تازا ترين
  • *دادو بار جي وڪيلن پاران ڪيميڪل مليل کير جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو *وڪيلن ڪيميڪل مليل کير جو وڪرو بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو *انتظاميه جي ملي ڀڳت سان کير ۾ صرف ۽ شيمپو ملهايا وڃن ٿا جنهن سان گڙدا ۽ ڦڦڙ ختم ٿين ٿا: وڪيل*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ انٽري ٽيسٽ وارو معاملو *انٽري ٽيسٽ صوبو وٺندو يا وفاق، معاملو حل نه ٿي سگهيو *سنڌ جي صحت کاتي، وفاق ۽ پي ايم سي پاران جواب جمع ڪرايو ويو *عدالت 28 آڪٽوبر تي پي ايم سي جي قيام بابت وڪيلن جا دليل طلب ڪري ورتا*
  • *سيٺارجا: ڳوٺ نانگو دفتري ۾ باهه لڳڻ سبب مغيري برادري جا ڪيترائي گهر سڙي رک *اطلاع باوجود فاربرگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ڪنگري جي ڪچي ۾ لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پوليس جو آپريشن، 6ڌاڙيل مارجي ويا *مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ ربنواز عرف ربو ناريجو، وحيد رند، اقبال ناريجو، ارباب ناريجو ۽ پٺاڻ عرف پٺو ناريجو شامل *مارجي ويل ڌاڙيل اقبال ناريجو ۽ ٻين مٿان 10-10لک رپيا انعام رکيل هو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو *مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان راڪيٽ لانچرز، مشين گنز ۽ ٻيا جديد هٿيار هٿ: پوليس *آپريشن دوران ڌاڙيلن جي20 کان وڌيڪ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو: پوليس *
  • * فشر مين ڪو آپريٽيوسوسائيٽي جي اڳوڻي چيئرمين خلاف غير قانوني ڀرتين وارو ريفرنس *نثار مورائي خلاف ريفرنس آخري مرحلي ۾ آهي: نيب پراسڪيوٽر *ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن: احتساب عدالت جو حڪم*
  • *ڪراچي: اسپارڪو روڊ تي اسڪول جي سڪيورٽي گارڊ جو لاش هٿ *گارڊ ڊيوٽي دوران پنهنجي ئي هٿيار سان اتفاقي گولي لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي: پوليس*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس سبب معطل ٿيل بائيو ميٽرڪ سسٽم بحال *چيف جسٽس اطهر امن الله جي هدايت تي ڊپٽي رجسٽرار سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو *درخواست داخل ڪرڻ وقت سائلن کي بائيو ميٽرڪ بيان حلفي جي تصديق ضروري هوندي *چيف جسٽس ڪورونا سبب بائيو ميٽرڪ بيان حلفي تصديق کي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو*
  • *اسلام آباد: راڻي باغ جانورن جي مرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي *عدالت رڇن جي پرڏيهه منتقلي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي *اين او سي جاري ٿيڻ بعد رڇن کي پرڏيهه منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي: ڊپٽي اٽارني جنرل *هڪ رڇ کي اردن ۽ ٻئي کي بلغاريه منتقل ڪيو ويندو: درخواستگذار جو وڪيل*
  • *گهوٽڪي: پنجاب واسڻ فنڪارا عليشاهه تي بااثرن پاران مبينا تيزاب هارڻ جي ڪوشش وارو مامرو *گهوٽڪي: رحيميار خان پوليس وڏيري امان الله ڪلوڙ بعد هارون ڪلوڙ کي به گرفتار ڪري ورتو *دوستي نه رکڻ تي امان الله، هارون ۽ تپيدار ارشاد ڪلوڙ تيزاب هارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويس: عليشاهه*
  • *ڊکڻ ويجهو هفتو اڳ قتل ٿيل عبداللطيف ککراڻي جي وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو *ڳوٺ شير خان ککراڻي واسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت نبي شاهه بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو، ٽائرن کي باهيون *هفتو گذرڻ باوجود عبداللطيف ککراڻي جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين*
  • *هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪرائيندڙ محمود اختر نقوي خلاف آئيني درخواست *محمود اختر نقوي سبب ادارن ۽ عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي: درخواستگذار *محمود اختر نقوي نه وڪيل آهي ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر آهي: درخواستگذار*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف ڪرپشن وارو ڪيس *اعجاز جکراڻي جي فرنٽ مين غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل نه منتقل ڪرڻ خلاف اپيل *عدالت نيب کان جواب طلب ڪري ورتو *غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل منتقل ڪرڻ بدران جيڪب آباد ۾ رکيو ويو آهي: درخواست*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ميرپورخاص: عمرڪوٽ روڊ تي حادثي ۾ زخمي ٿيل شخص فوت *رات دير سان ڪار جي ٽڪر ۾ نامعلوم شخص زخمي ٿي پيو هو، لاش سول اسپتال ۾ پيل*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… دوائون مهانگيون ڪرڻ تي عوام ناراِض، حڪومت کان فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت زندگي بچائڻ واريون 94 دوائون مهانگيون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن دوائن جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته دوائن جي اگهن ۾ واڌ غريب ماڻهن سان ظلم آهي، غريب ماڻهو اڳ ئي مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي، اهو ايتريون مهانگيون دوائون ڪٿان وٺي سگهندو؟ دوائون مهانگيون ٿيڻ ڪري جاني نقصان به ٿي سگهي ٿو تنهن ڪري حڪومت دوائن جا اگهه گهٽ ڪري، سوال / سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مسرور کهڙو لکيو ته حڪومت غربت نه پر غريب ختم ڪرڻ لاءِ دوائون مھانگيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي، فدا لکيو ته اھڙا عمل ٿيندا رهن ته جيئن ظلمن کي ڏسي عوام جون اکيون کلن، جهانزيب لکيو ته جتي زندگي جي ڪا قيمت نه هجي ته اتي زندگي جي دوائن جي قيمت ڇا هوندي؟ جاويد هڪڙو لکيو ته دوائن جي اگهن ۾ واڌ عوام سان ظلم آهي، ماڻهن کان جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي. يارمحمد هوت لکيو ته بنا ڪجھه سوچڻ ۽ سمجهڻ جي اهڙو فيصلو ڪرڻ جو نتيجو انتهائي خراب نڪرندو، عوام اڳ ئي مهانگائي کي ڀوڳي رهيو آهي، مٿان هي دائون مهانگيون ڪري ويتر عوام سان ظلم ڪيو ويو آهي. ذوکاقرنين لنڊ لکيو ته هونئن ئي هن ملڪ ۾ هڪ پورهيت لاءِ جيئڻ ڪهڙو سولو آهي؟ هر حڪومت بُک، بيروزگاري، مهانگائي، جهالت ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڪجھه به ناهي ڪيو، نياز محمد خواجه لکيو ته لڳي ايئن ٿو ته حڪمرانن جي اها سوچ آهي ته کاڌ خوراڪ جون شيون مھانگيون ڪرڻ سان بک وگهي عوام نه مئو، بيماري وگهي دوا نه ملڻ سان عوام پاڻ ئي مرندو، زاهد بلوچ لکيو ته تمام وڏو ظلم آهي عوام دشمن پاليسي آهي اها حڪومت جي نااهلي آهي، عاشق حسين لکيو ته 94 دوائن جا ريٽ وڌائڻ عام ماڻھن سان ظلم آھي روزانو مارڪيٽ ۾ نوان ريٽ مقرر ٿين ٿا، ڪاري ڪامڻ، دل ،ھڏن جون دوائون حد کان وڌيڪ مھانگيون ملن ٿيون، عطاءُالرحمان لاکو لکيو ته اهو فيصلو غريب ماڻهن کي تڙپائي تڙپائي مارڻ جي مترادف آهي. حڪومت پاران ڪورونا واري وبا جي دوران ِ صحت جون سهولتون وڌيڪ ڏيڻ بدران ويتر دوائن جا اگهه وڌائڻ سراسر عوام دشمن فيصلو آهي. هزار خان لکيو ته دوائون مهانگيون ڪرڻ وڏو ظلم آهي، زوهيب جيهو لکيو ته عام طور تي چيو ويندو آھي ته حياتي بچائڻ واريون دوائون مھانگيون ڪرڻ وارو حڪومتي فيصلو انسان دشمن فيصلو آھي، غوث بخش ملڪ لکيو ته حڪومت جي عوام دشمن پاليسي آھي، رشيد مگسي لکيو ته دوائون مهانگيون ڪرڻ انتهائي غلط ۽ شرمناڪ فيصلو آهي، غريبن کان جيئڻ جو حق کسيو ويو آهي، ظفر رند لکيو ته دوائون مهانگيون ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کي اسان رد ٿا ڪريون، اهو قوم سان ظلم آھي، پرويز حسين لکيو ته حڪومت جي اهڙي پاليسين تي افسوس آهي، وفاقي حڪومت کي گهرجي ته عوام کي رليف ڏئي، سليم اختر لکيو ته حڪومت کي انهيَ عمل تي نظرثاني ڪرڻ کپي، علي حيدر چانگ لکيو ته اسان وٽ اٽي وٺڻ جا پئسا ناهن ۽ حڪمرانن دوا مھانگي ڪري ڇڏي آهي، اهو وڏو ظلم آهي، محمد نواز شر لکيو ته اسان ان کي غريبن مزدورن جي موت وارو فيصلو سمجهون ٿا، محبتي مڪيش لکيو ته اھا حڪومت جي نااھلي آهي، مرتضيٰ چانڊيو لکيو ته عوام دشمن پاليسي تحت حڪومت مهانگائي پئي ڪري، هڪ مزدور جيڪو ڪمائي ئي ٿورڙا پئسا ٿو اهو پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ اٽو وٺي يا مهانگيون دوائون وٺي؟ اياز پتافي لکيو ته تبديلي حڪومت ٻن سالن ۾ مهانگائي کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي، عبدالستار شر لکيو ته ملڪي عوام ووٽ جو غلط استعمال ڪيو جنهن جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي، ذاڪر احمد لکيو ته ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته حڪومت غريب عوام کي ختم ڪرڻ جو سوچي ڇڏيو آهي ان ڪري زندگيون بچائڻ واريون دوائون مهانگيون ڪيون پيون وڃن. زوهيب نظام تمراڻي لکيو ته حڪومت جي انهي فيصلي کي عوام رد ڪري ٿو، شايد حڪومت جاني نقصان ڪرائڻ ٿي چاهي حڪومت کي اھي زندگي بچائڻ واريون دوائون مهانگيون ڪرڻ بجاءِ سستيون ڪرڻ گھرجن، حڪومت جو اھو فيصلو انساني جانين جو قاتل فيصلو آهي حڪومت کي اھو فيصلو واپس وٺڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته غريب عوام بخار جي دوا وٺڻ لاءِ به پريشان آهي، سينگار علي لکيو ته غريب عوام سان وڏي ناانصافي ڪئي وئي آهي، دوائن جا اگهه گهٽ ڪيا وڃن، فضل بلوچ لکيو ته حڪومت اهو سٺو فيصلو ڪيو آهي، ان کانسواءِ شنڪر باغي، نوشاد خاصخيلي، عطاءُالرحمان، مهاوير واسو، غلام ڪبريا، برڪت مبيجو، مهيش پرمار، فرمان چانڊيو، رفيق جوڻيجو، راسومل، موهن راهم، خيرمحمد ڇٽو، نجيب سنڌي، خادم حسين راڄپر، مسرور شر، اسامه بلوچ، آفتاب سهتو، اسد عباس، نذير بلوچ، اسلم پتافي، حافظ عيدل ڪنڀر، شهزاد ٿهيم، قيصر علي ۽ ٻين پڻ دوائن جي اگهن ۾ واڌ واري فيصلي کي رد ڪيو ۽ چيو ته حڪومت کي زندگيون بچائڻ واريون دوائون سستيون ڪرڻ گهرجن ها اڳ ئي عوام هڪ رپئي جي گوري لاءِ به پريشان رهي ٿو، سرڪاري اسپتالن ۾ به مفت دوائون نٿيون ملن، مزدور ماڻهو پنهنجي ٻارن جو پيٽ پالڻ لاءِ به پريشان هجي ٿو اهو ايتريون مهانگيون دوائون ڪٿان وٺي سگهندو؟ حڪومت پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ۽ دوائن جا اگهه گهٽ ڪيا وڃن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *