تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… جاچ ڪئي وڃي ته سنڌ حڪومت يا علي زيدي واري جي آءِ ٽي رپورٽ درست آهي؟: عوام

وفاقي وزير علي زيدي عذير بلوچ ۽ نثار مورائي بابت جي آءِ ٽي جاري ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت عذير بلوچ جي اڌوري جي آءِ ٽي رپورٽ جاري ڪئي هئي، چيف جسٽس ان مامري جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي، ان حوالي سان ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته علي زيدي ۽ سنڌ حڪومت واري جي آءِ ٽي رپورٽس کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟، جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي آءِ ٽيز رپورٽس جي آڙ ۾ هڪٻئي تي الزام هڻي رهيون آهن، سنڌ حڪومت يا علي زيدي واري جي آءِ ٽي رپورٽ درست آهي ان بابت جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪي به ملوث آهن انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، اهي جي آءِ ٽيز رپورٽس هن وقت سامهون آڻڻ جو هڪ مقصد اهو به ٿي سگهي ٿو ته عوامي مسئلن تان ماڻهن جو ڌيان هٽائي سگهجي. سوال/ سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي اختيار علي لکيو ته سنڌ حڪومت ۽ وفاق ٻئي ڳالهه ساڳي آھن روز روز جي آءِ ٽي جوڙي صرف عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي خدار جيڪڏھن واقعي ئي اوھان ڪو عملي ڪم ڪرڻ چاھيوٿا ته ڏوھارين کي سزا به ڏياريو، سارنگ منير سومرو لکيو ته هن ملڪ جي سياست جو الميو اهو آهي جو حڪومتي جوڙيل جي آءِ ٽي تي به آڱريون کڄي رهيون آهن، سڪندر مهر لکيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت روز نئون ڊرامو پيون ڪن رڳو عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ باقي اصل ۾ هي پاڻ ۾ ٺهيل آهن عوام جي ڪا پرواهه ڪونهي، هنن کي پنهنجا مفاد عزيز آهن هنن کي هڪ ٻئي تي الزام هڻي 5 سالن پورا ڪرڻا آهن، ذوهيب جيهو لکيو ته انتھائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته مھذب ملڪن اندر جيڪڏھن ڪو ھڪ بيگناهه ماڻھون به قتل ٿي وڃي ٿو ته سندس قاتل کي پڻ اڻ ڌري طرح ڪيفر ڪردار تي پھچايو وڃي ٿو پر افسوس اسان وٽ 250 بيگناهھ قتل ڪيل غريب مزدورن ۽ سوين بيگناهه ماڻهن جي قاتلن کي سزا نٿي ڏني وڃي پر جي آءِ ٽي ،جي آءِ ٽي راند کيڏي پئي وڃي انھن سمورن سياستدانن کي هاڻي بيگناهن جي رت سان راند کيڏڻ بند ڪرڻ گهرجي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته ڏٺو وڃي ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت پنهنجي انا ۾ اچي عوام جي مسئلن کان منهن موڙي پنهنجي هوڏ ۽ ضد مڃائڻ ۾ پوريون آھين جيتري قدر جي آءِ ٽي رپورٽس جي ڳالهه آھي ته علي زيدي جو بيان سنڌ حڪومت جي ڀيٽ ۾ مضبوط لڳي ٿو، نصرالله راڄپر لکيو ته متحده تي علي زيدي پردو رکي رھيو آھي،نياز سومرو لکيو ته ٻئي جي آءِ ٽيز رپورٽس غلط لڳي رهيون آهن، جي آءِ ٽيز رپورٽس ان ڪري سامهون آنديون ويون آهن ته جيئن ٻين عوامي مسئلن تان ڌيان هٽائي سگهجي، رحمت الله ميراڻي لکيو ته پهريان ته اهو فيصلو ٿيڻ گهرجي ته ٻنهي جي آءِ ٽيز مان ڪهڙي درست آهي، ان جي آءِ ٽيز تي صحيحون ڪندڙ آفيسرن کي حقيقتون پڌريون ڪرڻ گهرجن، جي آءِ ٽيز ۾ ڄاڻايل ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، علي فراز لکيو ته علي زيدي ڪنهن حد تائين ٺيڪ به آهي، ۽ ان کي سهي سميجو وڃي، رضا هالو لکيو ته عذير بلوچ ڪيترن ئي مسڪين ماڻهن کي قتل ڪيو آهي عزير بلوچ جن ماڻهن جا نالا کنيا آهن انهن کي گرفتار ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪئي وڃي، صبغت الله رند لکيو ته عزيز بلوچ واري ، جي آ ٽي رپورٽ جي آڙ ۾ وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار هڪ ٻئي خلاف بيان بازي ڪري رهيا آهن. شفيع محمد ميمڻ لکيو ٻنهي جي آءِ ٽيز تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي پر ھتي اھڙي مامري تي روايتي سياست ڪئي ويندي آهي، عتيق الرحمان لاکو لکيو ته پهريان به ڪيتريون ئي جي آءِ ٽيز رپورٽس پڌريون به ٿيون پر مظلوم کي انصاف نه مليو ان ڪري جيستائين مظلومن کي انصاف نه ملندو ۽ ظالمن کي سزا نه ملندي تيستائين اهڙين رپورٽن جو ڪو فائدو ناهي. مهاوير واسو لکيو ته عذير بلوچ جي جي آءِ ٽي جي آڙ ۾ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت هڪٻئي کي بدنام ڪري رهيون آهن، عاشق دايو لکيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ جو شوشو ڇڏي وفاق پنھنجا خاص مقصد پورا ڪندو، خادم رند لکيو ته عزير بلوچ واري جي آءِ رپورٽ جي آڙ ۾ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ھڪٻئي کي بدنام ڪري رھيون آھن محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته ايم ڪيو ايم وارن ڪهڙا چڱا ڪم ڪيا آهن جو هاڻي پ پ جي پويان پيا آهن، مظفر شبير بوزدار لکيو ته جي آئي ٽي رپورٽون اچن ٿيون پر رپورٽون ئي ٿي رهن ٿيون ڪو کڙ تيل نٿو نڪري هتي بس عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، خليل الله راڄپر لکيو ته شراب کي ماکي ۾ تبديل ڪندڙ حڪومت ڪو به ٻوٽو نه ٻاريندي، مسرور شر لکيو ته متحده تي علي زيدي واري جي آءِ ٽي بابت جاچ ٿيڻ گهرجي، بشير رضا مهر لکيو ته علي زيدي ڪنهن حد تائين ٺيڪ آهي، شنڪر باغي لکيو ته موجوده وقت ۾ ماڻھن جو اشو جي آءِ ٽي نه پر مهانگائي، لاقانونيت، بک، بيروزگاري آھي جن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ جي آءِ ٽيز جو ڊرامو رچايو ويو آهي، گل حسن شر لکيو ته علي زيدي واري رپورٽ فراڊ ٿي لڳي، عاقب نظاماڻي لکيو ته علي زيدي واري جي آءِ ٽي رپورٽ ڪوڙي ٿي لڳي، ڀرت لال لکيو ته جي آءِ ٽي ۾ پ پ جي ويجهن ماڻهن جا نالا آهن، جي آءِ ٽيز ۾ شامل ماڻهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي، ثناءُالله کوسو لکيو ته جي آءِ ٽي رپورٽس درست آهن اصل ڳالهه اها آهي ته ان رپورٽس ۾ جن جا نالا آهن انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *