تازا ترين
  • *ڪراچي:احتساب عدالت قومي ناڻي کي 3 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ بابت ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو *احتساب عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مختيار ڪار سوڌو سمورن جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي *جوابدارن ۾ مختيار ڪار محمد سالڪ، عبدالعزيز، شاهد، واحد بخش، زمان، شاهد رضا شاهه ۽ لال محمد شامل *جوابدارن تي ملير ضلعي ۾ سرڪاريزمينن تي غير قانوني الاٽمينٽ جو الزام آهي:نيب*
  • *ڏوڪري ويجهو ناري مبينا طوراغوا ٿي وئي، وارثن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج *ڳوٺ جکرا واسين جو 18ورهين جي نوشاد عرف ريما چنو جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو *جوابدار رانجهن منگي ناري کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو، پوليس ڪارروائي نٿي ڪري: مظاهرين*
  • *بهاولنگر: سي ٽي ڊي جي عارف والا روڊ تي ڪارروائي، دهشتگرد گرفتار *ڪارروائي دوران العاعده سان تعلق رکندڙ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو: سي ٽي ڊي *دهشتگرد جي قبضي مان مختلف قسم جو خطرناڪ مواد هٿ ڪيو ويو: سي ٽي ڊي*
  • *سکر: سپيڪو جي ڊائريڪٽر فنانس پاران بجلي چوري ڪرڻ جو انڪشاف *ڊائريڪٽر فنانس سيپڪو جي بنگلي جي بجلي ورھين کان ڊائريڪٽ ھلڻ جو انڪشاف *امداد ميراڻي جي بنگلي ۽ اوطاق ۾ ڊائريڪٽ ڪنيڪشن لڳل ھئا: ڇاپا مار ٽيم جو انچارج *سيپڪو چيف جي هدايتن تي ڇاپا مار ٽيم جي گهوٽڪي ويجهو بجلي چوري خلاف ڪارروائي*
  • *آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ترڪي جي دفاع واري وزير جي ملاقات: آءِ ايس پي آر *ترڪ دفاع واري وزير علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي: آءِ ايس پي آر *ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي شراڪت داري ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي: آرمي چيف*
  • *لاهور: ايس ايس پي سيد جنيد ارشد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس *عدالت جوابدار جنيد ارشد کي وڌيڪ 10 نومبر تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو *جنيد ارشد تي عهدي جو ناجائز استعمال ڪرڻ جو الزام آهي: نيب*
  • *ڪراچي ۾ 5 هزار گيلن کان وڌيڪ پاڻي کڻندڙ واٽر ٽينڪرز تي شهر ۾ داخلا تي پابندي *ڊِي آءِ جي ٽريفڪ ملير، ڪورنگي، ايسٽ، ويسٽ جي ايس ايس پيز کي خط لکي ڇڏيو *شهر ۾ صرف 5 هزار گيلن پاڻي کڻي ويندڙ ٽينڪرز کي اجازت هوندي: ڊي آءِ جي*وڌيڪ وزن کڻندڙ ٽينڪرز حادثن جو سبب بڻجندا آهن: ڊي آءِ جي ٽريفڪ*
  • *همايون شريف ويجهو نينگري پاران مبينا آپگهات وارو معاملو *ڳوٺ وڏا ڏئيا واسڻ 17ورهين جي نيلم ڏئيو جي مبينا آپگهات جو ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس ورتو *پوليس نينگري جي والد خلاف ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو *نينگري جي وارثن سندس موت کي آپگهات قرار ڏنو هو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد گلبهار ڏئيو فرار*
  • *دولتپور صفن ويجهو قومي شاهراهه تي پراڊو گاڏي جي ٽڪر ۾ واٽهڙو پيرسن فوت *جوکيا موڙ وٽ حادثي ۾ پيرسن چڻو ولد کيڏو خان ڀٽي فوت ٿي ويو، لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو *پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو*
  • *هنڱورجا ويجهو سڳيون لنڪ روڊ تي ڦر دوران مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ٿي وئي *مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ڳوٺ مٺو خشڪ واسي سليم ولد امداد خشڪ نالي سان ٿي: ايس ايڇ او هنڱورجا *
  • *سبي: مٺڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي مزده ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 9 مسافر زخمي *حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو*
  • *پشاور: پارا چنار جي علائقي شلوزان ۾ ٽن ڄڻن جو قتل، 6 جوابدار گرفتار *گذريل ڏينهن ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هئا : ڊي پي او*
  • *راجنپور ۾ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جي ڊيلرن خلاف آبادگارن جو احتجاج، گڏهه ڪاهي ريلي ڪڍي وئي *آبادگارن زراعت کاتي جي عملدارن جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… حڪومت مافيا جي ساٿاري قرار: دوائون ۽ ٻيون شيون مهانگيون ڪرڻ تي عوام ڪاوڙجي پيو

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت دوائن سميت کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ڪري ڇڏيون آهن ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن حڪومت مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت مافيا آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا، مافيا کي خوش ڪرڻ لاءِ دوائن جا اگهه وڌايا ويا آهن، اهو عمل غريب ماڻهن کان علاج جي سهولت کسڻ برابر آهي، غريب ماڻهو اڳ ئي هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهي ويتر حڪومت کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌائي انهن کان جيئڻ جو حق به کسي رهي آهي. عوام چيو ته حڪومت مهانگائي کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي، عوام مطالبو ڪيو ته حڪومت پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري ۽ کاڌي پيتي جي شين سميت دوائن جي قيمتن ۾ لاٿ آڻي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مظفر بلوچ لکيو ته خدا ڪو عوام جي جند ڇڏائي، نئين پاڪستان ۾ عوام ويلو کائڻ لاءِ پريشان آھي حڪومت ڏينهون ڏينهن مهانگائي وڌائي رهي آهي، اسان دوائن سميت کاڌي پيتي جي شين ۾ اضافي کي رد ڪريون ٿا، اظهار الحق لکيو ته حڪومت عوام کي لولي پوپ کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، مسڪين ماروئڙن کي ڏينھون ڏينھن خودڪشين طرف ڌڪيو پيو وڃي، صادق لاشاري لکيو ته حڪومت عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرايو آهي علاج به مهانگو ڪيو ويو آهي، جاويد احمد لکيو ته حڪومت جي ذميواري هوندي آهي ته هو پنهنجي ملڪ جي عوام لاءِ صحت جي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي پر هتي حڪومت علاج ئي مهانگو ڪري رهي آهي حڪومتي فيصلي سان عوام ۾ بچيني پکڙيل آھي، جهانزيب لکيو ته هن حڪومت ته سڀني جا رڪارڊ ٽوري ڇڏيا ۽ عوام کان جيئڻ جو حق کسيو آهي، وحيد ڄامڙو لکيو ته موجوده حڪومت عوام تي مھانگائي جو ايٽم بم ڪرايو آھي ملڪ ۾ مھانگائي روزانه جي بنياد تي وڌي ٿي دوائن سميت کاڌي پيتي جي شين ريٽ گھٽائڻ بدران وڌايا ويا آھن، عاشق حسين لکيو ته وفاقي حڪومت ھر شعبي ۾ ناڪام وئي آھي، ساڪيش ڪمار لکيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عوام کي مهانگائي سواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، ايوب شر لکيو ته حڪومت کي پنهجي عوام دشمن پالسي واپس وٺڻ گهرجي.اسلم آزاد سمون لکيو ته غريب ماڻھو اٽي ۽ لٽي کي نٿا پهچن دوائون اڳي ئي مهانگيون ويتر اگهه وڌايا آهن، شبير حسين لکيو ته حڪومت کي غريب ماڻھن جو ڪو احساس ئي ناهي، عبدالخالق لکيو ته ماڻھو قدرتي آفتن سبب اڳ ئي متاثر ٿيل آهن ويتر حڪومت انهن کان جيئڻ جو حق به کسي رهي آهي، کاڌي پيتي لاءِ پريشان ماڻهن لاءِ دوائون به مهانگيون ڪيون ويون آهن، رضا راڄپر لکيو ته وفاقي حڪومت غريب ماڻھن لاءِ هاڻي علاج به مهانگو ڪري ڇڏيو آھي، اسرار چانڊيو لکيو ته حڪومت عوام کي بکن ۾ پاھ ڪري وري مٿان دوائون مهانگيون ڪري عوام دشمني جو چٽو ثبوت ڏنو آهي، ڪاشف کوسو لکيو ته مهانگائي کان پوءِ غريب عوام ذهني مريض ٿي ويا آهن، قربان عالياڻي لکيو ته دوائون مهانگيون ڪرڻ مافيا جو ساٿ ڏيڻ برابر آھي افسوس هن ملڪ جي حڪمرانن کان مافيا مضبوط آھي، وفاقي حڪومت مافيا هٿان بليڪ ميل ڇو ٿي رهي آھي، عنايت بروهي لکيو ته اصل ۾ وفاق ۾ جيڪڏھن پ پ يا ن ليگ جي حڪومت ھجي ها ته ھر ظلم خلاف عوام روڊن تي ھجي ها پر افسوس ھر مھيني دوران عوام مٿان اهڙا مهانگائي جا بم ڪيرايا وڃن ٿا پر پوءِ به خاموشي آهي، ليلارام لکيو ته اها سراسر عوام سان ناانصافي آهي، ڪڏهن تيل، دوائن، کاڌي پيتي جي سامان جا هٿرادو اگهه وڌائي غريب ماڻهن کان ٻن ويلن جي ماني به کسي ورتي آهي. پرويز حسين ڀنڊ لکيو ته حڪومت غلط پاليسين تي هلي رهي آهي دوائون ۽ ٻيون شيون مهانگيون ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪريون ٿا، اعجاز سميجو لکيو ته عمران خان مان ماڻهن کي وڏيون اميدون هيون پر هن مايوس ڪيو آهي، مهراڻ مل ميگهواڙ لکيو ته افسوس حڪومت کاڌي جي شين کان پوءِ دوائون مھانگيون ڪري ماڻهن کي مرڻ تي مجبوري ڪري ڇڏيو آهي، فقيراڻو ڀنڀرو لکيو ته هن حڪومت مهانگائي ڪري غريبن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، حاجي غلام محمد لکيو ته هن حڪومت مهانگائي ڪري جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. نقاش علي لکيو ته حڪومت دوائن مهانگي ڪرڻ جو اهو جواز ٻڌايو آهي ته، جيڪي دوائون اڻلڀ ٿي ويون آهن اهي ظاهر ٿين. پر غريب لاءِ ته تڏهن به اڻلڀ هيون، تعمير حسين لکيو ته حڪومت طرفان ڪا اهڙي حڪمت عملي جوڙي عوام کي ريليف فراهم ڪيو وڃي. علي حيدر چانگ لکيو ته حڪومتي فيصلو افسوسناڪ آهي، انعام الله قاضي لکيو ته پي ٽي آئي حڪومت عوام دشمن حڪومت آھي عوام ھڪ ويلي جي ماني کائڻ لاء پريشان آھي ويتر هر ڏينھن مھانگائي جو بم عوام مٿان ڪيرايو وڃي ٿو، ان کانسواءِ نويد خاصخيلي، ديدار بلوچ، شفيق ڇٽو، عبدالحئي ساوند، فهيم علي، خاموش خليل، محمد علي ڪنڀر، هالار ياسين، رضا محمد شاهه، سليم اختر، عبداللطيف جوڻيجو، حبيب الرحمان راڄپر، ظفر رند، پارومل، حسين بخش ساند، محبوب ميمڻ، نوشاد خاصخيلي، جمال الدين چنا، فائق الدين چنا، شنڪر باغي، عبدالجبار چانگ، فيصل سڪندر علي، زوهيب نظام تمراڻي، اتاليق الزمان، سينگار علي مري، امير علي چنا، نذير قريشي، علي مراد چانگ، نعمت الله ساند، عبدالشڪور سومرو، عبدالخالق سومرو، عاقب نظاماڻي، برڪت علي مبيجو، رزاق ڍاٽي، امين ٿهيم، زوار فيصل علي، رانجهن پرمار، سارنگ منير، خادم گهراڻو، گل حسن شر، عطاءُالرحمان، عاشق بلوچ، جاويد هڪڙو، جاويد بلوچ، عبدالرحيم هڪڙو، فدا سنديلو، علي نواز کوسو، خان بلوچ، وحيد کوسو، علي رضا، حبيب الله جمالي، سليم نظاماڻي، محبتي مڪيش، ايم بي قادري، صادق ساند، ونود، خدمت لاشاري، غلام عباس، رياض ڪولاچي، صفدر چانڊيو، شهريار راجپوت، پنهل خاصخيلي، جرئت چانڊيو، فريد جروار، علي گل دايو ۽ ٻين پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.
دوائون مهانگيون ٿيڻ مان واضح ٿي ويو ته حڪومت عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿي رکي، عوام غربت ۽ مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي، حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، حڪومت کي هاڻي گهر ڀيڙو ٿيڻو پوندو. حنا رباني کر
حڪومت عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، تباهي سرڪار هر روز دوائن جي قيمتن ۾ اضافو ڪري رهي آهي، يوٽيلٽي اسٽورز تي به شيون مهانگيون ڪيون ويون آهن بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 62 پيسا في يونٽ اضافو به ڪيو آهي. شيري رحمان
ڪجهه وقت اڳ عمران خان ڪجهه دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيس ورتو هو ۽ قيمت گهٽ ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، نوٽيس جو فيصلو اهو ٿيو ته 94 دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جو اعلان ڪيو آهي، عمران بيمار لاءِ موت جو فرشتو ثابت ٿيو آهي. پرويز رشيد
وفاقي حڪومت دوائن جي قيمتن ۾ 262 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي، يقينن نالائقي، بدنيتي ۽ بدعنواني جي هڪ ڳري قيمت آهي جيڪا بدقسمتي سان عوام روزانو بنياد تي ڀوڳي رهيو آهي. شهباز شريف
دوائون جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ سان ڪير مال ٺاهي رهيو آهي؟ هي تمام وڏو اسڪينڊل آهي، 94 دوائن جي قيمتن ۾ 262 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي، غريب جو علاج ۽ زندگي عذاب ٿي ويندي. غريده فاروقي

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *