تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… حڪومت ڪڻڪ بحران جي ذميوار قرار: اٽو 15 رپيا مهانگو ملي رهيو آهي: عوام جون دانهون

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪڻڪ جو بحران ٿي ويو آهي، اٽو به مهانگو ٿي ويو آهي ان حوالي سان اوهان جي شهر ۾ ڇا صورتحال آهي جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڪڻڪ جو هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آهي، اٽو 10 کان 15 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي ۽ 50 رپين کان 60 رپين تائين في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، ان سڄي معاملي جي حڪومت ذميوار آهي. سوال/سروي جي سلسلي ۾ شيئر پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالحئي ساوند لکيو ته گهوٽڪي ۾ ته هاڻي سان ئي ڪڻڪ اڻلڀ ٿي وئي آھي، 1400 روپين ۾ مڻ واري ڪڻڪ 2000 روپين ۾ مڻ پئي ملي، سرڪار جي ناقص ڪارگردگي ۽ ڪڻڪ جي ٻين صوبن ۽ ٻاهرين ملڪن غير قانوني منتقلي سبب هن سال ڪڻڪ جو وڏو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آھي، سرڪار وقت تي اکيون نه کوليون ته ماڻھون بک مرندا، مهاوير واسو لکيو ته مٺي ۾ ساڳئي صورتحال آهي، ڪڻڪ بحران هٿ سان پيدا ڪيو ويو آهي، نديم مهر لکيو ته سنڌ ۾ اٽي کوٽ واري صورتحال ھر شھر ۾ برقرار آهي، اٽو مهانگو ٿي ويو آهي، مسعود عالم پيرزادو لکيو ته ڄاڻي واڻي بحران پيدا ڪياوڃن ٿا اٽو قاسم آباد ۾ ١٠ ڪلو اٽو ۵۵٠ ملي پيو جھڙا حال آھن اڃان مھانگو ٿيندو، مڪيش ڪمار لکيو ته نئون ڪوٽ م اٽو2050رپيا مڻ وڪرو ٿي رھيو آهي، ذوالفقار کوسو لکيو ته گلاب لغاري شھر ۾ ملاوٽ وارو اٽو ملي ٿو، هي فلور ملز وارن جو ڪو به هڪ ريٽ نه آھي ڪڏهن 2100 روپيا مڻ ته ڪڏھن 2400 روپيا مڻ اٽو وڪرو ٿي رهيو آھي، عامر علي تيوڻو لکيو ته ڪڻڪ جي بحران جي زميوار سنڌ حڪومت آھي ڊپٽي ڪمشنر سميت ڪير به پنهجي ڪم سان سچو ناهي، اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو ريٽ 4800 رپيا ٿي ويو آھي ، نوشاد خاصخيلي لکيو ته اها سڄي چڱائي سنڌ حڪومت جي آھي جو ڪڻڪ لهڻ وقت نه وقت تي بارداڻو ڏئي نه ٽائيم تي آبادگارن کان مقرر ريٽ تي خريد ڪري ٿي جنهن ڪري مسڪين ماڻهو اٽي وٺڻ لاءِ پريشان آھن لاکا روڊ ۾ به اٽو مهانگو ٿي ويو آهي، علي فراز لکيو ته اسان وٽ ٺٽ ڳوراهو ۾ 60 رپيا ڪلو اٽو وڪرو ٿي رهيو آهي، مظفر بوزدار لکيو ته خبر نٿي پوي ته حڪومت ڪري ڇا پئي، مهنگائي ۽ بيروزگاري سبب ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، عبدالرحمان ميمڻ لکيو ته ھن واري چڪين وارن ڪڻڪ وڏي مقدار ۾ ورتي آھي ھاڻ روز اٽي جي قيمت ۾ واڌ ٿي رھي آھي جي اھا ئي حالت رھي ته جنوري 2021 ۾ اٽو 80 رپيا ڪلو ملندو، مزمل جان لکيو ته اسان وٽ بلڙي شاھه ڪريم سموري تعلقي ۾ اٽي جو اگهه في ڪلو 52 کان 55 روپيه آهي، عابد علي مري لکيو ته اٽو مهانگو ٿي ويو آهي، گلشير سومرو لکيو ته دريا خان مري ۾ ڪڻڪ في ٻوري 45 سو روپيا وڪرو ٿي رھي آھي، حفيظ پلهه لکيو ته دريا خان مري شھر ۾ اٽو ھڪ ڪلو 50 روپيا وڪرو ٿي رھيو آھي، غلام رضا چنا لکيو ته اسان جي شھر ۾ اٽي جو وڏو بحران آھي ۽ غريب عوام مھانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آھي، سميع الرحمان لکيو ته اسان وٽ صورتحال ڏاڍي خراب آهي اٽو ھاڻي 50 رپيا ڪلو ملي ٿو ، وقاص ياسين لکيو ته حڪومت کي گهرجي ته فوري طور تي بحران ختم ڪري، ديدار بلوچ لکيو ته شڪارپور ضلعي ۾ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي، علي اصغر لکيو ته ضلعي بدين ۾ اٽي جو في ڪٽو ، 39 ڪلو 2050 رپيا وڪرو ٿي رهيو آهي. ايڊووڪيٽ احمد نواز لکيو ته حڪومت جي ناڪارا پاليسي سبب ڪڻڪ جو هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آهي، بادل پتافي لکيو ته اٽو مهانگو ملي رهيو آهي، لال محمد رند لکيو ته اسان وٽ اٽو 60 روپيا ڪلو آھي اهو به نه ملي رهيو آهي، محمد اڪرم لکيو ته اوٻاوڙي ۾ ڪڻڪ في مڻ 1900 کان 2000 اگهه هلي رهيو آهي، رسومل لکيو ته سنڌ ۾ اٽو جو بحران خاص طور تي ٿر جي هر ڳوٺ ۾ آهي، اظهر امر، اياز پتافي لکيو ته دادلغاري م به ساڳيو حال آھي، جابر مهيسر لکيو ته سجاول جوڻيجو ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ ڪري عوام پريشان آهي، خادم گهراڻو لکيو ته اسان جي نصرپور شھر ۾ اٽو ملي ٿو پر مهانگو آهي، مهراڻ ميگهواڙ لکيو ته تعلقي سنڌڙي ۾ به اٽو 55 کان 60 رپيا وڪرو ٿي رهيو آهي ڪير نوٽيس وٺڻ وارو ناهي؟. ان کانسواءِ هادي بخش ڪورائي، اسماعيل لانگاهه، غفور جروار، عبدالحڪيم لغاري، ذوالقرنين لنڊ، اصغر حسين، سردار غوث بخش ملڪ، نجيب مولائي، علي اڪبر، وحيد، شريف بلوچ، شاهجهان کوسو، زوهيب جيهو ۽ ٻين پڻ را ءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

One Response to سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… حڪومت ڪڻڪ بحران جي ذميوار قرار: اٽو 15 رپيا مهانگو ملي رهيو آهي: عوام جون دانهون

  1. غلام رحيم جوڻيجو مٺي says:

    مٺي شھر ۾ اٽو 2000 کان مٿي وڪامڻ لڳو عوام پريشان غريبن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *