تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… بجلي بحران ۽ ڪرپٽ سبب فوتگين جو ڪيس حيسڪو ۽ سيپڪو سربراهن تي به ٿيڻ گهرجي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته بجلي جي بحران ۽ ڪرپٽ ۾ فوتگي جو ڪيس ڪي اليڪٽرڪ سربراهه تي داخل ٿيڻ وارو فيصلو ڇا حيسڪو ۽ سيپڪو تي به لاڳو نه ٿيڻ گهرجي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته بلڪل ڪمپني جي بي ڌياني سبب جتي ڪرنٽ سبب ڪا فوتگي ٿئي ته ان جو پڇاڻو ڪمپني جي سربراهه کان ئي ٿيڻ گهرجي، قانون سڀ لاءِ هڪ جھڙو آھي جيڪڏهن انھن جي غلطي ھجي ته پوءِ ڪيس داخل ٿيڻ گھرجي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ضمير انصاري لکيو ته شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جيڪا بجلي بند ڪن ٿا سڙيل ٽرانسفارمر ۽ تارون تبديل نٿا ڪن ان جو حيسڪو ۽ سيپڪو تي ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي، گلزار ملاح لکيو ته بلڪل حيسڪو ۽ سيپڪو تي به ساڳيو قانون لاڳو ٿيڻ گهرجي، سجاد شورو لکيو ته بلڪل بجليءَ جي بحران سبب اهڙا واقعا پيش اچن ٿا انهن جو سبب اليڪٽرڪ سان گڏوگڏ حيسڪو ۽ سيپڪو پڻ آهن انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ هٿرادو لوڊشيڊنگ جو آزار ختم ڪرايو وڃي، ايم ساگر لکيو ته حيسڪو ۽ سيپڪو تي به پاڪستان جو آئين۽ قانون لاڳو ٿيئي ٿو، حيسڪو ۽ سيپڪو خلاف به ڪاروائي ڪئي وڃي، رحمت الله ميراڻي لکيو ته ڪورٽ سڳوري جو ڪي۔اليڪٽرڪ جي عملدارن تي فوتگين جو ڪيس داخل ڪرڻ درست فيصلو آھي. ھي قانون حيسڪو ۽ سيپڪو تي به لاڳو ٿيڻ گھرجي، ڇو ته انهن ادارن جي لاپرواهي جي ڪري ئي ان قسم جا واقعا پيش اچن ٿا. نوشاد خاصخيلي لکيو ته ڪي ليڪٽرڪ حيسڪو ۽ سيپڪو سربراهن تي سندن غلطين ۽ ڪوتاهين سبب ٿيندڙ نقصان جو ڪيس ضرور داخل ٿيڻ گهرجي، شنڪر باغي لکيو ته بلڪل ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي، سموري سنڌ ۾ واحد ٿرپارڪر ضلعو آھي جتان سو سيڪڙو رڪوري ٿئي ٿي پوءِ به لوڊ شيڊنگ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪئي وڃي ٿي , ان کانسواءِ اسانجي شهر چيلهار ٿنڀا ڪري پيا آهن جيڪڏھن نقصان ٿيو ته حيسڪو خلاف ڪيس داخل ٿيڻ کپي. اظهار الحق لکيو ته بلڪل حيسڪو ۽ سيپڪو تي به اھڙو قانون لاڳو ٿيڻ گھرجي، خادم گهراڻو لکيو ته ڪي اليڪٽرڪ سان گڏ حيسڪو سيپڪو تي ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي حيسڪو جا ٿنڀا ڪاٺين جي ٽيڪ تي بيٺا آهن ٿنڀا جهڪيا پيا آهن تارون هيٺ آھن حيسڪو وارن ڪيترن ئي گهرن جون خوشيون ختم ڪري ڇڏيون آهن. فضل الرحمان ڪنڀر لکيو ته بلڪل حيسڪو ۽ سيپڪو خلاف ساڳئي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي انهن جي غفلت جي ڪري به انساني جانيون ضايع ٿينديون رهيون آهن. شاهجهان کوسو لکيو ته بلڪل حيسڪو ۽ سيپڪو تي به ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي ڏٺو وڃي ته ڪرنٽ لڳڻ ۾ فوت ٿيندڙ اڪثر ماڻهن جي پنهنجي نه پر بجلي واري ڪمپنين جي غلطي هوندي آهي، غلام نبي پيرزاده لکيو ته قانون سڀ لاءِ هڪ جھڙو آھي جيڪڏهن انھن جي غلطي ھجي ته پوءِ ڪيس داخل ٿيڻ گھرجي، مظفر بوزدار لکيو ته بلڪل انهن تي به ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي پر انهن کي سزا به ڏني وڃي، راسومل لکيو ته بلڪل ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي هنن جي غفلط جي ڪري ماڻھون مري ويندا آھن، مهاوير واسو لکيو ته بلڪل ڪيس داخل ٿيڻ گھرجي، ضرورت تي بجلي ناهي ملندي عوام کي پر برسات وقت هلائڻ جي ڪهڙي گهرج هوندي آهي، سجاد شيخ لکيو ته بلڪل سيپڪو ۽حيسڪو مٿان اهو قانون لاڳو ٿيڻ گهرجي، علي گل دايو لکيو ته جيڪڏهن نقصان ٿئي ٿو ته انهن تي به ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي، غلام قادر لکيو ته حيسڪو وارن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي، مزمل قادري لکيو ته سيپڪو ۽ حيسڪو وارن جي لاپرواهي جي ڪري به انساني جانين جو نقصان ٿيندو رهيو آهي، ڳوٺن ۾ ڪاٺين جي ٽيڪ تي تارون لڳل آھن، جلباڻي عرفان لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو ڪيس داخل به ٿيندو ته ڇا ڪنهن کي سزا ملندي؟ سڪندر بلوچ لکيو ته ذميوارن کي سزا ضرور ملڻ کپي جيڪي پرائيويٽ ماڻھن کان ڪم وٺن ٿا جنھن سبب ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي رھيون آھن، راشد مراد لکيو ته حيسڪو ۽ سيپڪو مٿان به ساڳيو قانون لاڳو ڪيو وڃي، علي گل دايو لکيو ته هميشه سيپڪو ۽ حيسڪو وارن جي نااهلي ۽ غفلت سبب ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿيون آھن، اصغر حسين لکيو ته بلڪل سيپڪو ۽ حيسڪو مٿان به اهو قانون لاڳو ٿئي حيسيڪو ۽ سيپڪو وارن جي لاپرواهي جي ڪري اڪثر بجلي بند رهي ٿي. عبدالحئي ساوند لکيو ته سڀني لاءِ قانون برابر آهي جتي به انساني جانين جو نقصان ٿئي اتي ڪيس ٿيڻ گهرجي، عبدالله جروار لکيو ته بلڪل ڪمپني جي بي ڌياني سبب جتي ڪرنٽ سبب ڪا فوتگي ٿئي ته ان جو پڇاڻو ڪمپني جي سربراهه کان ئي ٿيڻ گهرجي، گل حسن شر لکيو ته هر معاملي ۾ بهتري لاءِ ڪوشش ٿيڻ گهرجي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *