تازا ترين
  • *ميرپورخاص: محمود آباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 27 ورھين جو فوت *ڄام ڏاتار واسي سرور شاھ ساهرن جي جي گھر گهمڻ آيو هو، موبائيل فون چارج ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳو *
  • *پني عاقل ۾ پ پ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهر جو گشت *فتاح سميجو پاران ڄام اڪرام ۽ سيف الله ڌاريجو خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪريون ٿا: جيالا*
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… برادري کان ٻاهر شادين جي مخالفت جهالت قرار، رشتا ڪٿي به ڪري سگهجن ٿا: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته برادري کان ٻاهر شادين جي مخالفت ڇا جهالت ناهي؟ ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته برادري کان ٻاهر شادين جي مخالفت ڪرڻ بلڪل جهالت آهي، جڏهن ته برادري کان ٻاهر شادي سان انسان کوڙ سارين خانداني بيمارين کان به بچي سگهي ٿو، پر اسانجي معاشري ۾ ان کي غيرت جو مسئلو به سمجھيو ويندو آھي، جڏهن ته رشتا ڪٿي به ڪري سگهجن ٿا، بهتر اهو آهي ته انهي معاملي تي ميڊيا سطح تي وڏيون ڪانفرنسون ڪوٺائي مثبت بحث ڪري سجاڳي آڻي معاشري ۾ بهتري آندي وڃي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عطاءُالرحمان ۽ ديدار بلوچ لکيو ته برادري کان ٻاهر شادين جي مخالفت ڪرڻ بلڪل جهالت آهي، هر انسان جو شرعي، قانوني ۽ ذاتي حق آهي ته هو پنهنجي راضپي موجب پنهنجي مستقبل واري زندگي جا فيصلا ڪري سگهي ٿو، گل حسن شر لکيو ته هاڻي برادري کان ٻاهر شادي نه ڪرڻ وارو رجحان ختم ٿيندو پيو وڃي، وڪيل حسين لکيو ته اها جهالت نه آهي پر جي برادري ۾ رشتو موجود آهي ته ان کي رد ڪرڻ ناانصافي آهي، ابراهيم بروهي لکيو ته بلڪل ٻين برادرين ۾ رشتو ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن تعليم ۽ تربيت هوندي به انسان ٻين برادرين ۾ شادي ڪرڻ واري ڳالهه جي مخالفت ڪري ته پوءِ ان تعليم ۽ تربيت جو ڪهڙو فائدو؟ جڏهن ته برادري کان ٻاهر شادي سان انسان کوڙ سارين خانداني بيمارين کان به بچي سگهي ٿو. عبيدالله ڪوري لکيو ته اسلام ۾ ان ڳالهه جي اجازت آھي، مسلمان سڀ ڀائرن آھن، پر افسوس هتي اڃا برادري وارو چڪر آهي جنهن جي ڪري ڪيترائي خاندان تباھه ٿي ويا آهن، ڇوڪرو يا ڇوڪري هڪ ٻي کي پسند ڪري ان ۾ ڇا غلط آھي مائٽن کي ان ۾ سوچڻ گهرجي. فضل الرحمان لکيو ته برادري کان ٻاھر شادي ڪرڻ جي شريعت ۾ به اجازت آھي ۽ جديد علم به ان جي اجازت ڏئي ٿو پر اسانجي معاشري ۾ ان کي غيرت جو مسئلو سمجھيو ويندو آھي جيڪو جھالت کان وڌيڪ ڪجھه ناھي، خاص ڪري اسان سنڌين ۾ اھو غلط رواج اڃا هلي رهيو آهي. خير محمد ڇٽو لکيو ته اسلام ۽ شريعت ۾ جائز آهي پر اڪثر اھو ڏٺو ويو آهي ته جنهن برادي کان ٻاهر رشتا ڪيا آهن اھي سئو مان 50 سيڪڙو ناڪام ٿيا آهن، روشن داس لکيو ته برادريَ کان ٻاهر شادين جي مخالف ڪرڻ جھالت ئي آهي۽ اھو رواج صرف اسان سنڌ واسين ۾ ئي آهي، سٺو رشتو اچي ته ان کي قبول ڪرڻ گھرجي ان جي مخالفت نه ڪرڻ گھرجي. عاشق حسين لکيو ته ٻين برادرين ۾ شادي ڪرڻ ڪو حرج ڪونھي رشتن ۽ برادري ۾ اضافو ٿئي ٿو ، سٺو رشتو ملي ته قبول ڪرڻ گھرجي اناپرستي کي معاشري مان ختم ٿيڻ گھرجي.مهاوير واسو لکيو ته بلڪل اھــو ضروري ناھي ته رشتا پنھنجي برادري ئي ۾ ڪجن، اسان جي هندو برادري ۾ اهو رواج ناهي ته برادري کان ٻاهر رشتو ڪجي اهو ٿي ئي نٿو سگهي؟. امير حسن لکيو ته مسلمان سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهن، رشتا ڪٿي به ڪري سگهجن ٿا، جرئت علي چانڊيو لکيو ته سنڌ ۾ اهو رواج قائم ٿي ويو آهي ته ڪاروڪاري ڪري ماريو ويندو آهي، نعيم الله لکيو ته پنهنجي برادري ۾ سٺو رشتو هجي ته اتي ڪجي نه هجي ته پوءِ برادري کان ٻاهر ڪرڻ گهرجي، عمران پٺاڻ لکيو ته اسلام اجازت ڏي ٿو پر ڪجهه برادري جا مسئلا ٿين ٿا جيئن ٻي زات ۾ ڏيڻ سان شادين غمين ۾ هڪٻئي ڏانهن مٽن مائٽن جي اچ وڃ گهٽجي ويندي آهي، ڌار رهائش اختيار ڪئي ويندي آهي،برادري ۾ ڳوٺن ۾ رهڻ سان ٻي زات ۾ رشتو ناڪام ٿيو وڃي، بهتر اهو آهي ته انهي معاملي تي ميڊيا سطح تي وڏيون ڪانفرنسون ڪوٺائي مثبت بحث ڪري هڪ بهتر معاشري ۾ سجاڳي آندي وڃي.راشد مراد چانڊيو لکيو ته نياڻي جي رضامندي سان شادي ڪٿي به ڪري سگهجي ٿي. نجيب سنڌي لکيو ته برادري کان ٻاهر شادين جي مخالفت جهالت ئي آهي، ان جهالت کي ختم ڪرڻ گهرجي، غلام قادر لکيو ته بلڪل جھالت آھي، امير ماڻهو گهٽ پر غريب ماڻهو وڌيڪ ان کي عيب سمجهي ٿو جڏهن ته اسانکي برادري کان ھٽي ڪري رشتيداريون ڪرڻ گھرجن جنھن ۾ ڪو عيب ناھي. اشفاق حسين لاکو لکيو ته بلڪل جهالت آھي خاص ڪري سنڌين ۾ غيرت جو مسئلو سمجهو ويندو آھي ٻاهر رشتو ڪرڻ کي، باقي برادري کان ٻاهر رشتيداري ڪري سگهجي ٿي. برڪت علي مبيجو لکيو ته هر ڪنهن جي مرضي آهي جتي به شادي ڪئي وڃي، محبتي مڪيش لکيو ته بلڪل اھا جھالت آهي پر اسان سنڌي ان کي غيرت جو مسئلو به سمجهندا آهيون، انجنيئر عرس ٿيٻو لکيو ته برادري کان ٻاهر شادي ڪري سگهجي ٿي، جهالت جي دور مان نڪرڻ گهرجي، منصور چنا لکيو ته برادري کان ٻاهر شادين جي مخالفت ڪرڻ بلڪل جهالت آهي، حاڪم علي چانڊيو لکيو ته ضروري ناھي ته رشتو پنھنجي برادري ۾ ئي ڪجي، جيڪڏھن ٻي برادري ۾ مناسب رشتو ٿي وڃي ته ان ۾ ڪو حرج ناھي باقي پنھنجي برادري کان ٻاھر رشتو نه ڪرڻ رجعت پسندي واري سوچ آھي ان کي ھاڻي ترڪ ڪرڻ گهرجي. مظفر بلوچ لکيو ته جتي نياڻي جو مستقبل سکيو ھجي ان گهر ۾ ڏني وڃي اسان سنڌين ۾ اها رسم گهٽ آهي سدائين جهيڙن جهڳڙن ۾ پورا هوندا آهيون، ايم بي قادري لکيو ته اسلام ۽ شريعت اجازت ڏئي ڇڏي آھي ته ٿي سگهي ٿي،نياڻي جي اجازت سان ڪٿي به سندس شادي ڪري سگھجي ٿي، مير مرتضيٰ چانڊيو لکيو ته برادري کان ٻاهر شادين جي مخالفت جهالت ئي آهي، ام امان لکيو ته بلڪل اها جهالت آهي جو برادري کان ٻاهر شادين جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي، فدا حسين هوت لکيو ته برادري کان ٻاھر شادي ڪرڻ ۾ ڪو به انڪار نه آھي،پر جي پنھنجي برادري ۾ سٺا ۽ ويجھا رشتا موجود ھجن ته انهن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي، اڄڪلهه پڙھيل لکيل معاشري ۾ ته ٻاھر شاديون ڪرڻ جو رواج عام آھي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *