تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… اپوزيشن پارٽيون عوامي مسئلن جي حل بدران پنهنجي مفادن لاءِ گڏ ٿي رهيون آهن: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته آصف زرداري ۽ شهباز شريف ۾ ملاقات ٿي آهي ۽ اپوزيشن پارٽين جي اي پي سي ٿيڻ واري آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پ پ ۽ نواز ليگ وارا عمران خان حڪومت تي پريشر وجھڻ لاءِ گڏ ٿيا آھن جيئن پاڻ بچائي سگهن، عمران خان جي ايڪشن اپوزيشن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، اڳ مولانا فضل الرحمان سان گڏجي حڪومت خلاف مارچ ڪيو هو انهي وانگر ٻيهر آل پارٽيز ڪانفرنس وسيلي وري ڪا تحريڪ هلائيندا، جڏهن ته ڪراچي سميت پوري سنڌ ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آهي پر آصف زرداري ۽ شهباز شريف پنهنجي مفادن لاءِ ملاقاتون ڪن پيا ۽ اهي ڪڏهن به عوام جي مفاد لاءِ نٿا سوچن؟. ٿي سگهي ٿو اپوزيشن وارا پاڻ ۾ ملي عمران جي حڪومت کي ڪجھه سوڙهو ڪن، باقي اي پي سي ڪوٺائڻ جو مقصد پنهنجو پاڻ کي بچائڻ آهي عوام جي ڀلائي لاءِ گڏ ناهن ٿيا، ملڪ ۾ اٽي کنڊ سميت عام واهپي جي شين جا اگھه وڌي ويا آھن هنن کي عوام جي پرواهه ئي ناهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي الطاف پرويز ڀٽو لکيو ته عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، پنهنجي جان ڇڏايو واري ملاقات هئي، عمران خان سميت هي سڀ ساڳئي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن ته عوام کان ڦرلٽ ڪيئن ڪجي، هي ملاقاتون نئين ڳالهه ناهن سڀاڻي وري عمران خان ئي ساڳين چهرن سان ملاقات ڪندو، محمد علي شر لکيو ته سڄي عمر ٻنھي پارٽين ھڪ ٻئي خلاف ڳالھائي عوام کان ووٽ ورتا آھن جڏھن ھنن جي اربين رپين جي جاچ ھلي رھي آھي رڳو حاضريون مليون اٿن ته ھن کي عوام ياد اچي وڃي ٿو، پ پ ۽ نواز ليگ وارا عمران خان حڪومت تي پريشر وجھڻ لاءِ گڏ ٿيا آھن جيئن پاڻ بچائي سگهجي. محمد مٺل چانڊيو لکيو ته ٻئي پارٽيون صرف پنهنجي مقصد لاءِ گڏ ٿيون آهن، عمران خان جي ايڪشن اپوزيشن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، فضل الرحمان ڪنڀر لکيو ته پنھنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ ھي سڀ ڊراما آھن ٻيو ڪجھه به ناھي اھي جيڪي ھڪ ٻئي تي الزام ھڻندا ھئا پر ڪرپشن لڪائڻ لاءِ گڏ ٿي ويا آهن، يار محمد هوت لکيو ته اهي ملاقاتون روز ٿينديون رهنديون آهن، انهن ملاقاتن جو جيڪو فائدو عوام کي ٿيو آھي اهو اوهان سڀني جي سامهون آھي، آزاد مڱريو لکيو ته زرداري ۽ شريف خاندان پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ هي ڊرامو رچايو آهي، اڳ مولانا فضل الرحمان سان گڏجي حڪومت خلاف مارچ ڪيو هو انهي وانگر ٻيهر آل پارٽيز ڪانفرنس وسيلي وري ڪا تحريڪ هلائيندا جيئن حڪومت ۽ نيب مجبور ٿئي، جڏهن ته ڪراچي سميت پوري سنڌ ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آهي پر آصف زرداري ۽ شهباز شريف پنهنجي مفادن لاءِ ملاقاتون ڪن پيا ۽ اهي ڪڏهن به عوام جي مفاد لاءِ نٿا سوچن؟. اشوڪ سمراٺ لکيو ته انهي ملاقات سان آصف زرداري سامهون آيو آهي، ٿي سگهي ٿو اپوزيشن وارا پاڻ ۾ ملي عمران جي حڪومت کي ڪجھه سوڙهو ڪن، باقي اي پي سي ڪوٺائڻ جو مقصد پنهنجو پاڻ کي بچائڻ آهي عوام جي ڀلائي لاءِ گڏ ناهن ٿيا. نيڪ محمد لکيو ته عوام مٿان مشڪل وقت اچڻ تي آل پارٽيز ڪانفرنس نه ٿي ڪوٺائي وڃي، باقي اپوزشن پارٽين تي ڪو برو وقت اچي ٿو ته پوءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي ٿي، اپوزيشن وارا بس آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائڻ تائين محدود ٿي ويا آهن، هنن کي ڪجھه اڳتي اچڻ گهرجي. علي رضا جمالي لکيو ته اهي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، شفيع ملاح لکيو ته ملڪ ۾ اٽي کنڊ سميت عام واهپي جي شين جا اگھه وڌي ويا آھن هنن جي آل پارٽيز ڪانفرنس صرف پنهنجي مفادن لاءِ ڪري رهيا آهن ته ڪيئن گڏجي سڏجي نيب ڪيسن کي منهن ڏجي؟ هنن کي عوام جي پرواهه ئي ناهي. يارمحمد مڱريو لکيو ته عمران کي نظر انداز ڪري آصف ذرداري ۽ شهباز شريف کي اقتدار ڏيڻ ڪو سٺو فيصلو نه هوندو، آل پارٽيز ڪانفرنس سان حڪومت تي ڪو به اثر نه پوندو، نوشاد خاصخيلي لکيو ته سڀ ڪو سمجهي ٿو ته هي سياسي اڳواڻن جون ملاقاتون ۽ آل پارٽيز ڪانفرنسون قوم جي ڀلائي لاءِ نه آهن صرف پنهنجي فائدي لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن، علي گوهر سومرو لکيو ته صرف انهن جا پنهنجا سياسي مسئلا حل ٿيندا، روشن داس لکيو ته اپوزيشن تمام بھترين قدم کنيو آهي اميد ته ملاقات کان پوءِ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪي اپاءَ ورتا ويندا، رزاق مستوئي لکيو ته هنن جون سدائين ڳالهيون ٻڌيون آهن انهن تي عمل ئي ناهن ڪندا. اسد انڍڙ لکيو ته عوام کي ان مان ڪو به فائدو ناهي، وحيد ڄامڙو لکيو ته سياسي پارٽين جي اي پي سي مان عوام ۽ ملڪ کي ته فائدو نه ملندو عوام ڀلي ڪيڏي به مصيبت ۾ ڦاٿل ھجي ان جي ھنن کي پرواھه ناھي ھوندي ھاڻي ڪرپشن ڪيسن کان بچڻ لاءِ اتحاد پيا جوڙن، راسومل لکيو ته ٻئي پنهنجي فائدي لاءِ گڏ ٿيا آهن، عاشق حسين لکيو ته جمھوريت جي بحالي لاءِ بھتر قدم سمجھون ٿا، اڳتي ھلي ان جا سٺا نتيجا نڪريندا. شبير سهتو لکيو ته ملاقات ۽ اي پي سي ملڪي مفاد ۾آهي، نااهل حڪمرانن کان ڇوٽڪارو ملندو، خادم گهراڻو لکيو ته اهو بهتر عمل آهي پر ڪرسي جي لاءِ نه هجي، محبتي مڪيش لکيو ته انهن ملاقاتن جو عوام کي ڪو به فائدو ناهي، احسان اسد شر لکيو ته الله ڪري ڪا اها اي پي سي ڪامياب ٿئي اڳ وانگر خواري نه ٿئي. مسرور شر لکيو ته اڳ م عمران ھنن جي خلاف ھو ھاڻي اھي عمران جي خلاف ٿيا آھن اھو سلسلو هلندو رهندو. سڪندر بلوچ لکيو ته پارٽين جون اي پي سي روز ٿينديون آهن افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته اھي صرف پنھنجي اقتدار جي لالچ ۾ عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهن، راجا مهر لکيو ته سڀ ڪو سمجهي ٿو ته هي سياسي اڳواڻن جون ملاقاتون ۽ آل پارٽيز ڪانفرنسون نه ڪي ملڪي مفاد ۾ نه ڪي قوم جي ڀلي لاءِ آھن پر هي سندن سياسي محنت ۽ جدو جهد صرف ۽ صرف پنهنجي سياسي ۽ ذاتي فائدي لاءِ ئي آھي. وحيد مستوئي لکيو ته اھا صورتحال سموري پنھنجي مفاد مقصد ڏانھن ويندي باقي ٻيو ڪجهه ناهي. فقير شيوا لکيو ته آصف زرداري ۽ شھبار شريف جي ملاقات ذاتي مفادن تي مشتمل آھي ان ۾ عوام جي ڀلائي جو ڪو مقصد نه آھي، عابد حسين شر لکيو ته هي پنهنجي ڪرپشن بچائڻ لاءِ هڪ ٻئي سان ملاقاتون پيا ڪن جڏهن ته غريب اڄ به ٻن ويلن جي ڳڀي لاءِ پريشان آھي. شبير جمالي لکيو ته لڳي ٿو ته جمهوريت خطري ۾ آهي، ان کانسواءِ عبدالصمد کوسو، مهاوير واسو، نثار پتافي، فريد گاجو، اعجاز احمد، جنيد زرين، گل حسن شر ۽ ٻين پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *