تازا ترين
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… برسات جي تباهي ۾ سنڌ جا وزير گجر نالي کانسواءِ ڪٿي به نظر ڇو نٿا اچن؟: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته برساتن جي اڳواٽ اطلاع باوجود سنڌ جا وزير خاص طور مڪاني ادارن، آبپاشي، روينيو وزير ڪراچي جي گجر نالي جو پاسو ڇڏي سنڌ جي ٻين شهرن، ڳوٺن، واهن، شاخن جي بندن تي ڇو نه ويا ؟ اوهان جي ان بابت ڇا راءِ آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي سخت مخالفت جي ڪري پ پ جا وزير سرگرم نظر اچن ٿا باقي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ انهن کي ان ڪري پرواهه ناهي ته اتان ووٽ پاڻ ئي ملي ويندو، عوام پڇاڻو نه ڪندو، وزير ته ٺهيو پر مقامي نمائندا به مشڪل وقت ۾ لڙي نٿا اچن، اڳواٽ اطلاع باوجود قدم نه کڻڻ سنڌ حڪومت جي نا اهلي آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي بابر وساڻ لکيو ته سنڌ حڪومت سان لاڳاپيل وزير مشير ته ٺهيو پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته دوڙ تعلقي سميت ضلعي شهيد بينظير آباد ۾ ڪو چيئرمين به برسات متاثرين جي سار سنڀال لهڻ نه پهتو جنهن مان صاف ظاهر آهي ته هنن کي عوام جي ڪابه پرواهه ناهي، گلزار ملاح لکيو ته پيپلز پارٽي سان مقابلي واري سياست ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم ڪن پيون، پر سنڌ جي ٻين شهرن ۾ چونڊيل نمائندن سميت لاڳاپيل ادارن خلاف ايترو سگهارو آواز نٿو اٿاريو وڃي، نتيجي ۾ حڪومت سميت لاڳاپيل ادارن جو سڄو ڌيان ڪراچي تي هجي ٿو، اختيار ٻٻر لکيو ته سنڌ سرڪار ڪڏهن به عوام جي مدد ناهي ڪئي، مختيار جمالي لکيو ته اسان وٽ ھي ڪو پھريون ڀيرو بارشن ۾ اھڙي سنگين صورتحال پيدا ناھي ٿي سدائين عوام طوفاني برساتن جي عذاب کي ڀوڳيندو رھيو آھي۔حڪمرانن کي ٿورو گھڻو به شھرن جا گٽر نالا نظر ايندا آھن باقي ٻھراڙي ته کين ووٽن مھل ئي ياد ايندي آھي، حافظ سڪندر جوڻيجو لکيو ته ڪراچي ۾ به سنڌي علائقن ۾ ڪم نه ڪندا آھن، مظفر بلوچ لکيو ته عوام مري يا بچي انهن جي صحت تي ڪو به اثر نٿو پوي، ذوالفقار باگڙي لکيو ته حڪمرانن سدائين هٿ وٺي سنڌ کي ٻوڙيو آهي. عتيق الرحمان لاکو لکيو ته سنڌ جي عوام سان سرڪار جو هميشه ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رهيو آهي ، ڪراچي ۾ ته اهي سرگرم نظر اچن ٿا پر سنڌ جي ٻين علائقن ۾ اهي نظر نٿا اچن ان ڪري عوام کي هاڻي سوچڻو پوندو، عبدالمالڪ لاشاري لکيو ته ڪراچي کانسواءِ باقي شهر جي ماڻهن کي اهي انسان ئي نٿا سمجهن، الله ڏنو راهمون لکيو ته گجر نالي کانسواءِ ڪٿي نظر نٿا اچن، هزار خان لکيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي کي ڇڏي باقي سنڌ کي پنهنجو فتح ڪيل علائقو سمجهي رهي آهي، گهوٽڪي ۾ لڙي به ناهن آيا. عباس علي چاوڙو لکيو ته اهي وزير ۽ چونڊيل نمائندا رڳو ووٽ وٺڻ مهل نظر اچي رهيا آهن باقي مشڪل وقت ۾ نظر ئي نٿا اچن. غلام حسين ڀٽي لکيو ته ھر سال سانوڻي جي مند ۾ نقصان ٿيندو رھندو آھي، حڪمران وٽ اڳواٽ پلان ڪٿي ھوندو آھي؟ عمران پٺاڻ لکيو ته صورتحال ڏسي اسان کي ته روئڻ ٿو اچي، غلام رضا بجير لکيو ته حڪومت کي گھرجي ھا ته برساتون اچڻ کان پھرين گٽر نالا صاف ڪري ھا، جاويد احمد لکيو ته تازين برساتن سبب پوري سنڌ ۾ نقصان ٿيا آھن، جنهن جا حڪمران ذميوار آهن. عاشق دايو لکيو ته صوبائي وزير، مشير ۽ تڪ جا ايم پي اي وزيراعليٰ سنڌ جي حڪم تي ويا آھن، خود علائقن جي نگراني ڪري رھيا آھن. ديدار بلوچ لکيو ته جن چونڊيل نمائندن کي پنهنجي تڪ جي عوام جي فڪر ۽ پرواهه هئي اهي اچي پهتا ۽ ڪم به ٿيو، خادم گهراڻو لکيو ته رڳو فوٽو سيشن ڪرائن ٿا، ڪاڇي جا متاثر واهر لاءِ دانهون ڪري رهيا آهن. حنيف رضا بلوچ لکيو ته ڏيپارجا ڀرسان روهڙي ڪئنال کي گهارو لڳڻ جو خدشو آهي بند ڪمزور پيل آهي 150 فٽ ڪپر پاڻي ۾ ڪري پيو آهي علائقي جا آبادگار سخت پريشان آهن جڏهن ته عملدار اڻلڀ آهن. فقير وقار ڏاهري لکيو ته وزير ته ڇڏيو پر اسان وٽ مقامي نمائندا به لڙي ناهن آيا. مسرور شر ۽ راسومل لکيو ته انھن کي عوام جي پرواھ ئي ڪونھي. ظهير احمد رڪ لکيو ته انهن کي خبر پئجي وئي آهي ته ڪراچي جو عوام جاڳي ويو آهي ۽ انهن کي اها به خبر آهي ته سنڌ جي باقي علائقن ۾ عوام ڪجهه نه ڪندو، گل حسن شر لکيو ته حڪمران رڳو فوٽو سيشن ۾ پورا آهن، اسد ماڇي لکيو ته اسان جي سنڌ حڪومت جا انتظام ڪڏھن به پورا ناھن ھوندا، مڪيش ڪمار لکيو ته وزير ايم پي ايم اين اي پنهنجي سياست چمڪائڻ ۾ پورا آهن، فياض چانڊيو لکيو ته سنڌ جي وزيرن کي رڳو ڪراچي جي پرواهه آهي، عبدالسلام لکيو ته سنڌ حڪومت کي عوام جي ڪا به پرواهه ناهي، عبدالخالق لکيو ته وزير نا اهل آهن، سڪندر علي لکيو ته گجر نالو هجي يا ڪراچي جوڪچرو پر سند حڪومت ڪا به ڪوشش ناهي ڪندي، ايم بي قادري لکيو ته اڳواٽ اطلاع باوجود قدم نه کڻڻ نا اهلي آهي، شاهجهان کوسو لکيو ته وزير پنهنجي سياست چمڪائڻ ۾ پورا آهن حقيقت ۾ عوام جو فڪر نه اٿن، سڪندر بلوچ لکيو ته اسان وٽ سدائين نقصان بعد حڪمران جاڳندا آهن، راشد مراد چانڊيو لکيو ته ڪراچي ۾ مخالف ڌر ۽ اردو ميڊيا جي ڊپ کان وزير گجر نالي مان نڪرن ئي نه ٿا، باقي سنڌ جي علائقن کي نظرانداز ڪري رهيا آهن، مقصود چانڊيو ۽ مهراڻ خان دايو لکيو ته وزيرن کي خبر آ ماڻھون ووٽ اسان کي ڏيندا ان ڪري اهي انهن جي سار نٿا لهن، هڪ ٻي پوسٽ ۾ رياض ابڙو لکيو ته ڪراچي جو ڀلي خيال ڪيو پر وفاقي سرڪار ڪاڇي تي پنهنجا جذبا نه ٿي ڏيکاري.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *