تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي ڪارڪردگي زيرو قرار: اليڪشن کانپوءِ چونڊيل نمائندا ڳوليا نٿا لڀن: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته اوهان پنهنجي ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي ڪارڪردگي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن پنهنجي تڪ مان چونڊيل ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي ڪارڪردگي زيرو قرار ڏيندي چيو ته اليڪشن کانپوءِ اهي وري تڪ ۾ نظر ئي نه آيا آهن، چونڊيل نمائندن ڪي به سهولتون نه ڏنيون آهن، اليڪشن وقت جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي به پورا ناهن ڪيا ويا، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي مراد چانڊيو لکيو ته ڄامشورو ضلعي سان ايم اين اي سردار سڪندر راهپوٽو، ايم پي اي پي ايس 82 سردار ملڪ اسد سڪندر، ايم پي اي پي ايس 81 گيانچند ايسراڻي ۽ پي ايس 83 تي ايم پي اي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه چونڊيل آهي پر هتان جي ماڻهن کي اهي چونڊيل نمائندا ڪڏهن به نظر نٿا اچن، ڄامشورو ضلعي جي ڪوهستاني پٽي جون زمينون ڪوڙن ڪاغذن ذريعي ڌارين حوالي ڪيون ويون آهن پر هتان جا چونڊيل نمائندا ان تي خاموش آهن، ان کانسواءِ ضلعي کي بنيادي سهولتون به ميسر ناهن، اڪثر علائقا سئي گئس ۽ بجلي جهڙي بنيادي سهولت کان وانجهيل آهن، هن شهر جا اهم چوڪ ۽ گهٽيون گٽر نالن جو ڏيک ڏين ٿيون، عبدالخالق سومرو لکيو ته اسان جو ايم اين اي مير عابد خان ڀيو اپوزيشن ۾ آھي، پر اسان جو ايم پي اي امتياز احمد شيخ حڪومتي نمائندو آھي، جنهن شهر جا ڪم ڪيا آهن، مسرور شر لکيو ته اسان جي تڪ خيرپور ميرس پي ايس 29 تي چار دفعا چونڊيل رفيق ڀانڀڻ ووٽ وٺڻ بعد نظر ئي ناهي آيو، تڪ ۾ پاڻي، گيس جا مسئلا آهن، ايم اين اي فضل شاهه جي ڪارڪردگي پڻ زيرو آهي، راجا رجب علي لکيو ته اسان جو ايم اين نواب يوسف، ايم پي اي سيد سردار شاهه آهي، پر انهن جي ڪارڪردگي اها آهي جو روڊ رستا ناليون تباهه آهن اسپتالون کنڊر بڻيل آهن، رسول بخش لکيو ته پي ايس 9 ڳڙهي ياسين تان اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني کٽيل آهن پر هن ترقياتي ڪم گهٽ ڪرايا آهن، شنڪر باغي لکيو ته اسانجي تڪ جو ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي صاحب آھي، جيڪو ڪاميابي بعد تڪ ۾ لڙي ئي ناهي آيو، واحد بروهي لکيو ته اسان جي تڪ ۾ پهريان ستار راڄپر 10 سال ايم پي اي هيو هاڻي مراد علي شاهه آهي پر سهولتون ناهن مليون، شوڪت خان لکيو ته اين اي 213 تي آصف زرداري ۽ پي ايس 37 تي عزرا چونڊيل آهن پر تڪ ۾ ڪي به ترقياتي ڪم ناهن ڪرايا ويا، ڪارڪردگي خراب آهي.اسپتالن ۾ سهولتون به ناهن ڏنيون ويون، اربيلو خان ۽ رضوان جان لکيو ته ڪي به سهولتون ناهن ڏنيون ويون، علي بلوچ لکيو ته پي ايس 63 تي شرجيل انعام ميمڻ جي ڪارڪردگي ڪجهه به ناهي، عبدالرسول لکيو ته اسانجي علائقي جي چونڊيل نمائندن غوٽ بخش خان مهر ۽ آغا سراج دراني کان عوام خوش ناهي، مسرور مشوري لکيو ته اسان جو ايم اين اي سيد جاويدعلي شاهه ۽ ايم پي اي پيار علي شاهه ووٽ وٺڻ بعد غائب ٿي ويا آهن، ڪارڪردگي زيرو آهي، عمران پٺاڻ لکيو ته پي ايس 21 تي علي نواز خان مهر گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي ڪي به سهولتون ناهن ڏنيون، ظفر حسين رند لکيو ته گذريل 12 سالن کان اسان جي تڪ جو ايم اين اي روشن جوڻيجو آھي جيڪو رڳو اليڪشن جي وقت نظر ايندو آهي، ايم پي اي شاهد ٿهيم آھي جنهن به ڪم ڪار گهٽ ڪرايا آھن پر هر هفتي عوام اڳيان پيش ٿيندو آھي. خادم گهراڻو لکيو ته اسان وٽ ايم پي اي ضياءُ عباس شاھه پي ايس 61 ٽنڊوالهيار تي آهي جنهن نصرپور کي تعلقي ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر عمل اڃا ناهي ڪيو، واحد چاچڙ لکيو ته اسان جي تڪ جو ايم پي مراد علي شاھه آھي جيڪو پنهنجي تڪ ۾ بيدردي سان قتل ٿي ويل ناري وزيران ڇڇر جي تعزيت ڪرڻ به نه آيو، نصير احمد لکيو ته ايم اين اي ميرپور ساڪرو شمس نساءَ ميمڻ 2 ڀيرا ايم اين اي ٿي چڪي آھي خبر به ناھي ڪٿي آھي لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي کي ٻيو ماڻھو نٿو ملي، گلشير سومرو لکيو ته اسان جي تڪ تان ذولفقار بھڻ ۽ ممتاز چانڊيو چونڊيل آھن جيڪي تڪ ۾ تڪ نه ايندا آهن نه وري سهولتون ڏيندا آهن، اياز احمد درس لکيو ته اسان جي تڪ جا ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي ۽ ايم پي اي امداد پتافي عوام جا ڪي به ڪم نه ڪيا آهن، ايم علي ڀٽو لکيو ته امتياز شيخ جي پنهنجي تڪ ۾ ڪارڪردگي سٺي آهي، صادق ساند لکيو ته بلڙي شاهه ڪريم ۾ هڪ روڊ جو ڪم سالن ۾ به مڪمل ناهي ٿيو ۽ چونڊيل نمائندا ڳوليا نٿا لڀن، ضياءَالدين هنگورجو لکيو ته اسان جي ايم اين اي شازيه مري ۽ ايم پي اي شمس الدين راڄڙ آھن هي ٻنهي کپرو تعلقي جي عوام کي ڪجهه به ناهي ڏنو، ڪارڪردگي سٺي ناهي. مهراڻ مل ميگهواڙ لکيو ته اسان جي تڪ ميرپورخاص جو ايم اين اي سيد نواز علي شاھه اليڪشن کٽڻ بعد غائب آهي، خالد وڪو لکيو ته شرجيل ميمڻ ۽ ايم اين اي طارق شاهه ڄاموٽ جي ڪارڪردگي اها آهي ته تڪ جي ماڻهن کي سڃاڻن ئي نٿا، محمد ابراهيم تنيو لکيو ته مير عابد خان ڀيو ۽ ايم پي اي شھريار خان مھر جي ڪارڪردگي اهڙي آهي جو علائقي کي دبئي ۽ سعودي بڻائي ڇڏيو آهي،ابو محمد ٻرڙو لکيو ته جيڪب آباد کان چونڊيل ايم اين اي محمد ميان سومرو جيڪو وفاقي وزير پڻ آھي سندس ڪارڪردگي زيرو آهي ٺل شھر ۾ 11 ھزار وولٽ جون تارون ڪرڻ روز جو معمول آهي، ايم پي اي ڊاڪٽر سھراب سرڪي به 2012 کان ھلندڙ 58 ڪروڙ روپين جي لاڳت جي واٽر سپلاءِ اسڪيم مڪمل ناھي ڪرائي سگھيو، 24 ڪروڙ روپين جي لاڳت جي ڊرينيج اسڪيم جو ڪم به شروع ناهي ٿيو، رميز حسين مري لکيو ته ايم پي اي قاضي شمس الدين راڄڙ ڪي به ڪم نه ڪرايا آهن،سلامت گپچاڻي لکيو ته اسان جي تڪ جو ايم اين اي آصف علي زرداري آهي ۽ايم پي اي عذرا فضل پيچوهو آهي، گپچاڻي شهر کي پيئڻ جي پاڻي سهولت ناهي ڏني، اسان جي ايم پي اي صوبائي صحت جي وزير عذرا فضل آهي جنھن اڃا تائين بيسڪ هيلٿ يونٽ گپچاڻي کي اپ گريڊ ناهي ڪيو، عارف حسين لکيو ته اسان جي تڪ ڳڙهي خيرو جو ايم پي اي مير ممتاز حسين جکراڻي واٽر سپلاءِ،نادرا آفيس ،گيس پريشر جو مسئلو حل ناهي ڪيو، سجاد حسين ويسر لکيو ته اسان جي تڪ جو ايم اين اي سيد فضل شاھ جيلاني، ايم پي اي پيار علي شاهه ،ايم پي اي ساجد ٻانڀڻ آھي تڪ جي عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي، منير احمد ملگاڻي لکيو ته اسان جي تڪ اين اي 200 تي پ پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري آھي جنھن تڪ جي ماڻهن کي ڪيتريون ئي سهولتون ڏنيون آهن، زوهيب جيهو لکيو ته اسان جي تعلقي رتوديرو جو چونڊيل ايم اين اي بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر تعلقي جي عوام جي سار ئي ناهي لڌي، ذوالفقار علي لکيو ته اسان جو تڪ پي ايس 39 ايم پي اي غلام قادر چانڊيو آهي جنهن جي ڪارگردگي بھترين آهي، اين اي 214 ايم اين اي سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي ڪارڪردگي سٺي ناهي، راسومل لکيو ته ٿرپارڪر جي ايم اين اي مهيش ملاڻي ۽ ٻيا جيڪي ايم پي اي آھن انهن مٺي شھر کا ٻاهر ڪم نه ڪرايو آھي روڊ ٽٽل آھن پيئڻ لاءِ پاڻي جي سهولت ناهي، حفيظ پلهه لکيو ته اسان جي تڪ تان چونڊيل ايم اين اي ذالفقار علي بھڻ ۽ ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو ڪجهه مخصوص ماڻھن کي نوازيو آهي انهن جي علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، نثار لغاري لکيو ته مسوڀرڳڙي تعلقو حيدرآباد ۾ طارق شاهه ڄاموٽ قومي اسيمبلي جو ميمبر آھي هن پنهنجي تڪ ۾ ڪو به نمايان ڪم ناهي ڪرايو، باغي حنيف لکيو ته اسان جي تڪ جو ايم پي اي تاج محمد ملاح ۽ ايم اين اي فھميده مرزا آھي جن اسان جي يو سي جھنڊو شاھ آھي جتي ھزارين ووٽرن جا ڳوٺ ٽنڊوباگو روڊ تي موجود آھن پر انهن کي ڪي به سهولتون ناهن ڏنيون، شربت جعفري لکيو ته اسان جي تڪ ۾ 10سالن کان وٺي ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو آھي، تڪ جو چونڊيل نمائندا شبير علي بجاراڻي، عابد سندراڻي، احسان مزاري آهن. جن هڪ ڪلو ميٽر روڊ به ٺهرائي ناهي ڏنو، بجلي جا ٿنڀا ناهن ڏنا ڪنڌڪوٽ جي عوام کي ننڌڻڪو ڇڏيو ويو آهي. اختيار ٻٻر لکيو ته اسان ته اليڪشن کانپوءِ پنھنجي تڪ جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي کي ڏٺوئي ناھي، سارنگ منير سومرو لکيو ته ايم اين اي ۽ ايم پي اي چونڊن کانپوءِ نظر ئي نه آيا آھن، عرفان عالماڻي لکيو ته اسان ته ڏٺا ئي ناهن ته ايم پي اي ۽ ايم اين اي هوندا ڪهڙا آهن، امجد ابڙو لکيو ته چونڊيل نمائندا رڳو اليڪشن جي وقت نظر ايندا آهن، ان کانسواءِ تنوير گبول، مظهر چنا، عرفان جروار، شڪور ڪيريو، سليم ٽالپر، محمود ڳاهو، دلبر بلوچ، خالد ڏنو مري، محمد جمن ساند، عبدالغفار اوڳاهي، خليل سومرو، نادر سومرو، عبدالمالڪ لاشاري، ذوالفقار علي، غلام رضا ميراڻي، موسيٰ لاشاري، عطاءُالله راڄپر، عبدالستار مهر، آفتاب پنهور، محمد اسلم ، علي نواز، وسيم شر، آدم خان جانوري، راجا رضا، پريم لوهاڻو، عبدالفتاح بهلڪاڻي، گلحسن اوڳاهي، مهتاب جمالي، ظفر، ناصر اڄڻ،دانش سومرو، غمگين، غلام مصطفيٰ قاضي، پير واڌل شاهه، زاهد علي ابڙو، عبدالله جروار، ذاڪر شاهه، نادر علي، محسن پتافي، عبدالعليم کوکر، حنيف رضا بلوچ، الطاف حسين، سعيد راڄپر، عبدالرسول شر، شعيب حسين چنا، سارنگ پنهور، مظفر بلوچ، دانيال ميمڻ، عباس ٻرڙو، عبدالحليم طاهري، عبدالله جروار، محمد رحيم کوسو، رفيق سومرو، منظور علي، غلام عباس، ڀرڳڙي، راجيش ڪمار، لطيف ابراهيم، نظر حسين، اربيلو خان، علي مير، اسدناز گپچاڻي، وحيد بروهي، سنتوش ڪمار، راجا حيدر ٿيٻو، روشن داس، سيد صنم علي، مڌن لال، ڪليم الله ڦل، غلام رسول چانڊيو، شوڪت حسين، محمد عرفان، محمد علي، نثار پيروزادو، احسان کوسو، نجيب سنڌي، ميهر دل، حسين بخش، سنڌي شهزاد، محرم قادر، وقار ٽالپر، احسان علي، سڪندر علي، اقبال چانگ ۽ ٻين پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *