تازا ترين
  • *نئون ڪوٽ: ڪلوئي ويجهو زهريلو کاڌو کائڻ سبب 2 ڄڻن جي فوت ۽22 بيهوش ٿيڻ وارو مامرو *ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد صحت کاتي ٿرپارڪر جون ٽيمون ڳوٺ بچل سومرو پهچي ويون *نئون ڪوٽ: پي پي ايڇ آءِ ۽ ڊي ايڇ جون ڌار ڌار ٽيمن متاثر ڳوٺاڻن جو علاج شروع ڪري ڇڏيو *زهريلي ڏهي ۽ زهريلو کير پيئڻ سبب واقعو پيش آيو، عورت سميت 2ڄڻا فوت ٿي ويا آهن: ڳوٺاڻا*
  • *اسلام آباد: اي ٽي سي ۾ عدليا مخالف تقرير واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي *عدالت ڪيس مان دهشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *عدالت جوابدار افتخار الدين جي اپيل تي ڪيس سيشن ڪورٽ اماڻي ڇڏيو *جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري ڌمڪي واري تقرير تي افتخار خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو*
  • *جروار ۾ زبون حال هيلٿ سينٽر جي عمارت جي مرمت نه ٿي سگهي، شهرين جو احتجاج *هيلٿ سينٽر جي عمارت10 ورهين کان زبون حالي جو شڪار آهي: مظاهرين *2000۾ ٺهيل هيلٿ سينٽر جي عمارت کي 2010 جي برساتن نقصان پهچايو هو: مظاهرين*
  • *پشاور: صحت کاتي جي وزير تيمور جهگڙا پاران ليڊي ريڊنگ اسپتال جو دورو *صحت واري وزير زخمين جي عيادت ڪئي ۽ انتظامن جو جائزو ورتو *ايل آر ايڇ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي، زخمين لاءِ بهتر انتظام آهن: صحت وارو وزير*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ نيب آرڊيننس جي سيڪشن 17 ڊي جي اختيار وارو معاملو *عدالت ڪيس بابت سموريون اپيلون گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *اسان کي ڏسڻو آهي ته قانون جوڙڻ وقت قانون ٺاهيندڙن جي ذهن ۾ ڇا هو: ايڊووڪيٽ طارق *نيب جي قانون تحت وڌ کان وڌ سزا 14 سال ٿي سگهي ٿي: وڪيل طارق محمود*
  • *ڪراچي مان 39 مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل پليجاڻي واسي شاگرد گهر پهچي ويو *ڳوٺ رشيد ٽڳڙ واسي گولڊ ميڊلسٽ گلشير ٽڳر اوچتو گهر پهچي ويو، وارثن ۾ خوشي جي لهر پکڙيل *
  • *وزير اعظم عمران خان پاران پشاور ڌماڪي جي شديد مذمت *ڌماڪي ۾ قيمتون جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس آهي: وزير اعظم عمران خان *ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي صحتيابي جي لاءِ دعا ڪيان ٿو: وزير اعظم عمران خان*
  • *ڪنري ۾ گستاخ خاڪن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، فرانس خلاف نعريبازي *مختلف مختلف جماعتن پاران جامع مسجد کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *ڪنري: گستاخ خاڪن سبب سڄي دنيا جي مسلمانن جي دل آزار ٿي آهي: اڳواڻ*
  • *لاهور: شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ۽ مني لانڊرنگ ريفرنس *شهباز شريف کي جيل اختيارين پاران احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 6 ماڻهو فوت، انگ 6 هزار 745 ٿي ويو *ڪورونا جا وڌيڪ 773 ڪيس ظاهر، انگ 3 لک 29 هزار 375 ٿي ويو*
  • *مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف پاران پشاور ڌماڪي جي شديد مذمت *قرآن پاڪ جي تعليم دوران ڌماڪو ڪرڻ جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي: نواز شريف *واقعي تي شديد ڏک آهي، ٻارڙن جي والدين جو ڏک تمام وڏو آهي: نواز شريف*
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو *چانڊڪا پل وٽ هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب طارق علي چانڊيو زخمي ٿي پيو *نظر محلا واسي زخمي کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو *ڏيرا برادري سان تڪرار هلندڙ آهي، ڪجهه وقت اڳ ڌمڪيون به مليون هيون: مقتول جو ڀاءُ*
  • *پشاور: دير ڪالوني ۾ مدرسي ۾ ڌماڪو، 7 ڄڻا مارجي ويا، 77 کان وڌيڪ زخمي*ڌماڪي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري ۽ ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پهتل*مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: پوليس *ڌماڪي جي وقت مدرسي ۾ تدريسي عمل جاري هو: پوليس اختياريون *ڌماڪيدار مواد هڪ ٿيلهي ۾ رکيو ويو هو: آءِ جي ڪي پي *
  • * ڌماڪي ۾ 5 کان 6 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو: ايس ايس پي آپريشن *مدرسي ۾ هڪ شڪي شخص ٿيلهو رکي ويو هو: ايس ايس پي آپريشن *ڌماڪي جي وقت مدرسي ۾ تدريسي عمل جاري هو: ايس ايس پي آپريشن*
  • *پشاور: مارجي ويلن ۾ ڪوبه ٻارڙو شامل ناهي: آءِ جي ثناءُ الله عباسي *پشاور: ٽائيم بم ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو آهي: پوليس اختياريون *اسپتال آندل زخمين مان 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي: اسپتال ذريعا*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… اپوزيشن جو نئون اتحاد اختلافن جو شڪار: مولانا فضل الرحمان کي استعمال ڪيو پيو وڃي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته اپوزيشن پارٽين جي نئين سياسي اتحاد پي ڊي ايم جي سربراهي مولانا فضل الرحمان کي ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اپوزيشن جون وڏيون پارٽيون مولانا فضل الرحمان کي استعمال ڪرڻ چاهين ٿيون، پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهي مولانا فصل الرحمان کي ڏيڻ جي تجويز رڳو نواز ليگ ڏني آهي پيپلزپارٽي اهڙي تجويز ناهي ڏني جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته اهو اتحاد هاڻ ئي اختلافن جو شڪار ٿي ويو آهي، ڪيترن ئي ماڻهن اها راءِ ڏني ته مولانا فصل الرحمان کي ئي سربراهي ڏني وڃي ان سان بهتر نتيجا ملي سگهن ٿا. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته جيڪڏهن اپوزيشن جو مقصد پورو نه ٿيو ته مولانا فضل الرحمان کي قرباني جو ٻڪر بڻائيندا، گل حسن شر لکيو ته اتحاد ٺھندا ئي ڊهڻ لاءِ آهن اڳ به ڪيترا اتحاد ٺھيا، پ پ ۽ نواز ليگ اڳتي هلي ان اتحاد مان ڌار ٿي وينديون. مير خان چانڊيو لکيو ته ٻئي پارٽيون مولانا فضل الرحمان کي استعمال ڪنديون، عطاءُالرحمان قادري لکيو ته مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ بهتر نتيجا ايندا، جاويد هڪڙو لکيو ته نواز ليگ اهڙي تجويز ڏني آهي جڏهن ته پ پ ته مخالف آهي. حنيف رضا لکيو ته مولانا فضل الرحمان پهريون ڀيرو اقتدار کان ٻاهر آهي ان کي سربراهي ڏيڻ سان ڪو اثر نه پوندو حڪومت مدو پورو ڪندي، عبدالله جروار لکيو ته مولانا فضل الرحمان ۾ سربراهه ٿيڻ واريون صلاحيتون موجود آهن حڪومت خلاف ڀرپور تحريڪ هلائي سگهي ٿو. موهن لال لکيو ته مولانا فضل الرحمان تي ڪرپشن ثابت ناهي ٿي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته مولانا فضل الرحمان واري تجويز بهتر آهي، لالا اعجاز مهيري لکيو ته مولانا فضل الرحمان وٽ ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪارڪن آهن، هزار خان لکيو ته سربراهي ۾ وڏين جماعتن مان ڪا ھجي ھا ته بھتر اميد رکي سگھجي، قادر بخش ڪلوئي لکيو ته مولانا کي اڳيان ڪري سڀ ڀڄي ويندا، عبدالعليم کوکر لکيو ته مولانا فضل الرحمان کي ڦاسائن ٿا، جرئت علي چانڊيو لکيو ته هرهڪ کي پنهجي پيٽ ڀرڻو هوندوآھي ڪنهن کي ملڪ جي حالت جي پرواهه ناهي،علي گل دايو لکيو ته اهڙا اتحادي اڳ به ٺهيا ۽ ڊهيا آهن، شاهجهان کوسو لکيو ته حقيقي اپوزيشن ليڊر مولانا فضل الرحمان آهي، خيرمحمد ڇٽو لکيو ته اھا ساڳي اپوزيشن آهي جنهن ڪجهه وقت پھرين مولانا جو ساٿ نه ڏنو ھئو، نجيب سنڌي لکيو ته اتحاد اڳ به گهڻا ٺهيا نتيجو ناهي آيو، سليم رضا لکيو ته سينئر سياستدان ئي بھتر ڪم ڪري سگھن ٿا، محبتي مڪيش لکيو ته عوام کي صرف بيوقوف بڻايو پيو وڃي، محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته اتحاد جو چيئرمين ڪير به ٿئي پر اتحادين سان سچو هجي، الطاف بلوچ لکيو ته اها ڳالهه سمجهه کان ته ٻاهر آهي پي ڊي ايم جو سربراهه ڪيو پيو وڃي، سمير بروهي لکيو ته مولانا فضل الرحمان کي اسان تسليم نٿا ڪريون، عرفان علي لکيو ته نواز ليگ اهڙي تجويز ڏئي سٺو ڪيو آهي، شهبزاد خان لکيو ته مولانا فضل الرحمان کان سواءِ ٻي ڪا چوائس ناهي، سرفراز ساريو لکيو ته مولانا هڪ وڏي طاقت آهي، مهاوير واسو لکيو ته اها ڪاميٽي ٺهي آهي پر ان سان ٿيندو ڪجهه به نه، عبدالغفار خان لکيو ته هي اڳ وانگر مولانا فضل الرحمان کي رلائي ڇڏيندا، رزاق ڍاٽي لکيو ته جيڪڏهن اپوزيشن جو مقصد پورو نه ٿيو ته مولانا کي قرباني جو ٻڪر بڻائيندا، پارومل لکيو ته مولانا فضل الرحمان تجربيڪار سياستدان آھي سندس قيادت ۾ اتحاد نتيجا ڏيندو، پر پ پ ۽ نواز ليگ وارا وفا ڪو نه ڪندا. شير سهتو لکيو ته حقيقي اپوزيشن ليڊر مولانا فضل الرحمان آهي، ممتاز لکيو ته جيڪڏهن مقصد پورو نٿو ٿئي ته مولانا کي قربان جو ٻڪر بڻائيندا اپوزيشن وارا آساني سان وڃي ٻيو رستو گوليندا، يار محمد منڱريو لکيو ته هي اتحاد ٺهڻ کان اڳ ۾ به اختلافن جو شڪار ٿي ويو آهي، نريش ڪمار لکيو ته ڪو خاص فرق ڪو نه پوندو، حيدر بخش ساند لکيو ته اها ڪاميٽي جوڙڻ پنهنجو مفاد پورو ڪرڻ آهي انهن سڀني ۾ ڪير به ملڪ سان سچو ناهي، دادمحمد کنڊ لکيو ته مولانا فضل الرحمان وٽ افرادي قوت وڌيڪ آهي ان ڪري قيادت ان کي ڏني پئي وڃي، نارائڻ سنڌي لکيو ته سڀ پنهنجو پيا سوچين عوام جي ڀلي لاءِ ڪير به ميدان ۾ نه هوندو، ايم بي قادري لکيو ته انھي سان ڪجھه ڪو نه ٿيندو حڪومت ھن وقت مضبوط پوزيشن تي آھي، عتيق الرحمان، نياز ڪلوئي، حذب الله سومرو، غفور قريشي، سڪندر بلوچ، عبدالرحمان مگسي، ظفر رند، عمران پٺاڻ، اسحاق لاکو، علي نواز مري، حبيب الله جمالي، طيب ملاح، رجب علي، اسحاق مهيري، غلام مصطفيٰ، حافظ عيدل ڪنڀر، ابو محمد ٻرڙو لکيو ته مولانا بهترين سينيئر ساستدان آھي مولانا جي رهنمائي سان هلندڙ اتحاد بهترين نتيجا ڏيندو.ٿي سگهي مولانا هن نالائق حڪومت مان جان ڇڏائي ان کانسوا3 مولابخش سيال، عبدالرحيم اوڳاهي، اياز احمد، غلام مصطفيٰ، حسين بخش، عبدالله کوسو، وقاص ياسين، ذوالقرنين لنڊ، خان بلوچ، مسرور شر ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *