تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… اسٽيل ملز ۽ ٻين ادارن جي نجڪاري نامنظور ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي ويندي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت اسٽيل ملز ۽ روز ويلٽ هوٽل سوڌو 19 ادارن کي فوري نجڪاري واري لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي جنهن سان لکين ملازم متاثر ٿيندا اوهان حڪومت جي ان عمل کي ڪيئن ٿا ڏسو؟جنهن تي اڪثر ماڻهن حڪومت جي ان عمل کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ان سان ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي ويندي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي محمد حسين لکيو ته ادارن جي نجڪاري ملازمن سان وڏو ظلم آھي، لکين ملازمن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي، اختيار علي لکيو ته عمران خان ھڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ وارو واعدو پورو ته نه ڪري سگھيو پر لڳي ٿو ھڪ ڪروڙ ماڻھو بيروزگار ضرور ڪندو، گلزار ملاح لکيو ته پورهيت دشمن فيصلو ڪيو ويو آھي، اسلام الدين ميتلو لکيو ته حڪومت جو اهو بلڪل غلط عمل آهي حڪومت کي گھرجي ته عوام کي رليف فراهم ڪري، عبدالله جروار لکيو ته واپارين ۽ ڪارخانيدارن ۽ سرمائيدارن کان ٽيڪس وٺي نٿا سگهن. هاڻ ادارا وڪڻي پوري ڪندا. فدا حسين لکيو ته حڪومت جي اھڙي فيصلي تي افسوس ٿئي ٿو مذمت ڪجي ٿي ملڪ جي ھينئر صورتحال اھا آھي ته بيروزگاري جي ڪري ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، اسان جي نظر ۾ اسٽيل مل سميت19ادارا جي نجڪاري سان بيروزگار اڃا وڌي ويندي، حذيف سنديلو لکيو ته اھو عوام دشمن فيصلو آھي جنھن کي عوام ڪڏھن به برداشت ڪونه ڪندو،عوام اهڙي فيصلي کي رد ڪري ٿو، روشنداس لکيو ته حڪومت ادارن جي نجڪاري ڪري غريب ملازمن سان ناجائزي ڪري رهي آهي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته حڪومتن پاران ادارن کي خانگائڻ جو سڌو مطلب هوندو آھي سندن نااهلي ۽ ناڪامي، سو وفاقي سرڪار به نااهل ۽ ناڪام ٿي چڪي آھي، پاڻ ادارا هلائڻ ۽ سنڀالڻ جي قابل ناهي رهي، هزار خان کوسو لکيو ته حڪومت جي عوام دشمن فيصلي کي رد ڪجي ٿو، عمران پٺاڻ لکيو ته ڪنهن اداري کي سواءِ ڪنهن عذر جي ٻي ڪنهن کي حوالي ڪرڻ مطلب پنهنجي ناڪامي چئي سگهجي ٿو،سيپڪو يا حيسڪو مان عوام تنگ آهي انهن کي بهتر ڪيو وڃي، نيڪ محمد لکيو ته ملڪ ۾ غربت ۽ مهانگائي عروج تي آھي ڇا ادارا نجڪاري ڪرڻ سان عوام کي رليف ملي سگهندو؟ امداد علي لکيو ته ھي حڪومت هر موقعي تي يوٽرن وٺندي آھي، هڪ ڪروڙ نوڪرين بدران لکين ماڻھو بيروزگار ڪيا پيا وڃن، نجيب سنڌي لکيو ته حڪومت جو اهو فيصلو درست آهي، عادل الاهي بخش لکيو ته بلڪل غلط عمل آھي، سڀ کان پهريائين اهو طئه ٿيڻ گهرجي ته انهن ملازمن کي ڇا ملندو؟ علي حيدر لکيو ته ن ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته حڪومت پنهنجي جاءِ تي اهو ڪم صحيح ڪيو آهي، عاشق دايو لکيو ته خطرناڪ صورتحال پيدا ٿيندي، وفاقي حڪومت خرچ گھٽائڻ بھاني ماڻھن کان روزگار کسي رھي آھي، زوهيب جيهو لکيو ته سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته آخر وفاقي حڪومت ڪرڻ ڇا ٿي چاھي؟ ديدار بلوچ لکيو ته وفاقي سرڪار روزگار جا واعده ته ڪيا پر افسوس انهن تي عمل نه ڪري سگهي بدقسمتي اها آهي جو روزگار ڏيڻ بدران عوام کي بيروزگار ڪري رهي آهي، مظفر بلوچ لکيو ته افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو هن حڪومت ته مهانگائي ڪرپشن ڪوڙ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، خادم گهراڻو لکيو ته غريب مسڪينن کي ڪڍڻ انهن کي بي روزگار ڪرڻ سراسر ظلم آهي، محمد مٺل چانڊيو لکيو ته آخري آسرو به ختم ٿي ويو جنيد زرين جمالي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، فدا حسين لکيو ته حڪومت جو اهڙو فيصلو ڪرڻ به مجبوري آهي، عرفان چانڊيو لکيو ته ڪجه به نه ٿيندو حڪومت غريب مسڪين مزدورن کان روزگار کسي رهي آهي، برڪت علي لکيو ته حڪومت صحيح فيصلو ڪيو آهي، مير خان مگسي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، مسرور شر لکيو ته بلڪل غلط عمل آهي اھا عوام سان ناجائزي آھي، اسان ان فيصلي کي رد ڪريون ٿا، خير محمد ڇٽو، مهاوير واسو، محمد شاهد راسومل لکيو ته اها ملازمن سان ناانصافي هوندي، گلشير سومرو لکيو ته حڪومت جي سراسري نا اھلي آھي ڪو ادارو صحيح نموني نٿي هلائي سگهي، محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته غريبن سان ظلم جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، فراز علي مغل لکيو ته حڪومت جيڪو به ڪم ڪري ٿي سو عوام جي نقصان لاءِ ئي ڪري ٿي، آفتاب مهر لکيو ته حڪومت نجڪاري جي آڙ ۾ ماڻھن کان روزگار کسڻ جي چڪر ۾ آھي. راشد مراد چانڊيو، وقار، محبتي مڪيش به حڪومتي عمل کي غلط قرار ڏنو، سجاد علي حاجاڻو لکيو ته ملڪ ۾ غربت ۽ مهانگائي عروج تي آهي ادارن جي نجڪاري ڪرڻ سان عوام کي رليف ملي سگهندو؟ حڪومت جو فيصلو قبول ناهي، عبدالغفار اوڳاهي ۽ وحيد مستوئي لکيو ته حڪومت جون جيڪي به پاليسيون رهيون آهن اهي هميشھ عوام دشمن رهيون آهن شريف بلوچ لکيو ته حڪومت غلط فيصلو ڪيو آهي. واضح رهي ته وفاقي حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز جي 9 هزار ملازمن کي گولڊن هينڊ شيڪ ڏئي ملازمتن مان ڪڍڻ واري فيصلي کانپوءِ پاڪستان اسٽيل ملز کي فوري نجڪاري واري لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته 4 بجلي گهر بلوڪي پاور پلانٽ، حويلي بهادر پاور پلانٽ، ننديپور پاور پلانٽ، گڊوپاور پلانٽ، فرسٽ وومين بينڪ، ايس ايم اي بينڪ، هائوس بلڊنگ فناس ڪارپوريشن، اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن، پاڪستان ري انشورنس ڪمپني،جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد، او جي ڊي سي ايل، ماڙي پئٽروليم لمٽيڊ، پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ، پاڪستان انجنئرنگ ڪمپني، هيوي اليڪٽرڪ ڪمپليڪس، سنڌ انجنيرنگ لمٽيڊ لاکڙا ڪول مائين، حيسڪو، سيپڪو،ڄامشورو پاور جنريشن ڪمپني، لاکڙا پاور جنريشن، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني جي پڻ نجڪاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *