تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… جهالت ۽ وڏيرا شاهي جي ڪري ڪارنهن الزام هيٺ قتل جا واقعا وڌي ويا آهن: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل جا واقعا وڌي ويا آهن ان جو سبب ڇا آهي؟جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڪارنهن الزام هيٺ قتل جي واقعن جو وڏو سبب تعليم جي کوٽ آهي، ان بعد وڏيرا شاهي آهي، ذاتي دشمني يا زمين جي تڪرار تان به ان قسم جا واقعا پيش ايندا آهن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي اظهار الحق لکيو ته جتي علم جي کوٽ ھوندي آهي اتي اھڙا واقعا جنم وٺندا آھن. علم سان گڏ انسانيت ھجڻ گھرجي، نياز سومرو لکيو ته سنڌ ۾ ڪارنھن معاملن جو اھم سبب وڏيرا شاھي ۽ جاگيرداراڻو نظام آهي، صوبي جا ٿاڻا مقامي وڏيرن جي نظام تحت ھلن ٿا، ڪارنھن جا معاملا اڪثر ذاتي دشمني يا ملڪيت جي تڪرار ۽ لالچ تان پيش اچن ٿا، نوشاد خاصخيلي لکيو ته سنڌ اندر ڪارنهن الزام هيٺ قتل جي وڌندڙ واقعن جو مکيه سبب جهالت ئي آھي. ان کانپوءِ جيئن دشمني پاڙڻ، ڪنهن ٻي لالچ جي ڪري به قتل جا واقعا ٿي رهيا آهن، يار محمد هوت لکيو ته جتي تعليم وارو ماحول گهٽ هجي، جهالت ۽ لاشعوري وڌيڪ هجي، اُتي پوءِ اهڙا واقعا وڌي ويندا آهن، رحمت الله ميراڻي لکيو ته چيو وڃي ٿو تعليم نه ھجڻ جي ڪري اھڙا واقعا پيش ايندا آھن۔ پر ڏٺو ويو آهي ته اھڙن ڪيسن ۾ انا، اندر ۾ ٻرندڙ بدلي جي باھ ۽ معاشري جو اھم ڪردار آھي، جاگيرداراڻي، سرداري ۽ وڏيرڪي نظام سان اھڙي عمل کي ھٿي ملي آھي، قانون کي ھٿ ۾ کڻي جرڳائي سردار ۽ وڏيرا فيصلو ڪري قتل ڪرڻ واري کي سزا ڏيڻ جي بدران، ان کي لکين روپيا ۽ سڱ چٽي طور وٺي ڏيندا آھن. حڪومت کي گھرجي ته اھڙي عمل کي بند ڪرائي قتل ڪرڻ وارن کي قانون جي ڪٽھري ۾ آڻي سخت سزائون ڏنيون وڃن.عطاءُالرحمان قادري لکيو ته علم جي کوٽ جي ڪري ان قسم جا واقعا ٿين ٿا. وفا مختيار جمالي لکيو ته ڪارنھن الزام تحت معصوم انساني جانين کي بيدردي سان قتل ڪندڙ جوابدارن پويان ڪي مظبوط ھٿ ھجن ٿا، ڪي مقصد ڪي دولت جون لالچون ھجن ٿيون، اھي واقعا ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ اتر سنڌ ۾ وڌيڪ ٿين ٿا ڇاڪاڻ ته اتي وڏيرڪو نظام ھلي ٿو، غلام قادر لکيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت آھي، سرداري نظام جي ڪري ڪارو ڪاري جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آھي، ذاتي تڪرارن جي آڙ ۾ به اڪثر عورتن مٿان اھا تھمت لڳائي قتل ڪيو ٿو وڃي جيڪو ظلم آھي. راسومل لکيو ته جتي وڏيراشاهي جو راڄ هجي جتي جهالت ئي جهالت هجي أتي اهڙا ڪيس سامون ايندا آھن ۽ اتي اهڙن متاثرن کي ڪڏهن به انصاف ناهي منلدو. عبدالوهاب ڪنڀر لکيو ته ڪارنهن الزام ۾ قتل جو سبب جهالت آهي. مهاوير واسو لکيو ته جتــي وڏيراشاھي جو راج ھجي اتي ان قسم جا واقعا ٿيندا آهن، ظفر حسين رند لکيو ته سنڌ ۾ ڪارنهن جو اهم سبب وڏيرا شاهي ۽ غلط سوچ آهي، فرمان چانڊيو، ذاڪر احمد لکيو ته جهالت هجڻ، تعليم نه هجڻ ۽ نفرتون هجڻ ڪري واقعا ٿيندا آهن. گل حسن شر لکيو ته مخالفن کان پلاند لاءِ اهڙا واقعا ڪيا ويندا آهن زمين جي تڪرار تان به اهڙا واقعا ٿيندا آهن.مقصود چانڊيو لکيو ته انڌير نگري آهي اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. مزمل قادري لکيو ته ديني توڙي اخلاقي تعليم جي ڪمي جي ڪري اھڙا واقعا پيش اچي رھيا آھن.، مظفر شبير لکيو ته پيسي جي لالچ سبب ۽ وڏيرن جي فيصلن جي ڪري اهڙا واقعا وڌي ويا آهن، سڪندر بلوچ لکيو ته سنڌ ۾ وڏيرا شاھي هجڻ ۽ تعليم جو شعور گھٽ ھجڻ سبب ڪارو ڪاري جا واقعا ڏينھون ڏينھن زور وٺي رھيا آھن ان جھالت کي روڪڻ لاءِ تعليم کي هٿي ڏيڻ گهرجي. راشد مراد چانڊيو لکيو ته تعليم جو نه ھجڻ سبب اھڙا واقعا پيش اچن ٿا علي گل دايو لکيو ته ڪارو ڪاري جي واقعن ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ذاتي تڪرارن جي آڙ ۾ به اڪثر عورتن مٿان اھا تھمت لڳائي قتل ڪيو ٿو وڃي جيڪو ظلم آھي. فضل الرحمان لکيو ته اسان جي عوام ۾ جھالت ۽ لاشعوري جو رجحان وڌڻ ڪري اھڙا واقعا وڌي ويا آهن.ان جو واحد حل اھو ئي آھي ته اسانکي پنھنجي نئين نسل کي جديد تعليم ڏيارڻ گھرجي.مير عبدالسلام لکيو ته وڏيرن جي ڪري ۽ جهالت جي ڪري تعليم جي نه هجڻ ڪري ان قسم جي واقعن ۾ واڌ آئي آهي، روز ڪارنهن الزام هيٺ عورتون قتل ٿي رهيون آهن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *