تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… برسات واري صورتحال ۾ حڪومتي ڪارڪردگي زيرو قرار: شهر توڙي ڳوٺ ٻڏي ويا، سرڪاري عملدار رڳو فوٽو سيشن ڪري هليا وڃن ٿا: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ برسات جون تباهيون: حڪومتي ڪارڪردگي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن حڪومتي ڪارڪردگي کي زيرو قرار ڏنو ۽ چيو ته سنڌ جي ڪنهن به شهر ڏانهن نظر ڪريو توهان کي روڊ رستا ٻڏل نظر ايندا، سنڌ برسات جي ڪري گھٽ پر حڪمرانن جي نااھلي جي ڪري گھڻي تباھه ٿي آھي، برسات واري صورتحال ۾ انتظاميا صرف وزٽ ڪرڻ جي ۽ سيلفي جي ڊرامن کان سواءِ ڪجهه ناھي ڪيو غريب عوام جي ڪير به سار نٿو لهي، سنڌ ۾ تباهي جو ڪارڻ سم نالا به آھن جن جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري برساتن جو پاڻي نيڪال نه ٿو ٿي سگهي،حڪومت سان گڏ ضلعي عملدار جن ۾ ڊي سي، اي سي ۽ آبپاشي عملدار آھن جيڪي هر سال ڪاغذن ۾ ته سم نالن جي کاٽي ڏيکارين ٿا پر ظاهري طرح ڪو به ڪم نٿو ٿئي ۽ اهي پئسا ڪيڏانهن وڃن ٿا؟ سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مير حسن شر، محمد کٽياڻ، امجد علي شاهه، امجد حسين نائچ، حاڪم کوسو، عبدالعزيز، عبدالجباز بجير، عبدالملڪ جمالي، ايم موسيٰ لغاري، طالب حسين راهو، فقير راڻو ڀنڀرو، علي اصغر، راجا خان شر، خان محمد بنگلاڻي، لال محمد، نثار پتافي، الادين سومرو، مصور گاڏهي ۽ ٻين حڪومتي ڪارڪردگي زيرو قرار ڏني، جڏهن ته گلزار ملاح لکيو ته برساتون تمام گهڻيون ٿيون آھن، ٻيو ته ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ نيڪال جي نالن مٿان قبضا ٿيل آھن، جنهن سبب پاڻي جي نيڪال ۾ رڪاوٽون اچن ٿيون، ان باوجود جڏھن موسميات کاتي وارا اڳ ئي برساتن جي شدت بابت ٻُڌائي ڇڏين ٿا ته حُڪومت جي ذميواري آھي ته نالن جي صفائي ڪرائي ڇڏي، بابر وساڻ لکيو ته دوڙ لڳ درگاهه مٺو فقير وساڻ وٽان سم نالي کي 100 فوٽ گهارو لڳي ويو درگاهه جو قبرستان ڳوٺ کوتڙي ريلوي ٽريڪ ٻانڌي روڊ سميت ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ڊي سي شهيد بينظير آباد اسسٽنٽ ڪمشنر ٻن ڏينهن کان ڏسي واپس هليا ٿا وڃن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته گهارو بند نٿو ٿي سگهي هي ته هڪ ننڍڙو مثال آهي، محسن يونس کوسو لکيو ته برساتون ته کڻي گهڻيون ٿيون آهن حد کان وڌيڪ پر حڪومت طرفان ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا، عطاءُالرحمان قادري لکيو ته برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي، لاڙڪاڻي ۾ روڊ رستا تلاءُ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، وحيد مستوئي لکيو ته جيڪا سنڌ حڪومت تباھي ڪئي آھي اھا شايد ڪنھن ڪئي ھجي. ھر اداري ۾ ڪرپشن آهي، گٽرن نالن سان سنڌ جا شھر ٻوڙيا ويا آھن، حڪومتي ڪارڪردگي زيرو آهي، خير محمد جمالي لکيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي اسان جي علائقي ۾ ته زيرو آھي شايد بلن ٺاھڻ ۾ پورا آھن پاڻي ڪجھه ڏينھن بعد پاڻ سڪي ويندو باقي ھن حال ۾ عوام جو الله وارث آھي حڪومت جا عملدار ۽ ڪامورا ته ڳوليا نٿا لڀن، آفتاب ڪيريو لکيو ته چوماسي جي برسات حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آھي پوري سنڌ تلائن جو ڏيک ڏئي رھي آھي انتظاميا ڪن لاٽار ۽ ھڪ ٻئي تي الزام تراشي ڪري پنھنجي نااھلي لڪائڻ جي ڪوشش ۾ آھي حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي. ديدار بلوچ لکيو ته شڪارپور شهر مان ته برساتي پاڻي ڪجهه ڪلاڪن بعد نيڪال ڪري شهر صاف ڪيو ويو پر افسوس شهر جي ٻاهرين علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو رهواسي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، زبير احمد لکيو ته حڪومت کي برسات کان اڳ ۾ سخت اپاءُ وٺڻ گهرجن ها پر حڪومتي ڪوتاهي جي ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جا اڪثر شهر ۽ ننڊا وڏا ڳوٺ پڻ متاثر ٿيا آهن. سليم اختر لکيو ته جيڪا ڪارڪردگي گهرجي ايتري ته ڪونه ٿي آهي پر فوٽو سيشن ضرور ٿيا آهن اصل ۾ حڪومتي ڪارڪردگي تڏهن نظر ايندي جڏهن ڪا منصوبا بندي ھجي، سمير احمد لکيو ته ڪاڇي جو ڳوٺ پريو جمالي مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويو سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته ڳوٺ پريو جمالي واهي پانڌي پهچي ماڻهن جي واهر ڪن. عبدالحئي ساوند لکيو ته سنڌ ۾ برسات جي ڪري ايتري تباهي ناهي ٿي جيتري تباهي حڪمرانن جي نااهلي سبب ٿي آھي، سنڌ سرڪار صرف ۽ صرف سنڌ کي تباهه ڪرڻ ۾ رڌل آھي، حڪومتي ڪارگردگي ٻُڙي آھي, جي ايم چانڊيو لکيو ته سنڌ ۾ جيڪا برسات تباهي مچائي ان جي ذميوار حڪومت آهي، حڪومت جي نااهلي سبب وڌيڪ نقصان ٿيا آهن، سنڌ جي ڪنهن به شهر ڏانهن نظر ڪيو توهان کي پاڻي روڊن رستن تي بيٺل نظر ايندو، يار محمد چانڊيو لکيو ته شهر عمرڪوٽ جي ٻهراڙي واري اعلائقن ۽ ڪچي آبادي ۾ وڌيڪ نقصان ٿيو آهي ۽ انتظاميا طرفان ڪابه تياري نظر نٿي اچي ۽ نه وري ڪابه متاثرن لاءِ متبادل جڳهه جو بندوبست ڪيل آهي، سردار غوث بخش ملڪ لکيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي زيرو آھي ڪراچي سڄو پاڻي ۾ ٻڏي ويو، قمبر احمد لکيو ته سڀ حڪومتون برابر جون حصيدار آھن پھريا ته ڪراچي سنڌ حڪومت حوالي آهي پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم پڻ اتي آهي پر پوءِ به برسات ۾ عوام ٻڏي وڃي ٿو، فضل الرحمان لکيو ته سنڌ برسات جي ڪري گھٽ پر حڪمرانن جي نااھلي جي ڪري گھڻي تباھه ٿي وئي آھي انتظاميا صرف وزٽ ڪرڻ جي ۽ سيلفي جي ڊرامن کان سواءِ ڪجهه ناھي ڪيو غريب عوام جي ڪير به سھار نٿو لهي. شبير سهتو لکيو ته برسات سبب ماڻهو تمام گهڻا دربدر ٿيا آھن انتظاميا کي گهرجي ته فورن غريبن جي مدد ڪئي وڃي. بشر رضا لکيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي اڳ وانگر نظر ٿي اچي, اعجاز خاصخيلي لکيو ته تعلقي محرابپور ھالاڻي ٽائون ۾ برسات جو پاڻي روڊن رستن امام بارگاھن اسڪولن گھرن ۾ ڪاھي پيو آھي، ڪامورا رڳو ڪاغذن ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن، لعل محمد لکيو ته حڪمرانن کي شرم اچڻ گهرجي، سجاد کنڀڙو لکيو ته سنڌ ۾ برساتن کان پوءِ جيڪا تباھي آئي آھي ان جا زميوار اسان آھيون. ڇو جو اسان اھڙا حڪمران چونڊي ڪري موڪليون ٿا جيڪي عوام جا مسئلا حل نٿا ڪن، راجا حيدر ٿيٻو لکيو ته تمام خراب حڪمراني آھي انتظامي نااھلي سبب ماڻھون بدترين حالتن کي منھن ڏين پيا، اسد انڍڙ لکيو ته حڪمران نا اهل آهن، نوشاد خاصخيلي لکيو ته ميرپورخاص ۾ ڪجهه ڪم ڪيو اٿن شھرجي وچ جون مين بازارون صاف ڪن پيا باقي ٻيا علائقا متاثر ٿيل آهن ٽنڊوجان محمد ۾ به صورتحال خراب آهي، عمران پٺاڻ لکيو ته فوج ۽ رينجرز دل سان ڪم ڪندي باقي حڪومتي مشينري نظر نٿي اچي، شبير جمالي لکيو ته الله سائين ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان غلط حڪمرانن کي پڌرو ڪندو آھي، سڪندر بلوچ لکيو ته حڪومتي ڪارڪردگي انتھائي مايوس ڪندڙ آھي برسات سبب پاڻي گھرن ۽ شھرن ۾ تلائن جي صورت ۾ بيٺل آھي ڪٿي به حڪومتي مشينري توڙي انتظاميا ظاھر ناھي ٿي عوام انتھائي مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيو آھي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته ڪرونڊي شهر ۾ ته حڪومت جي ڪارڪردگي ناهي، علي اڪبر بڪيرو لکيو ته سنڌ ۾ بارش جي تباهي تي حڪومت جي ڪارڪردگي نه ھجڻ جي برابر آهي, ابراهيم لنڊ لکيو ته ڪلوئي شھر جي ٻھراڙي ۾ ٻوڏ واري صورتحال آھي ھزارين ايڪڙ زمينون پاڻي ھيٺ آھن, سرڪار صرف چانور ورھائڻ ۾ مصروف آھي، سفير علي لکيو ته ووٽ اسان ئي ڏنا آهن ڪارڪردگي جي اڳ ئي خبر هئي،سيد شفيق لکيو ته انهن کي شرم اچڻ گهرجي،ايم موسيٰ لاشاري لکيو ته ڪارڪردگي هجي ته ڏسو نه، ڪريم سنڌي لکيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي اها آھي جو مراد علي شاھه برسات جي بيٺل پاڻي ۾ اچي تصويرون ڪڍرايون ۽ عوام واھه واھه ۾ خوش آھي، آخر ڪنھن ڌر دانھن ڏجي، انھن مسڪينن جو الله واھي آھي باقي حڪومت ۾ ڪا به توقع اجائي آھي، اورنگزيب رند لکيو ته حڪومتي ڪارڪردگي بلڪل زيرو آهي، نور احمد لغاري لکيو ته تازين برساتن تمام وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي خاص ڪري ڪراچي حيدرآباد ميرپورخاص بدين ۾ هيل اڳواٽ برساتي اپا نه وٺڻ ڪري عوام پريشان آهي، ساحلي پٽي رهندڙ ڪافي مسڪين ماروئڙا پنهنجا اجها ڇڏڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن ۽ هيلوڪي برسات 2010واري مها ٻوڏ کان گهٽ ناهي، هن برسات جتي ڪٿي تباهي مچائي ڇڏي آهي اگر اهڙيون برساتون اڃان جاري رهيون ۽اڃا به حڪومت ڪي انتظام نه ڪيا ته وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو، خادم رند لکيو ته هاڻوڪي مينھن ۾ سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ڏاڍي مايوس ڪندڙ رھي آھي. شاهجهان کوسو لکيو ته ڪورونا ۽ برساتن کان وڌيڪ سنڌ کي پ پ جي نااهلي سبب ٿي آهي، عبدالصمد کوسو لکيو ته حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، مير مرتضيٰ چانڊيو لکيو ته سنڌ ۾ تباهي جو ڪارڻ برساتون نه بلڪه سم نالا آھن جن جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري برساتن جو پاڻي نيڪال نه ٿو ٿي سگهي حڪومت سان گڏ ضلعي عملدار جن ۾ ڊي سي، اي سي ۽ آپباشي عملدار آھن جيڪي هر سال ڪاغذن ۾ ته سم نالن جي کاٽي ڏيکارين ٿا پر ظاهري طرح ڪو به ڪم نٿو ٿئي ۽ اهي پئسا ڪيڏانهن وڃن ٿا؟ ڇا هڙپ ٿي وڃن ٿا؟ خادم گهراڻو لکيو ته برسات تمام گهڻي تباهي آندي آهي عوام جو مالي نقصان ٿيو آهي ڪيترن ئي جڳهن تي ماڻهو کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن پر ڪوبه انهن جو حال پڇڻ نه آيو آهي ڪراچي هڪ سمنڊ بڻجي ويو، ٻين علائقن ۾ شاخون ٽٽي ويون ماڻهن جو مال متاع لڙهي ويو پر ڪنهن به حال نه اوريو حڪومت جي ڪارڪردگي تمام سست ۾ سست رهي آهي ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم.ڪري رهيا آهن, محبتي مڪيش ۽ نسيم اشرف پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، وقار حسين لکيو ته خانواهڻ جي وچ شهر جي ڳتيل آبادي واري علائقي لوچي محلا ۾ موجود سم نالو لاڳاتار برسات کانپوءِ اوور ٽاپ ٿي ويو، ڀرسان موجود ڪيترن ئي گهرن ۽ وونئڻن جي فصل کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، جنهن سبب علائقو مڪمل طور ٻڏي ويو آهي پر هتان جي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندا پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ وٺڻ لاءِ تيار ناهن،مسرور شر لکيو ته هن ڏکئي وقت ۾ چونڊيل نمائندا ڳوليا نٿا لڀن، بابو ظفر لکيو ته ٽنڊو جان محمد ۾ برساتن سبب حڪومتي ڪارگردگي وائکي ٿي وئي آھي ٽنڊو جان محمد ۾ ڪيتريون ئي ڪالونيون ٻڏل آھن پر اڃا تائين پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪي اپاءُ ناهن ورتا ويا. شھر جي صورتحال 2010 جي ٻوڏ کان به خراب آھي، وحيد علي ڄامڙو لکيو ته برساتن ملڪ اندر تباھي مچائي ڇڏي آھي زراعت کي وڏي نقصان جو انديشو آھي آبادگارن جي فصلن کي برسات سبب ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي ڪاڇي سميت ڪيرن ئي ٻين علائقن ۾ نئيون وھي آھيون آھن ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن ڳوٺن توڙي شھرن اندر پاڻي بيهجي ويو روڊن رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيھجي ويو آھي متاثر ماڻهن جي سار لڌي وڃي. عتيق الرحمان لاکو لکيو ته صرف موجودهہ نه پر اڳوڻي حڪومتن به انفرا اسٽرڪچر تي ڌيان نه ڏنو، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ تازين چوماسي برساتن جي ڪري ٻوڏ واري صورتحال آهي. رحمت الله ميراڻي لکيو ته سنڌ ۾ برسات سبب ھر ھنڌ پاڻي ئي پاڻي بيٺل آھي، برسات جي ڪري ھر ڳوٺ، ننڍي وڏي شھر ۾ عوام جو مالي ۽ جاني نقصان ٿيو آھي، خاص ڪري وڏن شھرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ صوبائي ۽ لوڪل گورنمينٽ طرفان جوڳا اپاءُ نه وٺڻ ڪري اھڙي صورتحال پيدا ٿي آھي، برسات متاثر عوام جي ھر ممڪن مدد ڪئي وڃي، احسان مستوئي لکيو ته سڌريل ملڪن ۾ قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ اڳ ۾ ئي اپاءُ ورتا ويندا آهن اهڙو ته نظام جوڙيو ويندو آهي جيئن ايندڙ آفتن کي چڱي طرح منهن ڏئي سگهجي پر پنهنجي ملڪ يا صوبي سنڌ جي ڳالھه ڪجي اتي اهڙو ڪو به انتظام ناهي، هاڻي به ڪجھه ائين ٿي رهيو آهي سنڌ ۾ بارشن تباهي آڻي ڇڏي آهي. حقيقت کي مد نظر رکندي ڏٺو وڃي ته حڪومت جي ڪارڪردگي نه ھجڻ جي برابر آهي، آزاد لال حسين مڱريو لکيو ته برساتن سنڌ کي گهٽ اجاڙيو آهي انهي کان وڌ حڪمرانن جي نااهلي سنڌ کي تباھ ڪيو آهي ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن شهرن جي حالت رحم جوڳي آهي سمورن شهرن جي گهٽين ۾ پاڻي تلاءُ جي شڪل اختيار ڪري بيٺل آهي، نياز سومرو لکيو ته سنڌ ۾ بارش جي تباهي تي حڪومت جي ڪارڪردگي نه ھجڻ جي برابر آهي، عبدالواحد راڄپر لکيو ته پ پ سٺو ڪم ڪيو آهي۔، ان کانسواءِ فدا حسين ، عابد ڪيريو. جنيد زرين، رياض احمد، نثار سومرو، عاشق بلوچ، منظور مهر، عمير بلوچ، قاضي علي، امير حسين، لال خاتون، ارباب علي رند، منصور حيدراڻي، گل حسن شر، مصور گاڏهي ۽ ٻين پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *