تازا ترين
  • *ڪراچي:احتساب عدالت قومي ناڻي کي 3 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ بابت ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو *احتساب عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مختيار ڪار سوڌو سمورن جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي *جوابدارن ۾ مختيار ڪار محمد سالڪ، عبدالعزيز، شاهد، واحد بخش، زمان، شاهد رضا شاهه ۽ لال محمد شامل *جوابدارن تي ملير ضلعي ۾ سرڪاريزمينن تي غير قانوني الاٽمينٽ جو الزام آهي:نيب*
  • *ڏوڪري ويجهو ناري مبينا طوراغوا ٿي وئي، وارثن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج *ڳوٺ جکرا واسين جو 18ورهين جي نوشاد عرف ريما چنو جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو *جوابدار رانجهن منگي ناري کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو، پوليس ڪارروائي نٿي ڪري: مظاهرين*
  • *بهاولنگر: سي ٽي ڊي جي عارف والا روڊ تي ڪارروائي، دهشتگرد گرفتار *ڪارروائي دوران العاعده سان تعلق رکندڙ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو: سي ٽي ڊي *دهشتگرد جي قبضي مان مختلف قسم جو خطرناڪ مواد هٿ ڪيو ويو: سي ٽي ڊي*
  • *سکر: سپيڪو جي ڊائريڪٽر فنانس پاران بجلي چوري ڪرڻ جو انڪشاف *ڊائريڪٽر فنانس سيپڪو جي بنگلي جي بجلي ورھين کان ڊائريڪٽ ھلڻ جو انڪشاف *امداد ميراڻي جي بنگلي ۽ اوطاق ۾ ڊائريڪٽ ڪنيڪشن لڳل ھئا: ڇاپا مار ٽيم جو انچارج *سيپڪو چيف جي هدايتن تي ڇاپا مار ٽيم جي گهوٽڪي ويجهو بجلي چوري خلاف ڪارروائي*
  • *آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ترڪي جي دفاع واري وزير جي ملاقات: آءِ ايس پي آر *ترڪ دفاع واري وزير علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي: آءِ ايس پي آر *ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي شراڪت داري ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي: آرمي چيف*
  • *لاهور: ايس ايس پي سيد جنيد ارشد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس *عدالت جوابدار جنيد ارشد کي وڌيڪ 10 نومبر تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو *جنيد ارشد تي عهدي جو ناجائز استعمال ڪرڻ جو الزام آهي: نيب*
  • *ڪراچي ۾ 5 هزار گيلن کان وڌيڪ پاڻي کڻندڙ واٽر ٽينڪرز تي شهر ۾ داخلا تي پابندي *ڊِي آءِ جي ٽريفڪ ملير، ڪورنگي، ايسٽ، ويسٽ جي ايس ايس پيز کي خط لکي ڇڏيو *شهر ۾ صرف 5 هزار گيلن پاڻي کڻي ويندڙ ٽينڪرز کي اجازت هوندي: ڊي آءِ جي*وڌيڪ وزن کڻندڙ ٽينڪرز حادثن جو سبب بڻجندا آهن: ڊي آءِ جي ٽريفڪ*
  • *همايون شريف ويجهو نينگري پاران مبينا آپگهات وارو معاملو *ڳوٺ وڏا ڏئيا واسڻ 17ورهين جي نيلم ڏئيو جي مبينا آپگهات جو ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس ورتو *پوليس نينگري جي والد خلاف ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو *نينگري جي وارثن سندس موت کي آپگهات قرار ڏنو هو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد گلبهار ڏئيو فرار*
  • *دولتپور صفن ويجهو قومي شاهراهه تي پراڊو گاڏي جي ٽڪر ۾ واٽهڙو پيرسن فوت *جوکيا موڙ وٽ حادثي ۾ پيرسن چڻو ولد کيڏو خان ڀٽي فوت ٿي ويو، لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو *پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو*
  • *هنڱورجا ويجهو سڳيون لنڪ روڊ تي ڦر دوران مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ٿي وئي *مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ڳوٺ مٺو خشڪ واسي سليم ولد امداد خشڪ نالي سان ٿي: ايس ايڇ او هنڱورجا *
  • *سبي: مٺڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي مزده ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 9 مسافر زخمي *حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو*
  • *پشاور: پارا چنار جي علائقي شلوزان ۾ ٽن ڄڻن جو قتل، 6 جوابدار گرفتار *گذريل ڏينهن ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هئا : ڊي پي او*
  • *راجنپور ۾ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جي ڊيلرن خلاف آبادگارن جو احتجاج، گڏهه ڪاهي ريلي ڪڍي وئي *آبادگارن زراعت کاتي جي عملدارن جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… بازارن، هوٽلن ۽ ٽرانسپورٽ ۾ رش آهي، ڇا ڪورونا رڳو تعليمي ادارن ۾ آهي جو انهن کي بند ڪيو پيو وڃي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ تي 22 تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويو آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ جي تعليم کي سازش تحت ختم ڪيو پيو وڃي، ڏيڍ مهيني ۾ ڪيس پاڻمرادو گهٽجڻ شروع ٿي ويا، هاڻ تعليمي ادارا کليا ته ڪورونا هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کڻڻ شروع ڪيو آھي ڇا ڪورونا فقط تعليمي ادارن ۾ آھي؟ هر هنڌ هوٽلن بازارن روڊن رستن ٽريفڪ ۾ ماڻهن جا هجوم آهن اتي ايس او پيز تي عمل نه پيو ٿئي پوءِ انهن کي بند ڇو نٿو ڪيو وڃي؟. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته لاپرواھي نه ڪرڻ گھرجي، ڪورونا اڃا ختم ناھي ٿيو، ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻ کپي، گلزار ملاح لکيو ته سنڌ جي تعليم کي سازش تحت ختم ڪيو پيو وڃي، ڏيڍ مهيني ۾ ڪيس پاڻمرادو گهٽجڻ شروع ٿي ويا، هاڻ تعليمي ادارا کليا ته ڪورونا هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کڻڻ شروع ڪيو آھي؟، عطاءُالرحمان قادري لکيو ته اسڪول ۾ ڀلي ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي پر هوٽل تي رش لڳي پئي آهي انهن کي بند ڪيو وڃي، سرمد ملاح لکيو ته تعليمي ادارا بند ھجڻ ڪري تعليم جو ٻيڙو ٻڏي ويو آھي تعليمي اداري سان لاڳاپيل اعلي عملدارن کي گھرجي ته اسڪول جلد کان جلد کولي ايس او پيز تي عمل ڪجي اسڪولن ۾ ٻارن جي گھڻائي ھجڻ ڪري شاگردن کي ايس او پيز جي قائدن کان واقف ڪجي جيئن ٻار علم جھڙي روشني پرائي سگھن، ڪورونا جھڙي وبا ڪري خاص ڪري اسانجي تعليم کي وڏو ڌچڪو اچي ويو آھي، عبدالله جروار لکيو ته تعليمي ادارن خاص طور تي اسڪولن ۾ جتي شاگردن جي گهڻائي آهي اتي ايس او پيز تي عمل ممڪن نه آهي. ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لاءِ ايتريون اسڪولن ۾ سهولتون موجود نه آهن. ساگر ايس جي لکيو ته پهرين ڳالھه سنڌ اندر اڳئي به تعليم جي حوالي سان سهولتون اڻلڀ آهن، حڪومت کي گهرجي ته جوڳا اپاءَ ڪن، تعليم ته اڳ ئي تباھه هئي،ايس او پي تي عمل به ڪجي پر هر هنڌ هوٽلن بازارن روڊن رستن ٽريفڪ ۾ ماڻهن جا هجوم آهن اتي ايس او پي ناهي، ناج خان لکيو ته ڪورونا ھڪ وبا آھي ۽ ان وبا جو علاج صرف ۽ صرف احتياط آهي ۽ اسان جي تعليمي ادارن ۾ سھولتن جي کوٽ آھي ۽ تعليم کاتي طرفان ڏنل ايس او پيز تي عمل به نه ڪيو ويو ھوندو، ايوب شر لکيو ته وڏي عرصي کان پو تعليمي ادارا کليا آھن ڇا ڪورونا فقط تعليمي ادارن ۾ آھي؟ خدارا سنڌ جي تعليم کي ائين تباھ نه ڪيو، آزاد لال حسين لکيو ته سنڌ جي تعليم اڳ ئي تباھه آهي، اسڪولن ۾ هٿرادو ڪيس جوڙي ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس ڦهلائڻ چاهن ٿا جيئن ٻيهر اسڪولن کي بند ڪري انهي جو سمورو بجيٽ هڙپ ڪجي، راسومل لکيو ته اسڪولن ۾ هن حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻه شفٽن ۾ ورهايا وڃن ادارن کي بند نه ڪيو وڃي ڇو ته پهريان ئي 6 مهينا نقصان ٿيو آهي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته حڪومت تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تحت پڙھائي جو بندبست ڪيو ئي ناهي ته پوءِ اڳواٽ ادارا کوليا ئي ڇو ويا؟ جيڪڏهن خانگي ادارا آھن ته انهن کي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ تي پابند بڻائي پوءِ اجازت ڏني وڃي ها، علي گل دايو لکيو ته ڪورونا سبب تعليمي نظام متاثر ٿيل آهي، محمد علي شر لکيو ته ايس او پيز تي ڦوٽو سيشن کان سواءِ عمل ئي نٿو ٿئي، شبير سهتو لکيو ته خدارا سنڌ جي تعليم کي مڪمل تباهه نه ڪيو ايس او پي تي مڪمل عمل ڪيو، خادم گهراڻو لکيو ته اسڪول کلڻ کان پوء ڪيترن ئي اسڪولن ۾ ايس او پيز تي عمل آهي پر جڏهن مڊل ڪلاسن جا ٻار ايندا ته عمل ڪرائڻ مشڪل هوندو، حبيب الله جمالي لکيو ته انهن ادارن جي خلاف ايڪشن کنيو وڃي ۽ انهن ادارن کي ايس او پيز جي تحت جلد کان جلد کوليو وڃي. مهاوير واسو لکيو ته اسڪول هلڻ ڏنا وڃن، فراز علي قادري لکيو ته ٻارن کي ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي ۽ انهن ماسڪ ۽ سينيٽائيزر فراهم ڪيا وڃن، عرفان چانڊيو لکيو ته وڏي عرصي کان پوءِ تعليمي ادارا کليا آھن خدارا اسان جي تعليم تباهه نه ڪيو، محمد اسحاق لکيو ته سنڌ جي اسڪولن ۽ ڳوٺن ۾ برساتن کانپوءِ گوڏي جيترو پاڻي ڪنھن کي نظر نٿو اچي، مزمل قادري لکيو ته جتي شاگردن جو تعداد گھڻو آھي اتي ايس او پيز تي عمل ايترو نه پيو ٿي جنھن ڪري اتي وائرس ظاھر ٿي رھيو آھي، سڪندر بلوچ لکيو ته اسڪولن ۾ تعليم کاتي پاران ڏنل ايس او پيز تي ٺري ميرواھ ۾ عمل درآمد نه ٿي سگھيو آھي سماجي وٿي ۽ ماسڪ سينٽائزر جو استعمال ڪٿي به ناھي ٿي سگھيو جڏھن ته مختلف پرائيويٽ اسڪولن نرسري جا به ڪلاس شروع ڪري ڇڏيا آھن جنھن سبب ڪورونا وڌڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آھي. جي ايم چانڊيو لکيو ته تعليم سان ملڪ ترقي ڪندو آهن جڏهن تعليم بند ڪئي وئي ته ملڪ پوئتي پئجي ويندو، عالم مصطفيٰ شاهه پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، غلام صديق شر لکيو ته نه شاپنگ مال تي ايس او پيز لاڳو آھي نه مال پڙين تي ايس او پيز لاڳو آھي پوءِ اسڪولن لاءِ ڇو ضروري آهي؟ راشد مراد چانڊيو لکيو ته پوين ٻن ڏينھن پهرين ڏٺو وڃي ته ڪراچي ۾ ريلي ۾ ھزارن جي تعداد ۾ ماڻھون روڊن تي ھيا ان مھل وائرس ڪيڏانھن ويل ھو؟ ھاڻي جڏھن ڪافي عرصي کان پوءِ تعليمي ادارا کليا آھن ته وائرس واپس اچي ويو آهي؟، ان کانسواءِ جي ڪي مشوري، سرفراز، غلام مصطفيٰ، عاقب نظاماڻي، اسد کوسو، سجاد حسين ويسر، فقير ڀنڀرو، ۽ ٻين پڻ سوال سروي سلسلي ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *