تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

سوال/سروي …. نيٺ ٿيندو ڇا ؟… حڪومت کان بيزار عوام متحده مسلم ليگ ٺهڻ کان اڳ ئي ان مان به مايوسي جو اظهار ڪري ڇڏيو

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ن ليگ پاران موجوده سياسي صورتحال ۾ متحده مسلم ليگ ٺاهڻ وارين ڪوششن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته نئين متده مسلم ليگ ٺاهڻ وارين ڪوششن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عمران خان کي مائنس ڪري حڪومت انهن حوالي ڪرڻ جو امڪان هوندو، باقي ماضي ۾ به اهڙا اتحاد ٺهندا رهيا آهن، ماضي ۾ ليگي گروپن ۾ اتحاد جون ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن، ن ليگ جيڪڏهن ف ۽ ق ليگ سان گڏجي نئين متحده مسلم ليگ ٺاهي ٿي ته ان جو عوام کي فائدو ٿيندي نظر نٿو اچي، نئين متحده مسلم ليگ ٺاهڻ جي ڪوششن مان لڳي ٿو ته ڪا تبديلي اچي سگهي ٿي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي زاهد هنڱورو لکيو ته هر پارٽي جا پنهنجا مفاد آھن مسلم ليگ ف ۽ مسلم ليگ ق ته پي ٽي آءِ سان گڏ اتحاد ۾ شامل آھن، اهو ناممڪن ٿو نظر اچي ته اهي مسلم ليگ ن سان اتحاد ڪندا جيڪڏهن اتحاد ڪيو ته حڪومت ڪري پوندي. هزار خان لکيو ته اڳ ۾ به ڪيئي مسلم ليگ ٺھيون آھن ۽ ڊھيون آھن تنهن ڪري ھي اتحاد به خاص وقت نه ھلي سگھندو، محمد ارشاد لکيو ته متحده مسلم ليگ ٺاهڻ جو مقصد نواز ليگ واري مسلم ليگ کي سدائين لاءِ ختم ڪرڻ آهي، نديم مهر لکيو ته جيڪي پارٽيون پاڪستان اندر ڪم ڪن ٿيون منهنجي خيال ۾ اھي ايتريون ڪمزور آهن جو وري گڏجي سڏجي نئون گروپ جوڙيو پيو وڃي جيڪو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويـندو ايم حسن کوسو لکيو ته پاڪستان ۾ ھن وقت جيڪي سياست ھلي پئي سا سڀني جي سامھون آھي رھي ڳالهه (مسلم ليگ ن) ۾ فاورڊ بلاڪ متحد مسلم ليگ ٺاھڻ جو مقصد جو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي پارٽيون ٺھيون آھن ڇا انھن جو ڪو رد عمل ڇا آيو جيڪا پارٽي ٺھي ٿي سان پنھنجي مقصد پنھنجي اتحادي خوش ڪرڻ لاءِ۽ پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ ئي هوندي آهي، زوار شاهه لکيو ته اهڙو ڪجهه ڪونه ٿيندو، عبدالمالڪ لاشاري لکيو ته وقت جو زيان آهي عوام هاڻي سڄاڳ ٿي چڪو آهي هنن جي هيرا ڦيري کي خوب سمجهي ٿو، محمد آچر درس لکيو ته ساڳيا چھرا آهن، محرم قادر لکيو ته اها هڪ ڊرامي بازي آهي صرف پي ٽي آئي کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ اهو ڊرامو ڪيو پيو وڃي، عوام جي ڪنهن کي به پرواهه ناهي، عاشق دايو لکيو ته ھميشه وچ حڪومت دوران متحده مسلم ليگ جو شوشو اٿندو آھي پر ٺھندو نه آھي صرف اعلان ڪيا ويندا آھن، علي گوهرسومرو لکيو ته سٺو سنئوڻ آھي پر عوام کي ڪجهه به ڪونه ملندو، ضياالدين هنڱورجو لکيو ته مسلم ليگ ن جا ڪجهه ايم اين اي پڻ پي ٽي آءِ سان رابطي ۾ آهن، شاهجهان کوسو لکيو ته ماضي قريب ۾ اهي پارٽيون گڏ ٿيندي ته نظر نٿيون اچن جيڪڏهن ايئن ٿيو ته بهتر ٿيندو، علي حسن لکيو ته پهرين پارٽين جا حال اهي آهن جو عوام کي فائدو ناهن ڏئي سگهيون هاڻ به پنهنجي مفادن لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن، خادم رند لکيو ته اھڙيون ڪوششون جيڪڏهن عوامي ڀلائيءَ واري ايجنڊا ھيٺ ڪجن ته مثبت چئبيون پر ماضيءَ ۾ مسلم ليگ جي مختلف ڌڙن کي پاڻ ۾ گڏائڻ وارن تجربن عوام کي فائدا ناهن ڏنا، احسان اسد شر لکيو ته پھريان ڪهڙو انهن چڱايون ڪيون آهن جو هاڻي گڏ ٿي ڪندا. مظفر ملاح لکيو ته سڀني کي پنهنجو پيٽ ۾سور آھي سڀ پنهنجي مفاد لاء ٿا گڏ ٿين، بشير رضا لکيو ته جيڪڏهن عوامي مفادن خاطر متحده مسلم ليگ ٺاهي وڃي ٿي ته بھتر آهي، وفاقي حڪومت مان عوام بيزار ٿي چڪو آهي، محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته بهتر آهي پاڪستان ۽جمهوريت جي مضبوطي لاءِ هڪ مضبوط سياسي پارٽي جو قيام اچڻ گهرجي، مير حسن مري لکيو ته نوازشريف جي ھوندي مسلم ليگ متحد نه ٿي سگهندي. نوازشريف کي جيڪڏهن شھباز شريف ان ڳالهه تي راضي ڪري ورتو آهي ته ھاڻ ھو ڌيءَ سميت آرام ڪري ته پوءِ مسلم ليگ متحد ٿي سگهي ٿي. غضنفر سولنگي لکيو ته پارٽين جا پنهنجا مقصد هوندا آھن مسلم ليگ ف ۽ مسلم ليگ ق کي ملائي هڪ اتحاد ٺهڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، رحمت الله ميراڻي لکيو ته سڀ پارٽيون گڏجي ھڪ ٿي عوام جي مفاد خاطر نئي پارٽي ٺاهن. عامر تيوڻو لکيو ته متحده مسلم ليگ ٺھڻ سان عوام کي ڪوبه فائدو نه ٿيندو رڳو سياسي بيان ڏيندا، ساگر بروهي لکيو ته آزاديءَ کان اڄ تائين عوام سڀني ليگين کي ڏسي ويٺو آهي، عرض محمد پيرزادو لکيو ته نئين مسلم ليگ ٺھي به سگهي ٿي ملڪ جون حالتون ٻڌائين ٿيون ته عمران خان ئي مائنس ڪري ساڳئي حڪومت نئين پارٽي حوالي ڪندا، نديم بهراڻي لکيو ته سياست ۾ مفاد سڀ کان عزيز ھوندا آھن ۽ ھن وقت نواز ليگ جي ڀلائي انھي ۾ آهي ته ڪو اھڙو الائنس ٺھي جيڪو ن ليگ ۽ سندس مفادن جو تحفظ ڪري، نوشاد خاصخيلي لکيو ته موجوده صورتحال ۾ مخالف ڌر پاران متحده مسلم ليگ جي نالي سان الائنس ٺاهڻ يقينن حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ لاءِ هڪ ڇرڪائيندڙ خبر ھوندي، يار محمد مڱريو لکيو ته متحده مسلم ليگ ٺاهڻ ۾ انهن کي ناڪامي نصيب ٿيندي، رفيق ملاح لکيو ته جيڪڏهن عوام جي ڀلائي لاءِ متحده مسلم ليگ جڙي رهي آهي ته پوءِ ٺيڪ آهي نه ته حالتون ساڳيون ئي هونديون، محسن ملاح لکيو ته اهڙا اتحاد پيا جڙن جنهن مان به پاڪستاني عوام اڳ ئي مايوس ٿيو ويٺو آهي هن وقت نئين ۽ نوجوان قيادت جي ضرورت آهي جيڪا ملڪ کي بهتر نموني هلائي سگهي. ان کانسواءِ بيربل ڪمار، اختر مهر، عاقب نظاماڻي، سارم اسدالله،م علي رضا، خان بلوچ، ميهر علي، خادم گهراڻو، رسول بخش، ديدار بلوچ، گلشير سومرو، مڪيش ڪمار، احمد خان، شهاب الدين صوفي، جاويد احمد، مهاوير واسو، محمد عرفان، علي فراز، احمد خا ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *