اهو سڀ ڪجهه پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي ڪنهن کان استعيفيٰ ورتي پئي وڃِ ته ڪنهن جا وري اثاثا چيڪ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو پيو وڃي اصل ۾ ٿيندو ڪجهه به نه. شربت جعفري لکيو ته ٻين پارٽين تي الزام لڳائيندڙ پنھنجي چوري کي لڪائڻ لاءِ عوام اڳيان سياسي بيان ڪري اعتراف جو ڊرامو ڪري رهيا آهن، سليم اختر لکيو ته اھا اڃان تصديق ٿيل ڳالهه ناهي، ان کانسواءِ الطاف حسين، عزيز الله شر، مجاهد علي برفت،، بجار خان جعفري ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *