تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… برسات جون اڳڪٿيون ته ڪيون ويون آهن پر حڪومت جون تياريون نظر نه ٿيون اچي، غريب وري به ٻڏي ويندا: عوام جي راءِ

پنهنجي اخبار جي سلسلي سوال سروي ۾ عوام برساتن جو اڳواٽ اطلاع ملڻ بعد برساتن جي خطري کان بچڻ لاءِ کنيل حڪومتي قدمن تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. عوام کان سوال ڪيو ويو هو ته برسات جي اڳڪٿي، حڪومت جي تيارين کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ان جي جواب ۾ رضا محمد شاھ ڪڍڻ کان لکيو ته برسات کان اڳواٽ بچاء جي تيارين جي ته خبر ناهي باقي ڪروڙين روپيا کائڻ جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن سائيڊون وزٽ ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن ڊي سي، مختياڪار ۽ لاڳاپيل ڪامورا ميدان تي لٿل آهن پر اڃان تائين ڪو به عملي ڪم ٿيندي نظر نه آيو آهي. سم نالن جي صورتحال تمام گهڻي بدتر آهي جيڪڏهن نارمل برسات کان ٿوري به وڌيڪ برسات ٿي ته ڪڍڻ، نندو، سيراڻي، ٻھدمي، گهوني ۽ ٻيا ڪيترائي علائقا پاڻي ھيٺ ھوندا. بابو ظفر خاصخيلي ٽنڊو جان محمد کان راءِ ڏني ته ڪجھه ڪونه ٿيندو، جڏهن برساتون وڌيڪ پيون صورتحال جي سڄي خبر واضع ٿي ويندي. حڪومتي ڪارگردگي سامهون اچي ويندي ٽنڊو جان محمد شھر جي مٿان ابتي تلوار جيان لٽڪندڙ سم نالي جو ڪم اڌ ۾ رليل آھي الله نه ڪري جي وڌيڪ برساتون پيون ته صورتحال 2011ع جي ٻوڏ کان وڌيڪ خراب هوندي. عبدالله جروار چيو ته تياري ته هر سال ڪندا آهن پر برسات ۾ عوام وري به مشڪل ۾ هوندو آهي. الله ڪري هن دفعي ڪو عوام لاء آساني ڪن. گهڻي برسات جي صورت ۾ عام خلق ڀوڳيندي آهي. روڊ رستا دريا جي شڪل اختيار ڪندا آهن. هر طرف گندو پاڻي پکڙيل هوندو آهي. هن دفعي به بهتري جي اميد گهٽ آهي الله پاڪ هدايت ڏين ڪو بهتر ڪم ڪن. روشن داس مھيسر وڏا چيو ته تياريون ته بھترين آهن جيئن لاڪ ڊائون ۾ سڀني غريبن کي راشن پھچائي ڏيڻ جون تيايون مڪمل ھيون پر پوءِ به انهن ۾ ڪي خاميون رھجي ويون ۽ راشن صرف مخصوص ماڻهن کي مليو جيئن ھاڻي سنڌ حڪومت جون نظرون صرف ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ئي ٽڪيل آهن باقي اسان جي شھر خيرپور سميت سنڌ جي ٻين شھرن ۾ برساتي پاڻي نيڪال لاء ڪي اپاء نظر ئي ڪانه ٿا اچن. محمد اسماعيل لانگاهه راءِ ڏني ته حڪومت ڇا ڪندي؟ ڪُجھ به نه ڪري سگهندي پهرين جيڪي آفتون ۽ مصيبتون آيون انهن جا متاثر هن مهل تائين بي يارومددگار آهن حڪومت لاء آفتون صرف ڪمائي جو ذريعو ۽ پئسو گڏ ڪرڻ جو موقعو آهن. جيترو گهڻو نقصان اوترو حڪمرانن کي وڌيڪ فائدو ملي ٿو ۽ جيترا ماڻھو مرن اوترا وڌيڪ پئسا ملن، جيئن جيئرو هاٿي ٻه لک مئل چار لک وارو حساب آهي ملڪ جا غريب ماڻھون حڪمرانن لاء هڪ مثال ۽ پهاڪو بڻجي ويا آھيون. پرويز حسين ڀنڊ ديهات مان لکيو ته حڪومت پهريان گٽر وارا نالا ئي ڪونه ٿي صاف ڪرائي اگر وري برسات پئي ته عوام آزار ۾ هوندو. اسان جي ديهات، خانواهڻ ۽ پسگردائي ۾ اگر ٿوري برسات پوي ٿي ته ڏھ ڏھ ڏينهن پاڻي نيڪال ڪونه ٿو ٿئي ۽ عوام کي اچڻ وڃڻ ۾ تمام گهڻي مشڪلات ٿئي ٿي. چونڊيل نمائندا به عوام جي سار سنڀال ڪونه ٿا لهن اگهور ننڊ ۾ ستل آهن رحمت الله ميراڻي ميرپورماٿيلو مان لکيو ته برسات کان اڳ ۾ ڪٿي به تياري نه ڪئي وئي آھي سنڌ حڪومت ۽ لوڪل گورنمينٽ کي گھرجي ته اڳواٽ نالن جي صفائي جو بندوبست ڪن۔ ھر ھنڌ گھٽين ۽ رستن تي صفائي نه ھجڻ ڪري گند ڪچري جا ڍير پيل آھن۔ جيڪي برسات پوڻ کان پوءِ بدبوءِ ٿئي ٿي۔ شھر جون بازارون ھيٺ ۽ روڊن جي ليول مٿي ھئڻ ڪري پاڻي جمع ٿي وڃي ٿو جنھن سان عام ماڻھن کي ڏکائي پيش اچي ٿي۔ مھــاوير واسو مٺي تياري ته ھر سال ڪندا آھن برسات ۾ عوام وڏي مشڪل ۾ ھوندو آھــي ڪجھه ڪونه ڪندا اھــي نمائندا برسات کــان پھرين پاڻ لڪي ويندا عوام ڀلي دربدر ٿئي. نوشاد خاصخيلي لاکاروڊ مان لکيو ته سنڌ حڪومت تيز برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪي اڳواٽ اپاء ورتا آھن۔ اهي سڄي سنڌ جيان اسان جي شھر لاکاروڊ ۾ بلڪل نظر ڪو نه ٿا اچن .گهڻي برسات ته ڇا ٿورڙو به مينهن وسندو آھي ته شھر ۾ رستن تي پاڻي تلاءُ جيان ڏسڻ ۾ ايندو آھي، پوءِ گاڏيون جهاڳي جهاڳي گوڏي جيڏي گپ ڪري هلڻ مشڪل بڻائي ڇڏينديون آھن ڏهن پندرهن ڏينهن کانپوءِ گپ ۽ گند سڪندو آھي!! شنڪرباغي چيلهار کان لکيو ته خدا ڪري خير جي برسات اچي، سنڌ جو سي ايم صاحب هينئر سجاڳ ضرور ٿيو آھي پر سموري سنڌ جا مڪاني ادارا ناڪام آھن، اسان وٽ ٽائون ڪاميٽي ٺھڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڊرينيج سسٽم تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو آھي. اڳي جيڪي پاڻي جي نيڪال جا لنگھه ھئا سي به پلاٽنگ ٿيڻ جي ڪري بند ٿي چڪا آھن، برسات پوڻ کانپوءِ توهانکي وڊيو ۽ فوٽو وسيلي آگاهه ڪيو ويندو ته هن جمهوري حڪومت اسان لاءِ ڪهڙا سک پيدا ڪيا آھن. انيس صبحپوٽو لکيو ته ڪٿي به ڪا تياري ناھي انھي انتظار ۾ ضلعي انتظاميه وارا آهن ته سنڌ ٻڏندي ته پئسو ايندو. سڄو سسٽم ڪرپٽ آهي ڪا به اڳواٽ تياري نه ورتي وئي آهي وڌيڪ الله ماروئڙن تي رحم ڪري. راسومل لکيو ته هاڻي سنڌ حڪومت سٺي تياري ڪئي آھي برسات کان اڳ ناليون صاف ٿي رهيون آھن خاص طور ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾. خيرمحمد ڇٽو جي راءِ هئي ته برسات کي رحمت تصور ڪيو ويندو آهي پر اسان وٽ اھا رحمت سرڪاري بدانتظامي سبب زحمت بڻجي ويندي آهي. اسان جو ڳوٺ حاجي ابراھيم ڇٽو ۾ لڳ ڀڳ پنج ھزار ايڪڙ زمين سم نالي نه ھجڻ ڪري برسات ۾ ٻوڏ ۾ متاثر ٿئي ٿي. عادل الاهي بخش ٺري ميرواهه ۽ ممتاز علي ٺري ميرواهه کان چيو ته اعليٰ عملدارن کان اھا گھر ٿا ڪريون ته شھر کي صاف سٿرو ڪرائي ڏنو وڃي خدارا. شھر ٺري ميرواہ جي ڪروڙن جي بجيٽ ھوندي شھر جي حالت اھا آھي، جيڪا لوڪل نمائندن ڪئي آھي سڄي شھر ۾ ڪا اھڙي گھٽي گندي پاڻي کان خالي نه آھي عوام جي احتجاج ڪرڻ باوجود چيئرمين صاحب ۽ ٽائون آفيسر صاحب ڄڻ ھن شھر ۾ رھن ئي نه ٿا. ڪٿي ڪٿي تياريون ته ڪيون ويون آھن مگر ٺري ميرواه ۾ ته ڪي به اپاء ناهن ورتا ويا آھن. عبدالله راهمون چيو ته ادارن بلن ٺاھڻ جون مڪمل تياريون ڪري ورتيون آھن برساتي سبجيڪٽ مال ميڙڻ جو بھتر بھانو ھجي ٿو آفيسر شاھي جي سيزن آ باقي غريب عوام اڳئي سورن جو ڏاڍو آھي. محمد حسين لکيو ته سنڌ حڪومت رڳو دعوائن ۾ پوري آهي ڪٿي به ڪا تياري ڪانهي. محبتي مڪيش ڪمار جئه پال لکيو ته چونڊيل نمائندا ڪجھ به ڪونه ڪندا آھن برسات کان پھرين پاڻ لڪي ويندا آھن برساتن جي ايڏي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي لڳي ٿو حڪمرانن جي آسري ته غريبن جا ڪکاوان گھر اچي پٽ پوندا. عبدالغفار اوڳاهي چيو ته غوثپور جي ڀرپاسي برسات جي اڳڪٿي کان پوءِ برسات کي منهن ڏيڻ جون تياريون مڪمل نه ڪيون آھن خادم گهراڻو نصرپور کان لکيو ته برسات جي اعليٰ سطح تي اڳڪٿي کان پوءِ وڏن شهرن ۾ حڪومت قدم کنيا هوندا پر اسان وٽ گٽر به پوري طرح صاف نه آهن. هن وقت به اڪثر گٽر اٿلندا رهندا آهن برسات ۾ جيڪڏهن اها حالت هوبدي ته غريبن جا اجها اچي پٽ پوندا. پرڪاش ڪمار چمبڙ شھر کان لکيو ته ڪجھه به ڪونه ڪندا آھن برسات کان پهرين پاڻ لڪي ويندا آھن متان اسان نه ٻڏي وڃون اگر ڪجھه ڪن ھا نه ته اڄ حڪومت جي اھا حالت نه ھجي ھا غريبن کي ته ھٿن سان ٻوڙين ٿا. ذوالفقار کوسوگلاب لغاري کان تبصرو ڪيو ته سنڌ حڪومت صرف اعلانن تائين محدود آھي، هنن کان ڪراچي ۾ گٽر جا نالا سنڀاليا نٿا ٿين هي پوري سنڌ کي ڪٿان سنڀاليندا. جيڪڏھن برسات ۾ ٻوڏ ٿي ته پوء 2010 جي ٻوڏ وانگر هزارين غريب بي گهر ٿيندا. سوين غريب بُکن وگهي مرندا. عمران پٺاڻ گهوٽڪي کان لکيو ته نقصان جو پورائو غريب عوام ئي ڪري ٿو، ڪراچي ۾ ٻوڏ واري صورتحال جو سبب حڪومت جي خراب حڪمراني ئي چئجي. اسان پنهنجي گهوٽڪي شهر کي ڏسون، بگو واه واحد واه آهي جيڪو سموري شهر جو پاڻي کڻي ٿو . اشوڪ سمراٺ چيو ته ٽنڊو الهيار ضلعي جي ڇا ڳالھه ڪجي، حڪومت جي ڪارڪردگري اها آهي ته معمولي برسات ۾ به گٽر اٿلي ٿا پون.گل حسن خان شر چيو ته سنڌ سرڪار جي تياري بھتر قدم آھي باقي الله بھتر ڪندو، ضمير انصاري لکيو ته بلن جون تياريون ٿينديون باقي مڙئي خير. سارنگ منير سومرو لکيو ته حڪومت جو تياريون ھميشا جيان ھاڻي به صرف نالي جون آھن خبر تڏھن پوندي جڏھن برسات پوندي انتظاميا ۽ حڪومت ڪٿي به نظر نه ايندي. مير شاهجهان کوسو لکيو ته حڪومت سنجيده نه آهي جيڪڏهن واقعي سو کان وڌيڪ ملي ميٽر برسات وسي ته شهر ٻڏي ويندا. مزمل قادري پنجوديري کان اسان وٽ لاڙڪاڻي ۾ پوءِ به بھتر صورتحال آھي باقي ڪراچي ۾ به نالن جي صفائي جو ڪم ھلي رھيو آھي اميد آھي ته اڳ کان بھتر صورتحال ھوندي. يار محمد هوت چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪارگردگي برساتن لاءِ ھميشه ناقص رهي آهي جيڪڏهن هن دفعي به اڳي وانگر سُستي ڪئي وئي ته عوام کي وري به وڏين مشڪلاتن مان گُذرڻو پوندو.جاويد احمد شيخ ڪنڌڪوٽ مان لکيو ته سنڌ ۾ سانوڻي ۾ معمول کان 20سيڪڙو وڌيڪ برساتون وسڻ جون اڳ ڪٿيون ٿيون آھن. جنهن جي ڪري سنڌ ۾ غير معمولي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. مڪاني ادارن جو ڪم ئي اهو آھي ڊرينيج سسٽم تي نظر رکن ۽ معمول مطابق انهن ندي نالن جي صفائي ڪرائيندا رهن . هن ڀيري به لاڳاپيل کاتن يا ادارن طرفان ڪو اطمينان بخش رد عمل ڏسڻ يا ٻڌڻ وٽان نه آيو آھي. سجاد علي حاجاڻو چيو ته تياري ته ھر سال ڪندا آھن برسات ۾ عوام وڏي مشڪل ۾ ھوندو آھي ڪجھه ڪونه ڪندا اھي نمائندا برسات کــان پھرين پاڻ لڪي ويندا. ان کانسواءِ وقار حسين، محمد حسين، يم عيدل بجير، ايم ابراهيم سومرو، علي اصغر عباسي، امجد ڪلوڙ، عبدالغفار خان، آصف دايو پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *