تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… برسات حڪومتي ڪارڪردگي جي پت وائکي ڪري ڇڏي، روڊ رستا تلاءُ بڻيل آهن: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته برسات ۾ حڪومتي انتظامن کي ڪيئن ٿا ڏسو ۽ اوهان جي شهر جي صورتحال ڇا آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته برسات سبب حڪومتي ڪارڪردگي جي پت کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي، روڊن رستن تي پاڻي بيهجي ويو آهي، ٻه لاڳيتو برسات سبب گهرن ۾ به پاڻي داخل ٿيڻ لڳو آهي، مقامي انتظاميا پاران به برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪي به انتظام ناهن ڪيا ويا، چونڊيل نمائندن به عوام جي سار نه لڌي آهي. سوال / سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي بشارت سومرو لکيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان زوردار برسات سبب ٺاروشاهه شهر سميت آسپاس جا ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل آهن ٽائون انتظاميه جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، چونڊيل نمائندا پنهنجي بنگلن ۾ آرامي آهن. اختيار علي لکيو ته ٺاروشاھه ۾ برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪي به انتظام ناهن ڪيا ويا، گلزار ملاح لکيو ته حُڪومت نالي ماتر اپاءَ ورتا آھن، نئين گاجي جي ڪري هزارين ڳوٺاڻا متاثر ٿيا آهن، هزار خان کوسو لکيو ته ڪٿي به ڪو به حڪومتي نمائندو نظر نٿو اچي اسان جي گھوٽڪي سرحد ۽ آس پاس ۾ برسات سبب گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي، الهڏنو راهمون لکيو ته سجاول م برسات کان اڳ ئي رستن تي گندو پاڻي بيٺل هو برسات کانپوءِ ويتر حالت خراب ٿي وئي آهي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته اسان جي شھر لاکاروڊ ۾ حڪومتي انتظام اهڙا ته بهترين آھن جو ڪاش ھن وقت ايم اين اي يا ايم پي اي اچي جائزو وٺي ته گوڏي جيڏي گپ مان گاڏي به نه ڪڍي سگهندو، علي حيدر لکيو ته شهدادڪوٽ شهر ۾ بارش پئي آهي جنهن سبب گٽر به اٿلي پيا آهن شهر جي سڀني مين روڊن تي ٻه کان ٽي فٽن جو پاڻي بيٺو آهي جنهن ۾ ميونسپل انتظاميا ڪا به ڪا اهڙي ڪارڪردگي نه ڏيکاري آهي جنهن سبب شهر جي روڊن تان پاڻي نڪري، اظهارالحق لکيو ته گمبٽ ۾ 5 منٽن جي برسات بعد هفتو پاڻي بيٺل رهندو آهي اشوڪ سمراٺ لکيو ته بارش پوڻ سان پوري ٽنڊوالهيار شهر جا گٽر اٿلي پيا، پاڻي بيهڻ ڪري بيماريون پکڙجڻ جو خطرو آهي. رفيق احمد لکيو ته اسان جو شھر سوڀوديرو تعلقا ھيڊڪوارٽر آھي ھر طرف برسات جو پاڻي بيٺو آھي، حڪومتي ڪارڪردگي زيرو آهي. مظفر بوزدار لکيو ته بوزدار وڏا ۾ برساتي پاڻي نيڪال ناهي ڪيو ويو، حنيف رضا بلوچ لکيو ته سيٺارجا ۾ برساتن جي اڳڪٿي باوجود نالن ۽ گٽرن جي صفائي نه ٿي هاڻي رستن تي پاڻي بيٺل آهي، عاشق دايو لکيو ته شڪارپور شھر ۾ چونڊيل نمائندي صوبائي وزير امتياز شيخ جي موجودگي سبب شڪارپور شھر ۽ خانپور مان برساتي پاڻي سرڪاري عملدارن نيڪال ڪيو، خادم گهراڻو لکيو ته نصرپور ۾ برسات جي ڪري هيٺين علائقن ۾ پاڻي بيهي رهيو صبح جو صفائي عملي صفائي ڪئي ڪيترن ئي علائقن مان پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي، نيڪ محمد شنباڻي لکيو ته اسان جي شهر صالح پٽ ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ زوردار برسات جي ڪري برساتي پاڻي تلاءُ جي صورت ۾ بيهجي ويو آهي، ٽائون ڪاميٽي ڪي به قدم نه کنيا آهن. ديدار بلوچ لکيو ته شڪارپور ۾ پاڻي نيڪال ڪيو ويو، درپن ڪمار لکيو ته نئون ڪوٽ ۾ برسات سبب گٽر اٿلي پيا آهن بجلي به غائب آهي، محبتي مڪيش لکيو ته حڪومتي انتظام اڻپورا آهن، رضا هالو لکيو ته ڪلوئي ۾ برسات بعد اهڙي صورتحال آهي جو ٻيڙي هجي ته هڪ دنگ کان ٻي دنگ تائين ٻيڙي تي سفر ڪريون. عادل الاهي بخش لکيو ته ٺري ميرواهه ۾ هر طرف برسات جو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺو آھي، گلشير سومرو لکيو ته دريا خان مري ۾ برسات سبب رستا بازارون سڀ پاڻي ھيٺ آھن انتظاميا غائب آهي، غلام رضا بجير لکيو ته عمرڪوٽ ۾ گندو گٽرن جو پاڻي روڊن تي آهي، يار محمد هوت لکيو ته ھميشه جيان هن دفعي به حڪومتي انتظام اڻپورا ٿا لڳن، مهاوير واسو لکيو ته مٺي ۾ حڪومت ڪي به انتظام ناهن ڪيا، عبدالرشيد لکيو ته عبدالله شاهه غازي ڳوٺ ۾ گندو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿئي ٿو، خيرمحمد ڇٽو لکيو ته بلڙي شاه ڪريم ۾ برساتي پاڻي نيڪال ناهي ڪيو ويو، بجلي به بند ڪئي وئي آهي. گل حسن شر لکيو ته ورڪشاپ ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي، بابو ظفر لکيو ته ٽنڊومحمد خان ۾ برسات 40منٽ تيز هلي ۽ ان ۾ ئي ترقياتي ڪمن جي پت وائکي ٿي وئي، سڪندر بلوچ لکيو ته ٺري ميرواھه ۾ برسات کانپوءِ مڇرن جو آزار به وڌي ويو آهي، راشد مراد چانڊيو لکيو ته ڪنب ۾ برسات سبب شھري تمام گهڻو پريشان آهن، رستن تي پاڻي بيٺل آهي، ان کانسواءِ مير شاهجهان کوسو، عاقب نظاماڻي، عبدالقادر مري، نجيب سنڌي، جنيد زرين، نثار احمد، راشد چانڊيو، مسعود چانڊيو، شاهزيب وهاب، راجا رميش ۽ ٻين پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *